بلاگ

رابرٽ يارڪز: آرميز الفا ۽ بيٽا ذهانت جي امتحان جو باني جوکيو جسارت الياس سنڌي May 2021

ذھني چڪاس ۽ جائزي جو تعلق جھڙي ريت، تعليم جي شعبي سان آھي، بلڪل اھڙي ئي ريت ان جو ڳانڍاپو علم نفسياتPsychology  ۽ علم الانسانAnthropology  سان به آھي. انساني ذھانت تي ڪم ڪندڙ جن سائنسدانن، پنھنجا نظريا ۽ قانون ڇپرائي، سائنس جي مختلف شاخن لاءِ، پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي، تحقيقي ۽ تخليقي ايجادون ڪيون، انھن مان آمريڪا سان تعلق رکندڙ، تقابلي نفسيات جو ماھر رابرٽ يارڪز (26 مئي 1878ع 3 فيبروري 1956ع) به ھڪ آھي. جنھن کي نه صرف پھرين عالمي جنگ ۾ وڙھندڙ آمريڪي فوجين کي چونڊڻ لاءِ مختلف امتحاني طريقن کي ايجاد ڪرڻ جي حوالي سان ڄاتو وڃي ٿو پر، ھو پنھنجي تخليق ڪيل يارڪز- ڊاٽسن قانون ۽ ذھني چڪاس جي ٻين انيڪ تخليقي ڪمن جي ڪري به تعليم ۽ نفسيات جي شعبن ۾ جڳ مشھور آھي. يارڪز 1902ع ۾ ھارورڊ يونيورسٽيءَ مان، نفسيات جي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ساڳئي ئي اداري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. جيتوڻيڪ سندس گريجوئيشن ته بايولاجيڪل سائنسز ۾ ٿيل ھئي، پر جانورن جي روين کيس 1897ع ۾ نفسيات جي مطالعي ڏانھن راغب ڪيو. جنھن بعد ھن نفسيات جي علم ۾ مختلف جانورن (خاص ڪري انساني نسل جي حياتياتي خاندانPrimates  يعني ڀولڙن ۽ گوريلن وغيرہ) جي روين کي پاڻ ۾ ڀيٽيو. جنھن جي ڪري کيس تقابلي نفسيات جي شعبي جي شروعاتي ماھرن ۾ مشھور سائنسدان طور ليکيو وڃي ٿو. ھونئن ته سندس ڪم جامع آھي، پر سندس شايع ٿيل ڪجھ مقالن سائنسي دنيا کي نوان موضوع ڏنا، جن ۾ 1907ع ۾ ڇپيل “دي ڊانسنگ مائوس” (انساني روين بابت ھڪ تحقيق)، 1911ع ۾ لکيل “نفسيات جو تعارف” ۽ 1920ع ۾ شايع ٿيل “آرمي مينٽل ٽيسٽز” وغيرہ شامل آھن.

