خوشونت کان سعديه تائين… قسط-2

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-2

خوشونت کان سعديه تائين…

الطاف شيخ

سعديه ٻڌائي ٿي ته هن جي خشونت سان پهرين ملاقات عرب ڪلچرل سينٽر ۾ ٿي جِتي سندس ساهيڙي امينا احمد پنهنجي خطاطي (ڪيليگرافي) جي تصويرن جي نمائش ڪري رهي هئي. خشونت ان نمائش ۾ آيل هو. هو مون ڏي وڌيو ۽ مرڪندي چيو: Why are you so beautiful مون کلندي وراڻيو مانس ته: Because I am a beautiful person. هن مونکي ٻئي ڏينهن سندس گهر ”سجن سنگهه پارڪ“ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ آئون ان ڏينهن کان سندس گهر ايندي ويندي رهان ٿي. سندس فلئٽ منهنجي لاءِ امير، نامور ۽ بيڪار ماڻهن جي دنيا ڏسڻ جي دري آهي. خشونت جي هن فلئٽ تي مون ملڪ جي صدرن، اسيمبلي، ميمبرن، مذهبي رهنمائن، مفڪرن، آرٽسٽن، اديبن، شاعرن، سوداگرن، مظلوم عورتن، لالچي مردن ۽ خبر ناهي ڪهڙي ڪهڙي قسم جي ماڻهن سان ملاقات ڪئي. منهنجي خشونت سان ايڏي ته دوستي وڌي وئي جو هو مونکي ڪڏهن ڪڏهن گهمائڻ، ماڻهن جي گهرن ۽ پبلڪ فنڪشنن ۾ به وٺي هلڻ لڳو. سندس زال ڪنول به مونکي پسند ڪيو ٿي ان ڪري هن کي منهنجي خشونت جي بيڊروم ۾ وڃڻ تي به اعتراض نه هوندو هو. جيتوڻيڪ ٻين عورتن کي فقط اسٽڊي روم تائين محدود رکيو ٿي ۽ هر هڪ کي ڊنر لاءِ آڌر ڀاءُ نٿي ڪيو….“

هڪ دفعي سعديه اخبار وارن کي خشونت لاءِ ٻڌايو هو ته:

“We grew to share an incredible bond, a friendship that continue to nurture me intellectually & emotionally.”

سعديه ٻڌايو ته سندس خشونت سان دوستي تي ڪيترن کي ساڙ به رهي ٿو ۽ ڪيترا اهو الزام هڻن ٿا ته ”منهنجا اخباري ڪالم آئون نه پر خشونت لکي ٿو. دراصل ڳالهه اها آهي ته خشونت ۽ مونکي هن شهر دهلي ۽ اڙدو شاعريءَ سان پيار آهي. خشونت کي مسلمانن لاءِ دل ۾ همدردي آهي، خاص ڪري مسلمان عورتن لاءِ.“

ڪيترا پڙهندڙ شايد سوچيندا هجن ته هيءَ سعديه دهلي ڪير آهي. منهنجي عمر جا خاص ڪري ۽ ٽيهه چاليهه سال کن ننڍا سعديه جي ادبي فئملي کان چڱي طرح واقف هوندا جيڪي 1987ع تائين اڙدو جو مشهور ادبي ۽ فلمي رسالو ”شمع“ ڪڍندا رهيا. اسان ته اڃان ننڍن ڪلاسن ۾ پڙهندا هئاسين ته اسانجي ڳوٺ ۾ به شمع رسالو مشهور هو جنهن کان وڌيڪَ ان ۾ ايندڙ ”شمع معما“ جيڪي صحيح طرح ڀرڻ سان انعام مليو ٿي. هي انعام ان وقت جي حساب سان ڪافي وڏا هئا جو ڪنهن کي ڪو ٽيون انعام مليو ٿي ته به سڄي شهر بلڪه اوسي پاسي جي شهرن ۾ به وڏي هاڪ هلي ٿي.

