بلاگ

رقص جي تاريخ مدهوش مير August 2021

سنڌي انساني تاريخ ۾ رقص دنيا جي پهرين عبادت ۾ شامل آهي. جڏهن انسان باهه، پاڻي، جانور، قدرتي وبائون، زلزلا، طوفان ڏسي ڇرڪيو ته ان سڀني ڀوائتي عملن جي ڇوٽڪاري لاءِ وڻ ٻوٽا، باهه، جانور پاڻي سميت ٻين اڳيان رقص ڪري انهن کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. بجاءِ جو باهه اسان کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏي ان اڳيان ناچ ڪري ان کي تحفظ جي التجا ڪجي. (1) رقص انسان جي اندر ۾ فطري طور سمايل آهي جيڪو نه صرف انسان، پر پکين ۽ جانورن ۾ به نظر اچي ٿو مور پکيpeacock پنهنجي ماديpeafowl کي ڏسي رقص ڪري ٿو ۽ جانورن ۾Chimpanzee ۽ lemurs کي ڪٿان کاڌي جي کڙڪ پوي ٿي ته ان کاڌي کائڻ کان پهرين چيچڙاٽ ڪري خوشي مان رقص ڪري ٿو. (2) رقص انساني تاريخ جو هڪ شاندار ۽ رومانوي موضوع آهي رقص کي علاج ۽ عبادت سمجهي به قبول ڪيو ويو آهي.
يوناني شاعر هومرHomer چوي ٿو ته انساني ذهن جي اها ڪيفيت جنهن ۾ هو بيخود ٿي وڃي ٿو، اها ٻن قسمن جي آهي پهرين يا هو ساڪن ٿي ويندو ٻي يا هو متحرڪ ٿي ويندو. پاڻ ان کي انهيءَ مشاهدي سان ڏسون ٿا ته عشق جي جذبي ۾، شهوت جي کوٽ ۾، بک، بدحالي، بيروزگاري، تنگدستي ۾ مفلوج ٿي ذهني پريشاني جي ولوڙ واري اها حد جنهن ۾ هو ذهني دوري پوڻ سبب بيهوش ساڪن ٿي وڃي ٿو يا رڙيون، دانهون، ڪوڪون ڪري ٺينگ ٽپا ڏئي متحرڪ، چريو ٿي وڃي ٿو. (3) جيئن سرائيڪي شاعري ۾ شتاب چوي ٿو ته اصل ۾ شاعر به ڪمال ڪري ويندا آهن آمريڪي شاعر ۽ صحافي سائرسنس چوي ٿو ته شاعر اهو فرد آهي جيڪو قومن جي آواز جو ترجمان بڻجي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان اهو آواز هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جنهن کي آسان زبان ۾ شاعر چيو ويندو آهي تڏهن ته ”جيڪ ڪيروني“ چيو ته شاعر ۽ سياستدان ۾ اهو فرق آهي جيڪا ڳالهه سياستدان ڏهه هزار اکرن واري ڊگهي تقرير ۾ عوام کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو شاعر اها ڳالهه ٻن ٽن لفظن ۾ آساني سان سمجهائي ويندو آهي، سو ان تڙپ واري لڇ پڇ ٽپڻ ڦٿڪڻ بيقراري مان ليٽڻ تي شاعر چوي ٿو:
ماڻهو تماشي ڪاڻ ها گڏ ٿئي
ڦٿڪندا پيان ها مجرا ٿولي ها
بيهوش ٿي وڃڻ واري کان متحرڪ بل کائي ٽپا ڏيڻ ڪنهن جي نه ٻڌڻ واري ڪيفيت کي ميڊيڪل سائنس جي نفسياتي ماهر سگمنڊ فرائڊ Sigmund Freud بهتر قرار ڏنو آهي. هو چوي ٿو دوري سبب بيهوش ٿي وڃڻ وارو به ان ڪيفيت مان نڪري سگهي ٿو ان کي ريڪورrecover ڪرڻ ۾ ايترو ٽائيم نه لڳندو آهي جيترو متحرڪ ٿي گوڙ گمسان ڪري ٽپا ڏيڻ واري کي صحيح ٿيڻ ۾ لڳي ٿو. (4) ان جو سادو