1900ع جي پھرين ڏھاڪي ۾ آمريڪا عالمي جنگ ڪرڻ جي ارادي سان مڪمل تيارين ۾ مصروف ھو، جنھن جي ڪري ھارورڊ يونيورسٽي ۽ آمريڪن سائيڪالاجيڪل ايسوسئيشن (جنھن جو يارڪز ان وقت چيئرمن ھو) کي گڏيل طور ھڪ اسائمينٽ ملي ته جلد از جلد، ھنگامي بنيادن تي ھزارن جي تعداد ۾ قابل ۽ ڄاڻو فوجين جي بھترين چونڊ ڪرڻ واسطي ڪي سٺا طريقا ڏَسيا وڃن. ان ڪم جي جڏھن رابرٽ يارڪز کي سُڌ پھتي ته ھن پنھنجي ساٿين ۽ ٻين سان رابطا ڪري، پنھنجي موجودگي جو کين احساس ڏياريو ته وٽس ڪجھ اھڙا طريقا موجود آھن، جن جي ذريعي ھو تمام گھٽ وقت ۾ قابل، ذھين، دلير ۽ طاقتور فوجي چونڊڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو. ايئن کيس موقعو مليو ۽ ھن ٽيسٽن جي مختلف نمونن کي ٺاھي “آرميز الفا ٽيسٽ ۽ آرمي بيٽا ٽيسٽ” جا نالا ڏيئي، اعليٰ فوجي اختيارين آڏو پيش ڪيو، جنھن تي فورن انھن ٽيسٽن ۽ امتحاني طريقن کي آزمائشي عملPilot Testing  مان گذاري، سٺا نتيجا ملڻ تي منظور ڪيو ويو. اھڙيءَ ريت آرمي الفا ۽ بيٽا ٽيسٽن ذريعي ھڪ ملين کان وڌيڪ فوجين کي پھرين آمريڪا ۾ ۽ پوءِ ٻين ملڪن ۾ به چونڊيو ويو. فوج ۾ چڪاس جا امتحان ۽ اميدوارن جو ذھني، تعليمي، اخلاقي، جسماني، سماجي، دماغي ۽ نفسياتي معيار جاچڻ جا اڄ جيڪي به طريقا عام آھن، انھن مان اڪثر طريقن کي آرميز الفا ۽ بيٽا ٽيسٽن جي نظرئي مان ئي ٺاھيو ويو آھي. ڪافي ملڪن ۾ ته اڄ به ساڳيون، الفا ۽ بيٽا ٽيسٽون رائج آھن. اچو ته آرمي الفا ۽ بيٽا ٽيسٽن تي وڌيڪ روشني وجھون.

آرميز الفا ۽ بيٽا ٽيسٽون ٺاھيندڙ سٿ ۾ آرٿر اوٽيز ۽ ليوس ٽئرمين جھڙا ماھر نفسيات به شامل ھئا، جن پنھنجي استاد رابرٽ يارڪز جي اڳواڻيءَ ۾ محنت سان گڏجي ٻه مختلف ذھني چڪاس ڪرڻ جا طريقا يعني آرميز الفا ۽ بيٽا ٽيسٽ تيار ڪيا. اھي ٻئي ٽيسٽون دنيا جي ملٽري تاريخ ۾ پھريون ٽيسٽون ھيون، جيڪي ڪنھن به فوجي نوڪري ۾ ڀرتي جي طريقي طور استعمال ٿيون. ياد رھي ته ان کان اڳ دنيا ۾ ڪڏھن به ايڏي وڏي تعداد ۾ فوجين کي ڀرتي ڪرڻ جي ضرورت ڪونه آئي ھئي ۽ صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ بعد ھي اھو پھريون ڀيرو ھو جو لکن جي تعداد ۾ عام ماڻھن کي دعوت ڏيئي، ڪنھن مخصوص ذھني چڪاس جي مرحلي مان گذاري، صرف قابل ماڻھن کي “فوجي” ٿيڻ خاطر چونڊيو پئي ويو. آرمي الفا ٽيسٽ حقيقت ۾ ھڪ لکت جو امتحان ھئي جيڪا “پڙھيل لکيل” اميدوارن کان جڏھن ته آرمي بيٽا ٽيسٽ اڻ پڙھيل يا انگريزي نه ڄاڻندڙ اميدوارن کان نشانين کي سڃاڻڻ ذريعي يا صرف زباني امتحان وانگر ورتي ويندي ھئي. ان ڪري آرميز الفا ٽيسٽ ۾ ھڪ ئي وقت ڪيترائي (اندازن 100 کان 200) ماڻھو زمين تي ويھي 40 کان 50 منٽن جي مخصوص وقت ۾ امتحان ڏيندا ھئا ۽ جيڪي فيل ٿيندا ھئا انھن کي وري اڳتي بيٽا ٽيسٽ جي مرحلي مان گذرڻو پوندو ھو. بيٽا ٽيسٽ ۾ گھٽ گروھن ۾ يا وري ھڪ گروھ ڪري 50 کان 60 منٽن تائين (اندازن 50 کان 60) اميدوار امتحان ڏيندا ھئا. انھن ٽيسٽن جا چوڌاري چوٻول ان ڪري ٿيا جو ڪجھ قيدي فوجي جڏھن ٻين ملڪن ۾ جھلجي پيا ته انھن مارڪُٽ جي ڊپ وچان سندن ڀرتيءَ کان وٺي تربيت تائين جا سڀ ڳجھا تفصيل ٻڌايا. جنھن ڪري اھي ٽيسٽون آمريڪا کانپوءِ دنيا جي ٻين ملڪن جي پھرين فوجي ادارن ۽ بعد ۾ سول ادارن ۾ به مقبول ٿي ويون.