وڏڙن کي اڪثر ڏسبو هو ته چانهه جي هوٽلن تي صحيح جواب لاءِ مٿا ڪٽ پيا ڪندا هئا. هڪ دفعي 1955ع ڌاري اسانجي هڪ عزيز ۽ سنڌي جي مشهور شاعر سائين عبداللطيف ساقيءَ جو به انعام نڪتو هو. سڀ کان گهڻو چرچو شاهي بازار جي هڪ درزيءَ جو هوندو هو جنهن جي دڪان تي هر وقت شمع معما جي صحيح حلن (جوابن) بابت گرما گرم بحث هلندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن چرچي ڀوڳ لاءِ کيس مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به گهرائيندو رهندو هو جو سندس گهر به اتي مخدومن جي بنگلي واري گهٽيءَ ۾ هو. مخدوم صاحب جن پهريون لُڪِ ۾ هڪ ڌارئين کي بيحد سنجيده لڳندا هئا پر هنن ۾ ادبي ۽ شعر و شاعري سان گڏ حسِ لطافت (Sense of Humor) به زبردست هئي. سندس وفات تائين آئون هنن وٽ پنهنجي والد صاحب گل محمد شيخ جيڪو هنن جو همعمر، کير شريڪ ڀاءُ ۽ دوست هو يا پنهنجي وڏي ڀيڻوئي ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ جيڪو هنن جو جنرل فزيشن هو، سان گڏ ويندو رهيس ۽ سندن شاعريءَ کان وڌيڪَ سندن وقتائتا چرچا ۽ مزاحيه جملا ٻڌي لطف اندوز ٿيندو هوس. سندن پهريون چرچو جيڪو اڃان تائين ياد اٿم ۽ اها سين اکين اڳيان ڦري رهي آهي، اڄ کان 61 سال اڳ جو آهي. انهن ڏينهن ۾ مخدوم اعجاز جي ڪوٽ ۾ سوئر ۽ ڪتن جي ويڙهه ٿيندي هئي جنهن کي ڏسڻ لاءِ شهر جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. هاڻ ثواب يا گناهه جو بحث نٿا ڪريون. انهن ڏينهن ۾ نه ٽي ويون هيون نه سئنيما هال، نه شراب خانا هئا ۽ نه جوا خانا، ماڻهن نه چوريون ڪيون ٿي ۽  نه خونريزون…. بس مهيني ڏيڍ ڪو سوئر جھلبو هو ته هن کي ڪتن سان ويڙهائڻ جو پڙهو ايندو هو ۽ ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ اها ئي هڪ وندر هوندي هئي. هڪ دفعي ڪو اهڙو طاقتور سوئر اچي ويو جنهن لاءِ چون ٿا ته راڻيپور جي پير موڪليو هو، سڀ ڪتا چٽ ڪري ڇڏيا پاڻ اهڙو ئي تازو نوبنو چڪر هڻي رهيو هو. ڪتن لاءِ شوقينن کي سڏ ٿيندا رهيا پر ڪو ڪتو موجود نه هو. مخدوم صاحب سندن ڀر ۾ ويٺل منهنجي والد صاحب ۽ ٻين  دوستن: قاضي عبدالعليم، الهه بچايو گاجڻي، محمد صديق گاجڻي، اسماعيل انصاري ڪِتابن واري ڏي ڏسي، شمع معما ڀريندڙ درزيءَ جو نالو وٺي چيو ته هاڻ ان کي هيٺ موڪلجي ته ويهي شمع معما ڀري. ان تي سڀني ٽهڪ ڏنا. بهرحال هي اڙدو رسالو ’شمع‘ سڄي کنڊ ۾ مشهور هو شمع رسالو دهلي مان ’شمع گهر‘ مان نڪتو ٿي جنهن ۾ رسالي جو ايڊيٽر يونس دهلوي (سعديه جو پيءُ) ۽ چيف ايڊيٽر يوسف دهلوي (سعديه جو ڏاڏو) رهيو ٿي. هي شمع گهر ”سردار پٽيل روڊ“ تي آهي جِتي 1957ع ۾ سعديه جنم ورتو. اڄڪلهه هن عمارت ۾ ”باهو جان سماج پارٽي“ جو هيڊ ڪوارٽر آهي.

سعديه اڄ ڪلهه انڊيا جي چڱي مشهور ليکڪا ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ آهي ۽ انگريزي اخبار ”هندستان ٽائيمس“ کان علاوه اڙدو جي اخبار ”فرنٽ لائين“ ۾ پڻ سندس ڪالم ايندا رهن ٿا. پاڻ اجمير جي خواجا غريب نواز ۽ دهلي جي حضرت نظام الدين اولياء جي پوئلڳ آهي. پاڻ پنهنجي پٽ سان گڏ رهي ٿي. 2009ع ۾ سندس صوفيزم تي ڪِتاب هار پرڪولنس وارن ڇپيو جنهن جو نالو آهيSufism: The Heart of Islam سندس  ٻيو ڪِتاب ”دي صوفي ڪورٽ يارڊ: درگاهز آف دهلي“ پڻ ساڳي پبلشر 2012ع ۾ ڇپيو.

خشونت سنگهه Not a Nice man to knowڪِتاب جيڪو سعديه کي منسوب ڪيو آهي ان ۾ سعديه لاءِ لکي ٿو:

“Dedicated to SadiaDehlvi, who gave me more affection and notoriety than I deserve.”