مثال اسان وٽ گدو ۾ گهڻو انگ متحرڪ چرين جو هوندو آهي خاموش ۽ بيهوشي وارن جو ٿورو انگ آهي هو سڄي حياتي پيا مرندا آهن. سگمنڊ جي ان ٿيوري آف رليڪسڊ لائفtheory of relaxed life کي پوري يورپ جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ رقص ڊانس طور نصابsyllabus subject ۾ مضمون طور پڙهايو ويندو آهي. ناچ ۽ رقص جي ڪيفيت انسان کي مونجهاري ۾ پوڻ نه ڏيندي ان سان انسان جسماني توڙي ذهني طرح پرسڪون رهندو جنهن کي کڻي ناچ چئجي. دنيا ۾ ڏهه قسمن جا ناچ جيڪي اسڪول، ڪاليج ۽ ورسٽين ۾ پڙهيا وڃن ٿا تهHip hop, Ballet, Contemporary, Jazz rap on Dance, Folk dance, Irish dance, Modern dance Swing dance ۾ ناچ جا هي نمونا شامل آهن. (5) رقص ايڪسرسائيزexercise جو هڪ اهو قسم آهي جنهن کي بنا بوريت جي سڪون سان حاصل ڪري سگهجي ٿو ان لاءِ ذهني توڙي جسماني فائدا به شامل آهن. راڳ ۽ رقص جي سکيا مختلف دورن ۾ مختلف طريقن سان رهي آهي، جنهن جو هڪ الڳ مقام آهي. سڪندر اعظم جي دور ۾ رقص جي لاءِ سکيا جا باقائده ادارا قائم ٿيل هئا. ساڳئي دور ۾ موريا حڪومت جي آئين جو آئينو ارٿ شاستر ۾ آچاريا چاڻڪيا واضح پنهنجي ڏاهپ واري ڏانءُ سان رقص کي وڏي گهرائي سان بيان ڪيو آهي. اها چاڻڪيا جي منصوبابندي هئي جو هن مڳد جي بادشاهه ڌن آند جي محفل ۾ وڃڻ لاءِ راڳ ۽ رقص جو ٽيڪسيلا ۾ ادارو قائم ڪرايو ۽ اتان جي تربيت مان تيار ٿيل رڪمڻي جنهن پنهنجي رقص سان راجا جي دل کٽي ۽ مڳد جي بادشاهه جو تخت اونڌو ڪرايو، ان وقت راڳ ۽ رقص جي اجازت هئي مصر جي ملڪه قلوپطرا رقص جون محفلون سجائي آسپاس جي خطن جا بکيا اڊوڙي ڇڏيا. ايتري قدر جو جوليئس سيرز سان شادي واري هم آهنگي پويان به قلوپطرا جي رقص جو ڪمال هو. رقص جي نفسيات ٻڌائي ٿي ته رقص هر دور ۾ هڪ الڳ نموني سان سامهون آيو آهي. اهو به تاريخ ٻڌائي ٿي ته رقص جي رسي سان عياش مند بادشاهن جا تخت اونڌا ٿيا يا وري بيمارين جو روپ وٺي آيل وبائن جو علاج به رقص سان ڪيو ويندو هو. جڏهن اشوڪا بيمار ٿي پيو ته سندس زال ڪرشنيلا جيڪا اڳ ڄائي پٽ ڪنال جي ويري هئي ۽ ڪنال جو اکيون ڪڍرائڻ جو به حڪم نافذ ڪيائين. حادثاتي طور ڪنال بچي ويو هو ۽ ڪرشنيلا کي زنده ساڙائي ڇڏيائين آشوڪا جي بيمار ٿيڻ کانپوءِ ڪرشنيلا نجومين جي ڏس تي اشوڪا جو علاج ڊانس سان ڪيو هو. هر ويلي هڪ نئين انداز ۽ سازن سُرن سان حَسين عورتن جو رقص اشوڪا لاءِ درمل، دارُون هو، جنهن سبب هو ٺيڪ ٿيو هو، صبح، شام رات حَسين عورتن جو هن اڳيان رقص سندس روح کي جاڳائي ڇڏيو. (6) رقص جي تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته رقص مختلف دورن ۾ مختلف بيمارين جي