لکين ماڻھن جي ذھني قابليت ڄاڻڻ جو اوزار:

توڙي جو دنيا ۾ تعليمي ميدان ۾ ذھني چڪاس ۽ جائزي وٺڻ جو رواج ته ھن کان اڳ به ھو، پر ھڪ اھڙي ٽيسٽ تيار ڪرڻ جنھن ذريعي ڪنھن خاص معرڪي ۾ ھڪ ئي وقت حصو وٺندڙ سَوَن جي تعداد ۾ اميدوارن کي چونڊي سگھجي، اھو ھڪ نئون مرحلو ھو. جنھن ڪري رابرٽ يارڪز لاءِ به ايترن اميدوارن جي ذھني قابليت جي ھڪ ئي وقت بھتر چڪاس ڪرڻ ھڪ وڏو “سائنسي مسئلو” ٿي پيو، جنھن لاءِ ھن کي ڪو اھڙو اوزار ايجاد ڪرڻو پيو، جنھن کي استعمال ڪري سوين يا ھزارين اميدوار ھڪ ئي وقت ۾ پنھنجي قابليت ڏيکارين. نيٺ ھن پنھنجي تجربي آڌار پنھنجي ئي ذھانت استعمال ڪئي ۽ اھڙو اوزار ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ماضي جي تعليمدانن ۽ نفسيات جي عالمن جي مطالعي ۽ جديد صورتحال جي پيش نظر تحقيقي اڀياس کانپوءِ ھن الفا ۽ بيٽا ٽيسٽون ٺاھيون.

آرمي الفا ۽ بيٽا ٽيسٽن ۾ ڪھڙي قسم جا سوال شامل ھئا؟

الفا ٽيسٽ ۾ ڪل 212 صحيح/غلط يا وري مختصر معروضي سوال شامل ھئا جن کي ھيٺين اٺ مختلف اسڪيلن ۾ ورھايو ويو ھو.

  1. زباني ھدايتون، ان ۾ مختلف عام فھم ھدايتن تي عمل ڪرڻ جو جائزو شامل ھو.
  2. رياضي ۽ حسابن جي مسئلن وارا سوال ۽ ڳجھارتون.
  3. عملي مسئلن جا فيصلا.
  4. ھم معنيٰ لفظ ۽ انھن جا ضد.
  5. بي ترتيب جملا.
  6. عددي ترتيب.
  7. محاورا، چوڻيون ۽
  8. عام معلومات جا سوال شامل ھئا. مثال: الفا ٽيسٽ جي سوال نمبر 18 جي 8 سيڪشن ۾ ھي لکيل آھي.

Valvet Joe appears in advertisement of….. (tooth powder)

(dry goods) (tobacco) (soap).