”مين ائنڊوومين ان ماءِ لائيف“ ڪِتاب ۾ خشونت هڪ سڄو چئپٽر سعديه تي لکيو آهي. سعديه دهلوي کان ڪنهن انٽرويو ۾ جڏهن اهو پڇيو ويو ته تون هڪ وقت ڪراچيءَ ۾ به رهي چڪي آهين توکي ڪراچي ۽ دهليءَ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ساڳيون لڳن ٿيون؟ سعديه وراڻيو هو ته: ”جي ها. منهنجو مڙس پاڪستاني هو. اسان اسلام آباد، لاهور ۽ آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ به رهياسين. منهنجي دماغ ۾ پاڪستان جون ڪيتريون ئي يادون آهن پر دهلي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪا ورلي هڪجهڙائي آهي. اڃان به لاهور کي دهليءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ٻنهي شهرن ۾ ڪجهه شين جي ساڳائيءَ جو احساس ٿئي ٿو…. ٻيو نه ته تاريخ جي خيال کان، آب هوا ۽ ڪلچر جي خيال کان! هونءَ ته پاڪستان ۾ رهڻ دوران پورو ٽائيم آئون مونجھاري ۽ ڊپريشن جو شڪار رهيس … مونکي ڪٿي به ڪا کليل جاءِ نه ملي جِتي مونکي پنهنجي وجود جي آزاد هجڻ جو احساس ٿي سگهي جيڪو انڊيا ۾ هر وقت رهي ٿو. دهليءَ جي ايئرپورٽ تي پير رکڻ سان مونکي فرحت اچي وئي ۽ رب جا شڪر ادا ڪيم ته چڱو جو منهنجي وڏن دهليءَ ۾ ئي رهي پوڻ کي ترجيح ڏني.

دهلي ڪي ناٿا ڪڇهه اوراقِ مصور ٿي

جو  شڪل  نظر  آئي تصوير نظر  آئي

بهرحال هِتي پاڻ خشونت سنگهه جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ته هو هڪ وڏو ارڏو ۽ بيباڪ ناول نِگار، ڪالم نگار، وڪيل، سياستدان ۽ صحافي هو جيڪو اڄ اسان کان جُدا ٿي ويو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڄ مذهبي انتها پسندي، لسانيت ۽ فرقيواريت جي باهه ۾ ٻرندڙ ”پاڪ هند“ ۾ سيڪيولرزم جي پرچار ڪندڙ هڪ وڏو وڪيل ۽ هندوستان ۽ پاڪستان وچ ۾ دوستي جي خواهش جو هڪ وڏو نالو هيءَ دنيا ڇڏي ويو آهي. بقول ذوالفقار هاليپوٽي (سنڌ جي جرنلسٽ) جنهن جي خشونت سان آخري ڏينهن ۾ مُلاقات ٿي ”خشونت سنگهه گهڻ رنگي ۽ گهڻ رخي طبيعت رکندڙ ماڻهو هو. سياسي ڪالم لکندو هو ته لڳندو هو ته سندس جهڙو سياسي تجزيي نِگار ورلي ڪو ملي. وري جنهن مهل ناول لکندو هو ته هن  جو خيال هن جو گهاڻيٽو، لهجو ۽ ٻولي پڙهندڙ کي سحر انگيز ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. هو جنهن مهل شخصيتن جا پروفائيل يا تعزيتي مراسله لکندو هو ته لڳندو هو ته هن جهڙو درد دل ۾ رکندر ڪو ماڻهو دهليءَ ۾ نه ملندو ۽ وري جنهن مهل هو پنهنجي محبوب شهر دهلي جي اپر ڪلاس سياستدانن، صنعتڪارن، سول سرونٽس ۽ ٻين جي منافقانه ڪردار، انهن جي سيڪس لائيف ۽ شهر ۾ ٿيندڙ ٻين گهوٽالن بابت بي رحم تبصرا ڪندو هو ته ماڻهو کيس بدتميز ۽ ڇڙواڳ رائيٽر سڏيندا هئا. بقول احمد نديم قاسمي جي

عشق  نه  ٿا  تو  نقطي  پي نقطا، بات سي بات نڪلتي ٿي

جب  هوا  عشق، تو آخري  دم  تڪ  ايڪ  هي  افسانا  چلا

خشونت ڇا ڇا نه لکيو. عورت، عشق، سيڪس، رومانيت، سياست، تاريخ، ثقافت … هن هر موضوع تي ڪيترائي شاندار ڪِتاب تخليق ڪيا. سندس بهترين ڪِتابن ۾ دي گڊ، دي بئڊ، ائنڊ دي ريڊيڪيولس، ايگونسٽ خشونت، دي ڪمپني آف وومن، دي پورٽريٽ آف ليڊي، ايبسوليوٽ خشونت سنگهه ۽ ٻيا ڪيترائي زبردست ڪِتاب شامل آهن. هن سان ماڻهن جا ”لو ـــ هيٽ“ (محبتن توڻي نفرتن) وارا لاڳاپا رهيا. ڪن کي هو بي انتها وڻندو هو ته ڪن هن کي The Last Pakistani living on Indian soilقرار ڏنو. هن جي پاڪستان سان پيار ڪري ڪيترا کيس پاڪستان جو جاسوس به سمجھندا هئا.