علاج طور استعمال ڪيو ويو آهي، ايتري قدر جو ميڊيڪل سائنس جي ماهرJoep Lange به چيو ته روز مره واري جسماني چرپر کان علاوه هڪ ٽائيم مخصوص وقت ئي صحيح، پر ان جسماني چرپر کي تيز يا هلڪو ڪرڻ جو وقت مقرر ڪيو جنهن سان انساني صحت تي سٺو اثر پوي ٿو ۽Paul Ehrlich ته چوي ٿو ڪيڊرس ايڪسر سائيز رقص آهي جيڪو ڀل ڏئي هٿ هيٺ مٿي اڇلي ٿو اهو به ڊانس جو هڪ قسم آهي. مغل دور ۾ موسيقي ۽ رقص مان علاج جو پتو پوي ٿو هو موسيقي ۽ ناچ مان ماڻهن جو علاج ڪندا هئا ۽ ماڊرن سائنس جي باني گليليوGalileo Galilee به خوشي ۾ رقص ڪيو ۽ چيائين ته دنيا ۾ ڪو وٽامن ناهي ٺهي سگهيو جيڪو روح لاءِ رقص ۾ رکيل آهي. يونانين وٽ زيوزzeus جي ڌيءَAphrodite جيڪا ليسبين عورت سيفو جيان مشهور هئي اصل ۾ اها ديوي پنهنجي پيءُ جيان ڌرتي تي عورتن مٿان خدائي ڪندي هئي. تاريخدان ۽ ماهر نفسيات هيلز سليٿ ٻڌائي ٿو ته يونان ۾ سقراط جي وقت جيڪا وبا ڦلهي هئي اها ڪا نئين نه، پر پراڻي هئي جيڪا جسماني توڙي ذهني بيماري هئي ۽Aphrodite جي دور ۾ اها بيماري مختلف شڪلن ۾ ملي ٿي ايفيروڊيٽي سندر نارين کي گهرائي نرت واري رقص جي محفل سجائيندي هئي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ وٽ اها ذهني ولوڙ تنگدستي دور ٿيندي هئي اتي راڳ ۽ رقص ڪيو ويندو هو سندر ناريون ايتري قدر انهن سازن جي رڌم ۾ ويڙهجي مدهوش ٿي وينديون هيون جو هنن کي طعام ماني جو وقت وسري ويندو هو ۽ ٽن ڏينهن واري ان محفل گذرڻ کانپوءِ اهو کاڌو ضايع ٿي ويندو هوAphrodite . جي دور ۾ راڳ رقص ان وقت جي بيماري مان نجات لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي. راڳ رقص جي تاريخ رڳو دنيا جي ٻين قومن ۽ ملڪن ۾ نه هئي، پر سنڌ پنهنجي ست هزار سال پراڻي ۽ شاهڪار تاريخ ۾ سمبارا جي رقص سان سلهاڙيل آهي. سنڌ به هر دور ۾ راڳ رنگ ۾ رنڱيل ملي ٿي. ارڙهين صدي جيڪا جدت واري اها ڪشتي هئي جنهن سياست جي سمنڊ ۾ وقتي وهڪرن ارتقائي اٿل پٿل واري زبردست طوفاني تبديلين کي ظاهر ڪيو، ان وقت سنڌ ٽن وڏن همعصر شاعرن شاهه لطيف، صوفي شاهه عنايت جو کيڙي سو کائي ۽ سچل جي سرن سان سرشار هئي. ڪلهوڙن جي دور حڪومت هوڏانهن سڄي دنيا ۾ سياسي ڀڃ ڊاهه جا زبردست چرچا پئي هليا، پر هر دور ۾ راڳ رقص قومن جي سڪون جو سڄڻ رهيو آهي، جتي راڳ ۽ رقص هو اتي انقلابي تبديلي جا جوهر به نظر اچن پيا خوشحال قومن هر خطي ۾ پنهنجي سڪون جي سامان ۾ رقص کي به شامل ڪيو آهي. هوڏانهن مغل دور جي رقص بابت هڪ اهڙو ذڪر ملي ٿو جتي رقص کي علاج لاءِ اختيار ڪيو ويو. اڪبر بادشاهه جي محفلن ۾ رقص طبيبن جي حڪم موجب هلندو هو، رقص طبيعت تي ٻڌل ڌنن طور استعال ڪيو