خاص

دنيا ۾ ”لبيڪ ياحسين عه“ جون صدائون بلند

سڄي ملڪ ۾ 10 محرم الحرام مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو ۽ لکن جي انگ ۾ عزادارن ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عه ۽ ان جي جانثارن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن مان جلوس برآمد ڪيا ويا، جلوسن جي رستن تي هر هنڌ نياز ۽ سبيلن جو به اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي دين جا عالم ۽ ذاڪر پنهنجي تقريرن ۾ حضرت امام حسين عه جي عظيم ۽ روشن تعليم ۽ ڪربلا جي واقعي کي مخلتف رخن سان اجاڳر ڪندا رهيا. سخت سيڪيورٽي ۾ ماتمي جلوسن ۾ موجود عزادارن ماتم ۽ نوحه خواني ڪندي ڪربلا جي شهيدن تي ڪيل ظلمن کي ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙيا. يوم عاشور جي موقعي تي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان پنهنجي الڳ الڳ پيغامن ۾ چيو آهي ته حضرت امام حسين عه ۽ ان جي جانثارن جي شهادت ان ثابت قدمي ۽ صبر ۽ تحمل جي علامت آهي ته اسان کي سدائين حق سچ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.