خشونت سنگهه گارين وارا چرچا ڀوڳ ڪرڻ کان مشهور هجڻ جي باوجود هن هڪ ڊسپلينڊ زندگي گذاري ۽ هر شيءِ عادت مطابق ڪيائين. زندگي جا آخري سال به هو صبح جو 4 بجي اٿندو هو ۽ صبح جو وقت لکڻ پڙهڻ ۾ لڳائين ٿي، منجھند جو آرام ڪيائين ٿي. روزانو 7 بجي گهرايل مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪيائين ٿي ۽ ٻه پيگ وسڪيءَ جا پيتائين ٿي پنهنجي هڪ مضمون ۾ هو لکي ٿو ته هو انڊين ڇو آهي؟

پنهنجي ئي ڪيل ان سوال جو جواب ڏئي ٿو ته: ”ان ڪري جو مونوٽ ٻي ته ڪا Choice آهي ئي ڪانه. آئون انڊيا ۾ ئي ڄائس سو انڊين ٿي پيس. جيڪڏهن ڌڻي تعاليٰ هن ڌرتيءَ تي پيدا ڪرڻ کان اڳ مونکان ان سبجيڪٽ تي صلاح مشورو ڪري ها ته آئون ضرور ڪنهن اهڙي ملڪ جي چونڊ ڪريان ها جيڪو اميريءَ ۾ وڌ هجي ها، آدم شماريءَ ۾ گهٽ هجي ها، شراب ۽ مختلف کاڌن تي بندش نه هجي ها ۽ مذهبي منافقت کان پاڪ هجي ها….“

خشونت سنگهه 1939ع ۾ جڏهن 24 سالن جو هو ته ”ڪنول مَلڪ“ نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين ۽ کيس هڪ پٽ راهول سنگهه ۽ هڪ ڌيءَ مالا سنگهه ٿي. سندس زالَ کانئس 13 سال اڳ 2001ع ۾ گذاري وئي. خشونت کي موت جو سوچي پريشاني ضرور ٿيندي هئي ۽ هن جي خواهش هوندي هئي ته هو چڙهي جُتي سوار ٿي وڃي ۽ ٻي جي محتاجيءَ کان بچيل رهي. ۽ واقعي ٿيو به ائين ئي. سندس پٽ راهول ٻڌائي ٿو ته خشونت آخر تائين ٺيڪ ٺاڪ ۽ پنهنجن پيرن تي هلندو رهيو. آخري ٻه ڏينهن هو ڪجهه دير سان ستو. وفات وري ڏينهن به پنهنجي روٽين مطابق صبح جو چئين بجي اٿيو ۽ صبح جو ستين بجي پنهنجي دل پسند وسڪي پيتائين ۽ نيرن ڪيائين. روز وانگر ان ڏينهن به اخبارون پڙهندو رهيو ان بعد ڪراس پزل (معما) حل ڪندو رهيو جن جو هن کي ڏاڍو شوق هو. هن جو ذهني توازن بلڪل فرسٽ ڪلاس هو ۽ پوءِ هڪ ۾ 15 منٽ هئا ته هن کي اوچتو دل جو دورو پيو ۽ سيڪنڊن ۾ ساه نڪري ويس.

2010ع ۾ موت بابت خشونت سنگهه جا لکيل ويچار بلڪل پڙهڻ جهڙا آهن: هو لکي ٿو ته: ”اسانجي گهرن ۾ موت جو ذڪر ڪو رولي ٿئي ٿو. خبر ناهي ڇو! جڏهن ته اسان مان هر هڪ اهو سمجھي ٿو ته موت کي اچڻو ئي اچڻو آهي ۽ اسانکي ڪيرائڻو اٿس. موت کان ڪو بچي نٿو سگهي جيئن ياس يگانا چنگيزيءَ چيو آهي ته ”خُدا ۾ شڪ هو تو هو، موت ۾ نهين ڪوئي شڪ“. ۽ هر هڪ کي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکڻ کپي.