آرمي بيٽا ٽيسٽ ۾ تصوير، عڪس يا نشانين تي مشتمل مختلف سوال شامل ھئا جن ۾:

  1. ياداشت
  2. ملندڙ جلندڙ تصويرون
  3. تصويرون پوريون ڪرڻ
  4. ٽڪنڊا، گول يا ٻيون جاميٽري جون شڪليون ٺاھڻ وغيرہ يعني صرف چار چڪاسي سوالن جا اسڪيل شامل ھئا. عام اڻ پڙھيل ماڻھو يا اھڙو اميدوار جنھن جي مادري ٻولي انگريزي کان علاوہ ڪا ٻي ھئي، اھو به آرام سان بيٽا ٽيسٽ حل ڪري سگھندو ھو. جيڪڏھن ڪو اميدوار ان ٽيسٽ ۾ ناپاس ٿيندو ھو ته ان کي ڪجھ ڏينھن بعد وري به الفا ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ موقعو ڏنو ويندو ھو.

ٽيسٽ اميدوارن جون ڪئمپون:

انھن ٽيسٽن کي ضرورت آھر ڳچ ڀيرا لکين اميدوارن کي سڏ ڪري اڄڪلھ ٿيندڙWalk in Interview  وانگر رکيو ويندو ھو، پر سڀ کان پھرين ان جي شروعات 11 نومبر 1918ع تي ٿي. ان ڏينھن نفسياتي ماھرن جي ٽيم جنھن ۾ 120 آفيسر ۽ 350 ملازم ۽ 500 کان مٿي ڪلارڪ شامل ھئا، انھن 35 مختلف ڪئمپن ۾ ھزارين اميدوارن کان اھي ٽيسٽون ورتيون. يوئڪُم (1920ع) مطابق 1,726,966 سپاھين ۽ 41 ھزارن کان وڌيڪ آفيسرن اھو امتحان ماھرن جي نگرانيءَ ۾ ڏنو. ياد رھي ته اھي ٽيسٽون آمريڪا کانپوءِ گڏيل ھندستان جي مختلف شھرن جھڙوڪ: ممبئي، ڪلڪتو، ڪراچي وغيرہ ۾ به انگريز سرڪار پاران عالمي جنگ لاءِ پنھنجي فوج ڀرتي ڪرڻ وقت ورتيون ويون ھيون.

الفا ۽ بيٽا ٽيسٽن جا نتيجا:

آرميز الفا ۽ بيٽا ٽيسٽن جي نتيجن کي سھيڙڻ بابت جيتوڻيڪ ان دور ۾ شمارياتي جائزو وٺڻ ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ايترو گھڻو ڪونه ھو، پر وري به ھڪ ملين کان وڌيڪ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي فوجي اميدوارن جي کنيل مارڪن تي دماغ ۽ ھٿ سانmanual  ڳڻپ ۽ بحث مباحثا ڪري نتيجا اخذ ڪيا ويا، جن مان اھا پروڙ پئي ته آمريڪا جي ماڻھن ان ۾ سٺيون مارڪون کنيون. جڏھن ته ڏکڻ ۽ اولھ يورپ جي اميدوارن گھٽ مارڪون کنيون. اھڙيءَ ريت اتر يورپ جي اميدوارن انھن کان بھتر ذھانت ڏيکاري. رابرٽ يارڪز ۽ ان جي دوست يوئڪُم 1920ع ۾ ڇپيل ھڪ مقالي ۾ انھن امتحانن ۾ پاس ٿي، مختلف گريڊ کڻندڙ فوجين بابت ھڪ جدول نما پڌر نامون به جاري ڪيو، جنھن ۾ اھو ڏيکاريو ويو ته ڪل اميدوارن مان صرف 4 کان 5 سيڪڙو اميدوار ذھانت ۾ سڀني کان وڌيڪ تيز ۽ ڀَڙ ھئا، جن کيA  گريڊ ڏنو ويو، اھڙي ريت 8 سيڪڙو، 15 سيڪڙو، 25 سيڪڙو، 20 سيڪڙو ۽ 15 سيڪڙو اميدوارن کي ترتيبوار ذھين B، ذھين سراسري C+، سراسري C، سراسري ذھانت کان گھٽ يعني ڪاٽوC  ۽ گھٽ ذھينD  گريڊ ڏئي، جائزي جي پيمائش ۾ جاچيو ويو. سندن بقول انھن اميدوارن جي ذھني چڪاس ۽ مشق سان گڏ تياري ڪرڻ لاءِ رٿيل ٽريننگ پروگرامن تي ان وقت به ھزارين آمريڪي ڊالر خرچ ٿيا. انھن نتيجن بابت وڌيڪ يوئڪُم 1920ع ۾ سندس ھڪ مقالي ۾ لکيو آھي ته ڪل اميدوارن مان 30 سيڪڙو اميدوار “خط لکڻ ۽ اخبار پڙھڻ کان قاصر” رھيا، جن کي بيٽا ٽيسٽ لاءِ ھٿ مٿي کڻي، تياري ۽ مختصر ٽريننگ ڪرائي پوءِ موڪليو ويو. ڪارل برمنگھم (1923ع) چواڻي، انھن ٽيسٽن جي نتيجن مان ثابت ٿيو ته 47.3 سيڪڙو اميدوار دماغي طور ڪمزور ھئا. انھن ٻنھي ٽيسٽن ذريعي آمريڪي فوج ۾ نه صرف سپاھي، پر سينيئر ۽ اعليٰ عھدن جي فوجي عملدارن کي به قابليت، اھليت ۽ ذھانت جي بنياد تي نتيجن آڌار چونڊيو ويو. ٻنھي ٽيسٽن جي سوالن جي گھاڙيٽي ۽ امتحان جي نتيجن ٺاھڻ مھل يارڪز، ڳوڙھو مطالعو ڪيو ۽ ھمعصر سائنسدانن، ماھر نفسيات ۽ علم الانسان جي ڄاڻو اسڪالرن سان خط و ڪتابت ذريعي رابطا رکيا ته جيئن مڪمل تحقيقي اصولن آڌار ئي امتحاني سوال ۽ ان جا نتيجا سھيڙي ٺاھي سگھجن. ان دوران کيس نيشنل ريسرچ ڪائونسل جي سائيڪالاجي ڪميٽي جو سربراھ به چونڊيو ويو. سندس صلاحيتن جي ڪري عالمي جنگ جي سموري وقت دوران کيس اعزازي طور “سائيڪالاجيڪل ايگزامنيشن آف ريڪروٽس” جي ڪميٽي جو “ھيڊ” پڻ مقرر ڪيو ويو. مئڪگوئر (1994ع) مطابق، پھرين عالمي جنگ ۾ ڀرتي نه ٿي سگھندڙ اميدوارن کي به ڇڏيو ڪونه ويو، پر ڪجھ خاص ۽ موتمار مشقن ۾ کين اڳواٽ خبر ۽ آڇ ڏيئي استعمال ڪيو ويو، جنھن تي يارڪز کي ڪجھ اختلاف ھئا ته فرد واحد جي اندر ذھانت ۽ انفرادي فرق جو لحاظ رکيو وڃي، پر آمريڪا جي سرڪار کي جنگي جنون چڙھيل ھو جنھن جي ڪري سوين انسانن کي استعمال ڪري جنگ ۾ ماريو ويو. اھوئي سبب آھي جو رابرٽ يارڪز جڏھن 1921ع ۾ ھڪ ڪتاب “سائيڪالاجيڪل ايگزامننگ ان دي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آرمي” کي سري سان ڇپرايو ته ان تي ادبي تنقيدون ٿيون، جن مان خاص ڪري الفا ۽ بيٽا ٽيسٽن جي سوالن ۽ طريقيڪار تي آمريڪي سياسي تجزيه نگار ۽ رپورٽر والٽر لپمئنن وڏا دليل لکي انھن ٽيسٽن کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن دوران والٽر لئپمنن ھڪ ٻئين آمريڪي تاريخدان ۽ صحافي، ٿيوڊر لوٿراپ اسٽوڊارڊ مٿان به نازي حڪومت سان لاڳاپن جي ڪري ڇتي تنقيد ڪئي. ڇاڪاڻ ته يارڪز جي امتحاني طريقي جي ايجاد کي بعد ۾ جرمنيءَ ۾ به ٻئين عالمي جنگ ۾ استعمال ڪيو ويو، جنھن جو الزام اسٽوڊارڊ تي لڳو، جيڪو جرمني ۾ رھائش پذير ھو. يارڪز پنھنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد جو علمي طريقي سان نون موضوعن تي مدلل مقالا لکي جواب ڏنو. ڇاڪاڻ ته 1924ع کان 1944ع تائين پاڻ يئل يونيورسٽي ۾ سائيڪو بايولاجي جو پروفيسر ھو ۽ ان دوران ئي ھن 1929ع کان 1941ع تائين ساڳي اداري ۾ “يئل ليبارٽريز آف پريميٽ بايولاجي” کي قائم ڪيو، جتي ھن انسانن وانگر ڪرنگھي جي ھڏي ۽ ٻيون انيڪ ساڳيون خاصيتون رکندڙ جانورن جھڙوڪ: گوريلو ۽ ڀولڙو وغيرہ جي روين ۽ زندگيءَ جي عادتن، طريقن ۽ ڍنگ کي انسانن جي ذھانت سان ڀيٽيو ۽ تقابلي تحقيق ڪري، اھي نتيجا اخذ ڪيا ته جذبي ۽ پيار جي موجودگي انسانن وانگر انھن جانورن ۾ به موجود آھي جيڪي ڪنھن نه ڪنھن طريقي، سماجي طور به سرگرم جانور آھن. سندس تقابلي نفسيات ۾ ڪيل خدمتون وسارڻ جھڙيون ناھن، کيس اڄ به سڄي دنيا ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو.