ويندو هو. هيڏانهن لطيف به ڪاڪ محل جو ڪانيڪا تي پنهنجي ڪلا جا سُر وکيريندو رهيو ان متعلق رافعه ملاح پنهنجي ڪتاب ”مرد عورت ۽ فطرت“ ۾ لکي ٿي ته پهرين ڳالهه ڪاڪ محل تي جن معتبر ماڻهن لکيو آهي مان انهن سان اختلاف رکان ٿي. هڪ ته ڪاڪ محل جي جاءِ ماڳ جيڪو تاريخدان لکيو آهي اصل ۾ اهو اتي ناهي نه ئي ڪاڪ محل يا مومل جي ماڙي سنڌ جي چپي چپي تي ڏٺي وڃي ٿي اها جاءِ به پنهنجي وصعيت ۾ هڪ وڏو سوال رکي ٿي. ڪاڪ محل ق. م جو قصو آهي جيڪو راجا ادئين وارو تختگاهه ”وت پيا پتڻ“ سان ملندڙ جلندڙ تاريخ کي ڏسي ان تباهه ٿيل ماڳ سان مشاهبت رکندڙ ايراضي ۽ جاگرافي بيهڪ مان ان غرق ٿيل شهر جيڪو رحيم يار خان ۽ صادق آباد جي وچ تي پتڻ منارا جي نالي سان اڄ به موجود آهي اهوئي ڪاڪ محل آهي. بهرحال هتي ان موضوع کي سلجهائڻ بجاءِ پاڻ پنهنجي رقص واري موضوع تي ڌيان ڏينداسين ته ڪاڪ محل جو قصو جنهن کي شاعرن جي سرتاج شاهه سائين ڳايو آهي اهو اصل ۾ عياشي جو اڏو هو، جتي لسراٽ ڇوڪرا ۽ مومل جون ڀيڻون يا سرتيون روز شام جو اچي رقص ڪنديون هيون ۽ جيڪو هڪ دفعو ڪاڪ محل جي ان رقص واري محفل کي ڏسندو هو سو پيو سڄي عمر رڙندو ۽ سڪندو هو ته وري شل اها محفل نصيب ٿئي جنهن لاءِ شاهه سائين جيڪو چيو آهي ان جي هڪ جهلڪ پيش ڪجي ٿي:
بيکارِيءَ کي بَرُ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙهِي؛
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي؛
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جِئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا
هتي شاهه سائين چوي ٿو جوڳيءَ تي رڻ ۾ خمار چڙهي ويو. ڪاڪ محل جون ڳالهيون ڪندي. اکين مان لڙڪ لڙي آيس سندس جان ۾ اهڙي ڪا ميخ لڳل هئي، جو ڇُٽل ڦٽ به اکلي پيس. سُر مومل راڻو ۱‏:۵ اهڙا منظر شاهه سائين سُر مومل راڻو ۽ موکي متارا ۾ ملن ٿا جن مان راڳ رقص ۽ شراب جي مڪمل ڇوٽ ملي ٿي ۽ ناچ کي اها فضيلت بخشل آهي جو اها روح جي علاج جو هڪ رڙ ڪيل اعلان ڀانئجي ٿو، هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي جهل نه پل اها جاءِ جتي سڀ ڪو سڪون سان پنهنجي محبوب سان ملي انهيءَ ڳانڍاپي جي ساراهه به ٿيل آهي ڪنواريون ۽ ڪونر ڪاهه ته پسون ڪاڪ جا. ان کان وڌيڪ چٽائي لاءِ:
سون ورنيون سوڍيون رپي رنديون ڪن
اگر اوطاقن تي کٿوريون ته کٽن
اوتيائون عنبير جا مٿي طاق تڙن
ٻاٽن ٻيليون ٻڌيون پسيو سونهن سڙن
ٿيا لاهوتي لطيف چئي پسڻ لاءِ پرين
اجهي ٿا ته اچن ڪاڪ ڪوريان ڪاپڙي