”95 ورهين جي ڄمار ۾ آئون موت جو سوچيان ٿو. آئون موت بابت هر هر سوچيندو رهان ٿو پر ان جي پريشاني ۾ پنهنجي ننڊ نٿو خراب ڪريان. آئون انهن جو سوچيندو رهان ٿو جيڪي هن جهان مان هليا ويا آهن. ڪيڏانهن هليا ويا آهن؟ هينئر هو ڪٿي هوندا؟ مونکي انهن سوالن جا جواب نه آهن: توهان ڪيڏانهن ويندائو، مرڻ کانپوءِ ڇا ٿيڻو آهي. دل وندرائڻ لاءِ فقط عمر خيام جي رباعي ڌيان ۾ ايندي آهي.

“There was a door to which I found no key,

There was a veil through which I could not see,

Some little talk awhile of Me and Thee,

There seemed – and then no more of thee&Me”

خشونت پنهنجي هڪ مشهور ڪِتاب ”ڊيٿ ائٽ ماءِ ڊور اسٽيپ“ ۾ لکيو آهي ته: موت ڪنهن کي به معافي نٿو ڏئي. هن ان ڪِتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته: ”موت بادشاهه جي به ائين وَٺَ ڪندو آهي جيئن عام فقيرن، سنتن، ساڌوئن ۽ اوِتارن جي. موت جڏهن اچي ٿو ته هن کي نه جوانن تي قياس اچي ٿو نه پوڙهن مڙهن تي رحم. ان ڪري اسان مان هر هڪ تي لازم آهي ته جڏهن هو قهار سِر تي چڙهي اچي بيهي رهي ته بجاءِ ڊڄڻ ۽ ڪنبڻ جي مُرڪي ان جي آجيان ڪريون.“

مٿين ڪِتاب يعني ”موت منهنجي چائنٺ تي“ ۾ هُو وڌيڪَ لکي ٿو ته: ”آئون هڪ حقيقت پرست ماڻهو آهيان. ان ڪري موت بعد، جنم وٺي وري زمين تي موٽي اچڻ کي خام خيالي ٿو ڄاڻان، يعني هندن واري اواگون يا پُنر جنم ۾ مُنهنجو ڪو به ويساهه ڪونهي…. معنيٰ جيڪو هڪ دفعو ويو سو سدائين لاءِ ڇُٽو! دئٽس آل! ان کان علاوه آئون به چاچا غالب سان شامل راءِ آهيان ته:

هم ڪو معلوم هي جنت ڪي حقيقت ليڪن

دل  ڪو  بهلاني  ڪو  غالب  يه خيال اڇا هي

خشونت جي يارن دوستن ۽ محبوبائن جو هڪ وسيع ٽولو هو جنهن ۾ ملڪ جا صدر، وزير اعظم، چيف جسٽس، وڏا اداڪار….. شاعر…. موسيقار…. مصور ۽ عام شهري…. سڀ اچي ويا ٿي. هو ڳالهائڻ توڙي لکڻ جي معاملي ۾ بيباڪ اهڙو هو جو هڪ دفعي لکيائين ته: ”مونکي جيڪڏهن پنهنجن ويجھن دوستن جي فهرست ٺاهڻ لاءِ چيو ويندو ته انهن ۾ مٿين نالن ۾ منهنجي وفادار ڪتي سمبا جو نالو هوندو.“

خشونت ٻڌائي ٿو ته ”مون هڪ دفعي دلائي لاما کان پڇيو ته انسان کي موت کي ڪيئن منهن ڏيڻ کپي؟ هن مونکي mediation جو مشورو ڏنو. مونکي ڪو موت جو خوف ناهي ۽ ان کان ڊڄان ٿو. اهو ته هر صورت ۾ اچڻو آهي. جيئن ته ان تي مون ڪافي غور فڪر ڪيو آهي ان ڪري آئون ان بابت پريشان نه آهيان. بلڪه آئون ان لاءِ تيار آهيان جيئن اسد الله مرزا غالب لکيو آهي ته:

رَو مين هي رخشِ عمر، ڪهان ديکيي ٿمي

ني  هاٿ  باگ  پر  هين  نه  پا  رڪاب  مين

(عمر آهي جيڪا گهوڙي وانگر ٽاپيون هڻندي اڳيان پئي وڌي، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪٿي بيهي رهي. اسان جي هٿ ۾ نه هن جون واڳون آهن ۽ نه اسانجا پير ان جي رڪاب ۾ آهن.)