REFERENCES/ LINKS OF CITATION AS WELL AS PHOTO COURTESY (Information For Editor):

  1. Robert Yarkes

https://en.wikipedia.org/wiki/Robert_Yerkes#cite_note-4

  1. Yoakum, Clarence Stone; Yerkes… Robert Mearns (1920). Army Mental Tests. H. Holt.
  2. McGuire, F. (1994). Army alpha and beta tests of intelligence. In R. J. Stenberg (Ed), Encyclopedia of intelligence (Vol 1, pp. 125-129.). New York: Macmillan. From www.intelltheory.com/yerkes.shtml
  3. Army Alpha Test:

https://en.wikipedia.org/wiki/Army_Alpha

  1. Army Beta Test:

https://en.wikipedia.org/wiki/Army_Beta#cite_note-:0-4

  1. Psychology http://psychology.iresearchnet.com/industrial-organizational-psychology/i-o-psychology-history/army-alpha-and-army-beta/#:~:text=Army%20Alpha%20was%20a%20written,rough%20measure%20of%20general%20intelligence.&text=The%20instructions%20for%20the%20Beta,that%20made%20up%20this%20test.
  2. http://www.cyberus.ca/~pballan/C4P1.htm
  3. https://www.timetoast.com/timelines/intelligence-80783a0e-ab82-42a2-97c6-e7518c080df8
  4. https://www.intelltheory.com/yerkes.shtml
  5. https://russellwarne.com/2019/10/07/historic-army-alpha-photo/
  6. http://psychology.iresearchnet.com/industrial-organizational-psychology/i-o-psychology-history/army-alpha-and-army-beta/#:~:text=Army%20Alpha%20was%20a%20written,rough%20measure%20of%20general%20intelligence.&text=The%20instructions%20for%20the%20Beta,that%20made%20up%20this%20test
  7. https://www.newworldencyclopedia.org/entry/Robert_Yerkes

***