هن بيت ۾ شاهه سائين بلڪل واضح ڪيو آهي ته ڪاڪ محل ۾ سون جي رنگن جهڙيون خوبصورت ڇوڪريون کلي عام منهن کولي دولت سان کيڏي رهيون آهن جيڪا بلڪل مغلن ۽ انگريزن جي دور وارن فحاشي جي اڏن واري منظر نگاري آهي جنهن ۾ نوجوان عاشق هٿ هٿ ۾ ڏيئي گهمي ڦري پسند ناپسند جو ارادو ڪري رهيا آهن ته ڪهڙي ڪنهن کان سونهن ۾ سرس آهي ته ان کي خريد ڪجي. مٿي بيان ڪيل قصن مان پڙهندڙن کي اها سڌ پوندي ته ان ويڙهه ۽ افراتفري واري صديءَ ۾ جتي جو سک ڦٽل ملي ٿو اتي شاهه سائين روحاني علاج ۽ ذهني خوشي جي خوراڪ ان رقص ۾ پيش ڪري ٿو. راڳ رقص ۽ مذهبن جو ڳانڍاپو پاڻ هڪ الڳ ڪتاب جيتري مواد ۾ ٿي سگهي ٿو، صرف رقص کي علاج لاءِ مذهبي توڙي سائنسي لحاظ کان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئيسين جيڪو پڙهندڙ مٿان آهي ته اهي ان کي ڪيئن ٿا سمجهن؟ جيڪڏهن ڪو اعتراض ڪري به ٿو ته ان سان فرق صرف سوچ جي عليحدگي جو پوي ٿو. مذهب ۾ رقص جو ملڻ تصوف جي صورت سان به چٽو آهي، دنيا جي ٻين مذهبن ۾ به رقص کي عبادت طور اختيار ڪيو ويو آهي. (7) يونانين وٽ اهو تصور ايڏو ته پختو ٿي ويو هوAthena ايٿينا ديوي چيو ته اسان جو روح اوهان جي رقص سان خوش ٿو ٿئي ۽ ان وقت کان رقص خدائي خوشي سان منسوب ٿي ويو. ايٿينس جو اهو عبادت جو ميڙاڪو جتي خدا جي خوشنودگي حاصل ڪرڻ لا ان وقت جوfolk dance ڊانس نموني رقص ڪيو ويندو هو ۽ اڳتي هلي زيوز جي دور ۾ اهو فحش ناچ جو ميلو ٿي ويو، جتي ديوتائن جي عياشي جو مرڪز ٿي ويو. (8) اسلامي فڪر ۾ صوفيا اڪرام جي تصوف واري رمز ۾ رقص جو شاندار ذڪر ملي ٿو جيئن بُلهي شاهه چوي ٿو ته سامڻي هووي يار ته نچڻا پيئندا هي، يا اسان نچ ڪي يار منايا هي، جهڙا صوفي ڪلام ۽ انهن جو پسمنظر رقص تي ٻڌل روحاني عبادت جو مک نقطو آهي.
Reference:
¹ A Brief History of Time
Book by Stephen Hawking,
2 A Book of Rather Strange Animals: Highlighting the Wonders of Evolution and the Extraordinary Diversity of Life
Book by Caleb Compton,
3https://www.britannica.com/biography/Homer-Greek-poet,
The Life and Work of Homer
https://www.thoughtco.com/the-life-and-work-of-homer-11909,
4 The Psychopathology of Everyday Life
Book by Sigmund Freud
https://uk.harlequinfloors.com › news
Web results
5 10 Most Popular Types of Dance – List of Top
Dance Genres 2020,
8 Athena is the Olympian goddess of wisdom and war and the adored patroness of the city of Athens. A virgin deity, she was also – somewhat paradoxically – associated with peace and handicrafts, especially spinning and weaving.
6. ناچ هيٺ هلندڙ حڪمت عمليون جسارت اردو عمره 2018
7. جنس مرد ۽ فطرت رافعه ملاح.
9 تاريخ ايران اوائلي جسارت اردو 2017