منهنجا سڀ همعمر جيڪي هتي انڊيا ۾ هئا يا پاڪستان ۽ انگلئنڊ ۾، سڀ هڪ هڪ ٿي گهليا ويا آهن. خبر ناهي ته سال ٻن کان پوءِ آئون به ڪٿي هوندس. موت کان ته ڊپ نه اٿم پر ان ڳالهه جو خوف ضرور اٿم ته ڪنهن ڏينهن پنهنجي اکين جو نور نه وڃائي وهان يا وڏي عمر ڪري لولو لنگڙو ٿي پوان ۽ ٻين جو محتاج ٿي رهان. آئون هونءَ ئي پنهنجي ڌي مالا تي ڪافي بار آهيان آئون هن تي وڌيڪَ بار نٿو ٿيڻ چاهيان.

منهنجي دل ۾ اها آس آهي ته موت مون وٽ ماٺ مٺوڙي ۾ اچي ۽ مونکي گهڻي تڪليف نه ڏئي. بس گھاٽي ننڊ مان ئي مونکي کڻي وڃي. ان جي اچڻ تائين آئون چاق چڱو ڀلو هجان ۽ هر ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ مشغول هجان. ڪرڻ لاءِ مون وٽ اڃان به ڪيترو ئي ڪم رهي ٿو. ڇا مونکي اهو ڪم پورو ڪرڻ جي مهلت ملندي. بهرحال پنهنجو پاڻ کي آئون ڊاڪٽر اقبال جو هي شعر ٻڌائي مطمئن ڪندو رهان ٿو:

باغِ بهشت سي مجهي حڪمِ سفر ديا ٿا ڪيون؟

ڪارِ  جهان  دراز  هي،  اب   ميرا   انتظار  ڪر

(اي ربَ تو جنت جي باغَ مان مونکي ڪڍڻ جو حڪم ڇو ڏنو؟ بهرحال هن دنيا ۾ منهنجو ڪافي ڪم اڃان رهي ٿو، هاڻ منهنجو انتظار ڪر.)

”سو آئون اڪثر ”بڙي ميان“ (پنهنجي رب کي وقت بوقت آئون ان نالي سان مخاطب ٿيندو آهيان) کي چوندو رهندو آهيان ته هاڻ ٿورو صبر ڪر مونکي اڃان هن دنيا ۾ ڪافي ڪم مڪمل ڪرڻو آهي. آئون انگريز شاعر ٽينيسن جي هنن سٽن تي يقين رکان ٿو:

Sunset and evening star,

And one clear call for me,

And way there be no moaning of the bar,

When I put out to sea…

Twilight and evening bell,

And after that the dark!

And may there be no sadness or farewell,

When I embark.”

دراصل آئون جين ڌرم جي ان فلسفي ۾ يقين رکان ٿو ته موت هميشه ملهائڻ گهرجي. جڏهن به مونکي مايوسي ۽ ڊپريشن ٿئي ٿي ته آئون ڪنهن شمشان گھاٽ جو رخ رکان ٿو جِتي مُڙدن کي سڙندو ڏسي پاڻ کي بهتر سمجان ٿو. اهو عمل منهنجي لاءِ ٿيراپيءَ جو ڪم ڪري ٿو. دراصل، مون ته پنهنجي قبر لاءِ ڪتبو به لکي رکيو آهي:

“Here lies one who spared neither man nor God

Waste not your tears on him, he was a sod

Writing nasty things he regarded as great fun

Thank the lord he is dead, this son of a gun.”

(هِتي اهو شخص دفن آهي، جيڪو جيستائين زندهه هو ته، نه پنهنجو پاڻ کي معاف ڪيائين، نه ڀڳوان کي بخشيائين! ان ڪري اهڙي بد مزاج ماڻهوءَ لاءِ پنهنجا قيمتي ڳوڙها ضايع نه ڪجو، هو هڪ نهايت گناهگار شخص هو، جيڪو پنهنجي فضول تحريرن کي ماڻهن لاءِ تفريح تصور ڪندو هو. ڀڳوان جا لک لک شڪرانا، جو هاڻي هو مري چڪو آهي ۽ اهو به سدائين جي لاءِ…..!“

بهرحال قبر جي ڪتبي لاءِ لکيل لفظ (epitaph) لاءِ ٻيا به ڪيترا اديب، شاعر مرزا قليچ بيگ کان سعادت حسين منٽو جهڙا وصيت ڪري ويا. سڪندر اعظم جي قبر تي ڪتبو آهي ته ”اهو شخص جنهن لاءِ سڄي دنيا به گهٽ هئي ان لاءِ هاڻ قبر ڪافي آهي.“ اسانجي مشهور راڳي ڪندن لعل سهگل وصيت ڪئي هئي ته ”منهنجو جنازو کڻڻ مهل منهنجي گاني جو رڪارڊ وڄائجو: جب دل هي ٽوٽ گيا، اب جي ڪر ڪيا ڪرين هم.“ هڪ حسابن جي ماهر Ludolph Van Ceulen جي قبر تي فقط هي انگ لکيل آهي:

3.14159265358979326846264338327950

مئٿس جا شاگرد سمجھي ويا هوندا ته اهو انگ ڇا آهي؟ اها پاءِ جي Value آهي جيڪا هن ڊچ حسابدان لڊولف ايجاد ڪئي … جيڪا ٻن گولن (Circles) جي circumference جو سندن قطر سان ratioڪڍڻ لاءِ ڪم اچي ٿي. يا ڪنهن گول جي گهيري يعني circumference جي ماپ ڪڍڻ لاءِ گول (circle) جي قطر (diameter)کي هن  Pye سان ضرب ڏني وڃي ٿي.

گهڻو گهڻو اڳ 1943ع ۾، جڏهن خشونت 28 سالن جو هو ته هن پنهنجي موت جي خبر لکي هئي جيڪا سندس ڪهاڻين جي مجموعي ۾ “Posthumous” جي عنوان سان ڇپي هئي. ”ان مضمون ۾،“ خشونت ٻڌائي ٿو، ”مون اهو تصور ڪيو هو ته روزناما انگريزي اخبار ”دي ٽربيون“ جي پهرين صفحي تي منهنجي ننڍي فوٽوءَ سان گڏ منهنجي مرڻ جي خبر شايع ٿئي ته ڪيئن هوندي خبر جو عنوان هوندو: ”سردار خشونت سنگهه مري ويو.“ ان بعد ننڍن اکرن ۾ هوندو: ”اسان کي اهو اطلاع ڪندي ڏک ٿو ٿئي ته سردار خشونت سنگهه ڪالهه شام جو 6 وڳي مري ويو. پٺيان سوڳوار ۾ هن نوجوان زال، ٻه معصوم ٻار ۽ وڏو تعداد دوستن ۽ پرستارن جو ڇڏيو آهي. سندس جنازي تي ملڪ جا ڪيترائي اهم ماڻهو اچي گڏ ٿيا…..“ تقريباً ستر سالن بعد سندس وفات تي واقعي ملڪ جا اهم ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ دنيا ۾ رهندڙ انيڪ پرستارن کي سندس مرڻ جو ڏک آهي. سندس وفات تي انڊيا جي وزير اعظم منموهن سنگهه ٽويٽ تي ميسيج ڪيو ته خشونت سنگهه هڪ باصلاحيت مصنف ۽ پيارو دوست هو. هن واقعي هڪ تخليقي زندگي گذاري.

مشهور تاريخدان رام چندر لکيو آهي ته خشونت سنگهه پنهنجي سکن جي تاريخ جي ڪري ياد ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ اسان هن کي وساري سگهون ٿا پر هن جا ڪِتابَ ۽ سخاوتون هميشه ياد رکيو وينديون. مصنف امتياو گهوش خراج تحسين پيش ڪندي لکيو آهي ته عظيم مؤرخ، ناول نِگار، ايڊيٽر، ڪالم نِگار ۽ هڪ شاندار ماڻهو ”خشونت سنگهه“ جو موت هڪ بيحد افسوسناڪ خبر آهي.

خشونت سنگهه جي اها عجيب ڳالهه آهي ته هو سڄي زندگي نه رڳو چرچا ٻڌائيندو رهيو پر ماڻهن سان به ڪندو رهيو ـــ خاص ڪري عورتن سان! هونءَ ٻڌڻ وارا اهو به چوندا هئا ته خشونت جا ڪم ته ڪهڙا آهن پر ساڳي وقت وري تجسس ۾ به رهندا هئا ته هن فلاڻي يا فلاڻيءَ سان ڪهڙو چرچو ڪيو. جن ڏينهن ۾ پاڻ پارليامينٽ جو ميمبر هو تن ڏينهن ۾ فلم اسٽار نرگس دت به ميمبر هئي. نرگس جي تعزيتي نوٽ ۾ خشونت لکي ٿو ته: ”پارليامينت جي اجلاس ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي ويٺا هئاسين ته نرگس چيو: ”سردار جي! هو تنهنجو جيڪو بئنگلور وارو بنگلو آهي نه، ٿورن ڏينهن لاءِ ان جي چاٻي ته ڏي. آئون ٻارن سوڌو اوڏانهن گهمڻ لاءِ ٿي وڃان.“ چيومانس…. ”حاظر! پر هڪ شرط تي چاٻيون ڏيندس، چيائين: ”شرط قبول آهي،“ چيومانس: ”ته پوءِ مونکي اجازت هوندي ته پنهنجي ڪالم ۾ لکندس ته، نرگس … بئنگلور واري منهنجي بيڊروم ۾ منهنجي هنڌ تي….. آرام فرمايو هو.“

مختلف چرچا ٻين جي نالي ٻڌائڻ لاءِ هن ٻه خيالي ڪردار بانٽا سنگهه ۽ سانتا سنگهه ايجاد ڪيا هئا جن کي هر ڳالهه ۾ ٽنبيندو رهيو ٿي.

بانٽا سنگهه سانتا سنگهه کي چيو ته مون هڪ قسم جو ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو آهي جيڪو اسان انسان وانگر behaveڪري ٿو. ”ڪهڙي ڳالهه ۾؟“ سانتا سنگهه حيرت مان پڇڇيو. ”جڏهن  هو ڪا غلطي ڪري ٿو،“ بانتا سنگهه چيو، ”ته ان غلطيءَ جو ڏوهه ٻين ڪمپيوٽر تي هڻي ٿو.“ خشونت هڪ ٻيو لطيفو ٿو ٻڌائي ته :

  • انٽرويو جي دوران هڪ ائڪٽريس کان پڇيو ويو ته آيا هن جو ويجھڙائيءَ ۾ شادي جو ارادو آهي؟

نوجوان عورت انڪار ڪندي وراڻيو ته: ”آئون پنهنجي والده جي نقش قدم تي هلڻ چاهيان ٿي. آئون هن وانگر سنگل رهڻ چاهيان ٿي.

  • خشونت لکي ٿو ته: ننڍن ٻارن کي توهان هنن جي زندگيءَ جا پهرين ٻه سال واڪ ۽ ٽاڪ سيکاريو ٿا ۽ پوءِ توهان هنن کي 16 سال وهڻ ۽ ماٺ ۾ رهڻ جو حڪم ڏيندا رهو ٿا.
  • آئون خدا کان سائيڪل جي گهر ڪندو رهيس. پر پوءِ سمجهه ۾ آيم ته قدرت جو ڪاروبار ائين نٿو هلي آئون ويس ۽ هڪ سائيڪل چوري ڪري آيس ۽ پوءِ خدا کان ان گناهه جي معافي گهرندو رهيس.
  • روشني آواز کان تمام گهڻي تيز آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا ماڻهو بيحد ذهين نظر اچن ٿا ۽ پوءِ سندن ڳالهيون ٻڌي سندن اصليت جي خبر پوي ٿي.

اڄ کان نو سال کن اڳ دهليءَ ۾ خشونت سان  ملاقات دوران خبر ناهي ڪيئن دين ڌرم جي ڳالهه اچي نڪتي. ان شامَ جو ڪچهريءَ ۾ موجود هڪ خاتون جيڪا جرنلسٽ لڳي ٿي تنهن چيو ته ”سر! توهان جي لکڻين ۽ ڳالهين مان پڙهندڙ کي توهان بابت اهو اميج ملي ٿو ته توهان Agnostic (لا ادري) آهيو پر توهان جي لکيل ”سِکن جي تاريخ“ ڪِتاب مان توهان جو لاڙو سک ڌرم سان لڳي ٿو ۽ توهان جي قوميت پنجابي هجڻ جو اظهار ٿئي ٿو.“

دراصل ان کان اڳ Atheist (دهريو) جي عنوان سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ته مون کلندي چيو هو ته اسان جي ادبي دنيا ۾ دهريو سڏائڻ فيشن ٿي ويو آهي پر پوءِ مرڻ جي ويجھو پهچڻ تي اهي اڪثر وڏا مذهبي ٿي ويندا آهن ۽ هونءَ به ”بي آف بسڪي“ (انلگلنڊ جي ڀر واري خطرناڪ سمنڊ) يا سياري جي مند ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ ڪراس ڪرڻ مهل جهاز تي مونکي ورلي ڪو دهريو نظر آيو هوندو.

بهرحال ان رات اٿڻ وارا هئاسين سردار وسڪيءَ جو آخري پيگ چاڙهيو هو ۽ زبردست قرار ۾ هو. جواب ڏيڻ بدران اسانکي چتائي ڏسندو رهيو.

۽ پوءِ مرڪندي بلهي شاهه جو شعرُ چيو:

بلها! ڪي جانان مين ڪون؟

نه مين مومن وچ مسيتان

نه مين وچ ڪفر ديان ريتان

نه مين پاکان وچ پليتان

نه مين موسيٰ، نه فرعون

بلها! ڪي جانان مين ڪون.

خشونت سنگهه جي دلپسند شاعرن مان مرزا اسد الله غالب پڻ هو. سعديه دهلوي ٻڌائي ٿي ته ”سردار جي“ ڪڏهن غالب جو هي شعر به ٻڌائيندو هو.

هم وهان هين جهان سي هم ڪو ڀي

ڪڇه هماري خبر نهين آتي!

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments