رنجيت سنگهه جا ظلم ۽ سومرن جون زالون

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

رنجيت سنگهه جا ظلم ۽ سومرن جون زالون

الطاف شيخ

بنارس ۾ جيڪو سک گائيڊ جيت سنگهه مون کي مغل شهنشاهه جي ٺهرايل “عالمگيري مسجد” ڏيکاري رهيو هو، اهو ڪافي ڄاڻَ وارو لڳو ٿي، پر فقط مڪاني حد تائين. ڪنهن خيال کان هن لاءِ ايتري ئي ڄاڻَ وارو هجڻ ڪافي آهي جو هن ٽوئرسٽن کي فقط بنارس شهر جي تاريخ ۽ اتي جون آڳاٽيون عمارتون ڏيکاريون ٿي.. هن کي ڪو ICS جو امتحان پاس نه ڪرڻو هو. هو پرائمري اسڪول جو ماستر هو…. شامَ جو گهر ويهي گذارڻ بدران هن گائيڊ جي ڊيوٽي ڏئي، هِنَ مهانگائيءَ جي دور ۾ گهر جي خرچ لاءِ چار پئسا وڌيڪَ ڪمائي ٿي ورتا.

هن کي جڏهن خبر پئي ته آئون ڪراچي کان آيو آهيان ته هن ”عالمگيري مسجد“ ڏيکارڻ بعد مون کي چيو ته ”سر! انڊيا ۾ مغل شهنشاهن جون ٻيون به ڪجهه عمارتون آهن. وڌيڪَ ڏسڻ لاءِ توهان کي دهلي ۽ آگري وڃڻو پوندو.“

مون کيس ٻڌايو ته آئون اتان ئي اچان پيو ۽ تاج محل، دهلي جو لال قلعو، جامع مسجد، آگري جي موتي مسجد وغيره ڏسي پيو اچان. ”جيت سنگهه مغلن جي حڪومت ۾ اهي علائقا به هئا جيڪي اڄ پاڪستان جو حصو آهن.“ مون کيس لاهور جي ”بادشاهي مسجد“ جو ٻڌايو جيڪا هن ساڳي شهنشاهه 1673ع ۾ ٺهرائي.. جيڪا ان وقت کان پوءِ به 13 سال 1686 تائين دنيا جي وڏي ۾ وڏي مسجد هئي. اڄ به اها مسجد پاڪستان ۽ سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ ٻيو نمبر ۽ دنيا ۾ پنجون نمبر وڏي مسجد آهي جنهن جي مکيه هال ۾ 55000 ماڻهو ۽ 95000 ماڻهو ورانڊن ۽ راهدارين ۾ نماز پڙهي سگهن ٿا. ياد رهي ته پهرين نمبر تي وڏي مسجد مڪي واري مسجد الحرام، ٻئي نمبر تي مديني جي مسجد النبوي، ٽئين نمبر تي مراقش جي شهر ڪسب لنڪا واري ”مسجد حسن“ ۽ چوٿين نمبر تي اسلام آباد واري ”فيصل مسجد“ آهي.

لاهور جي هن ”بادشاهي مسجد“ ٺهرائڻ جي ڪم لاءِ اورنگزيب پنهنجي ويڳي ڀاءُ مظفر حسين کي لاهور جو گورنر مقرر ڪيو. هن مسجد جي ڪري لاهور واري قلعي وٽ نئون گيٽ لڳايو ويو جيڪو حضوري باغ ڏي کلي ٿو ۽ جنهن جي سامهون بادشاهي مسجد ۾ داخل ٿيڻ جو رستو آهي. هن گيٽ جو نالو ”عالمگيري گيٽ“ رکيو ويو جيئن هِتي هن بنارس واري مسجد جو نالو ”عالمگيري مسجد“ آهي بادشاهي مسجد جي داخلا واري هنڌ ماربل جي سر تي فارسي ۾ لکيل آهي ته: ”اورنگزيب عالمگير، فاتح شهنشاهه جي حڪم تي هيءَ مسجد شهنشاهه جي ادنيٰ خادم ۽ شاهي خاندان جي فرد ”فدائي خان ڪوڪا“ جي نگهباني ۾ الهجري سن 1084 ۾ مڪمل ٿي.“

ياد رهي ته مظفر حسين کي گهر ۾ ”فدائي خان ڪوڪا“ سڏيندا هئا. هيءَ مسجد جڏهن 1673 عيسوي سن ۾ ٺهي هئي ته اها مسجد نه فقط مغل سلطنت ۾ پر سڄي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي مسجد هئي جنهن جا منارا تاج محل جي مينارن کان به 14 فوٽ يعني سوا ٻه ميٽر اتاهان هئا. هو ڇا چوندا آهن ته ڪڏهن ڏينهن ننڍا ته ڪڏهن راتيون ننڍيون اهي سِک جن جو ڌرم امن ۽ شانتي جي اصولن تي شروع ٿيو هو اهي اڳتي هلي خاص ڪري مغل شهنشاهن طرفان سندن ٻن گُرن (ڇهين ۽ نائين) جي قتل بعد ويڙهاڪ Militant ٿي پيا.. اڳتي هلي جڏهن مغل شهنشاهه ڪمزور ٿيا ته سکن سندن ”تختگاهه دهلي“ تي قبضو ڪري ورتو ۽ ارڙهين صدي جي آخر ۾ جڏهن رنجيت سنگهه حاڪم ٿيو ته هن مسلمانن سان خاص ڪري پنجاب جي مسلمانن سان ڏاڍا ظلم ڪيا. 1799 ۾ جڏهن رنجيت سنگهه لاهور تي قبضو ڪيو ته هن ”بادشاهي مسجد“ کي تباهه ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ۽ مسلمانن جون دليون رنجائڻ لاءِ مسجد جي ڪشادي ورانڊي (Courtyard) کي گهوڙن جو اصطبل ٺاهيو جِتي هن جي فوج جي سپاهين جا گهوڙا بيٺا ٿي ۽ مسجد جا 80 حجرا جنهن ۾ ديني تعليم ڏني وئي ٿي ان ۾ سپاهين کي رکيو ويو. مسجد جي چوڌاري ٺهيل خوبصورت حضوري باغ کي رنجيت سنگهه پنهنجي شاهي درٻار ٺاهي. ان بعد رنجيت سنگهه مسجد جي وڏن منارن تي زمبورا (گولا مار بندوقون) فٽ ڪرائي لاهوري قلعي تي بمباري ڪرائي.

1846ع ۾ لاهور تي انگريزن جو قبصو ٿيو جيڪو سڄي ساري هڪ صدي 1947 تائين هليو. 1939ع ۾ جڏهن سر سڪندر حيات پنجاب جو پريميئر ٿيو ته هن چندا گڏ ڪري حيدرآباد دکن جي مشهور آرڪيٽيڪٽ نواب زين يار جنگ بهادر ذريعي هن مسجد جي مرمت شروع ڪرائي جيڪا ٿوري ٿوري ٿي ڪري 1960ع تائين هلندي رهي. بهرحال اڄ به هن مسجد کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ٽوئرسٽ اچن ٿا. هيءَ اها مسجد آهي جِتي 22 فيبروري 1974ع تي مرحوم ذوالفقار علي ڀُٽو جي سڏرايل ”اسلامي چوٽي جي ڪانفرنس“ جي مسلمان ليڊرن نماز پڙهي… انهن مان ڪجهه هئا سعودي عرب جو فيصل بادشاهه، لبيا جو معمر قذافي، فلسطين جو ياسر عرفات ۽ ڪوويت جو صباح اسلام الصباح، وغيره.

بنارس واري سک گائيڊ کي چيم ته مغل شهنشاهه هن شهر جي عالمگيري مسجد به پوءِ ٺـهرائي ان کان اڳ سندس والد محترم ”شاهجهان شهنشاهه سلطنت الهنديه و مغليه“ جنهن صوبي ”سنڌ“ سان منهنجو واسطو آهي ان جي شهر ٺٽي ۾ 1647 ۾ مسجد ٺهرائي. اها ”شاهجهاني مسجد“ سڏجي ٿي. هيءَ مسجد ”جامع مسجد ۽ ”هڪ سؤ قبن“ واري مسجد جي نالن سان سڃاتي وڃي ٿي. هيءَ مسجد ڳاڙهين سِرُن ۽ ڪاشيءَ جي ٽائيلن مان ٺهي آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪاشيءَ جو ڪم هالا جو آهي. مسجد کي 99 کن گنبذ آهن ۽ اها دنيا جي وڏي مسجد چئي وڃي ٿي جنهن جي گنبذن جو ايڏو وڏو تعداد آهي. هيءَ مسجد 1993ع کان يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج جي لسٽ تي آهي.

سنڌ تي مغل حاڪمن جي هميشه ۽ لڳاتار حڪومت نه رهي تڏهن به هڪ وڏو عرصو سنڌ انهن جي اثر هيٺ رهي اڄ جي نوجوان کي تاريخ جي هن دور جي آئيڊيا ڏيڻ لاءِ ڪجهه گهڙين لاءِ فاسٽ ري وائينڊنگ ڪندس.

712 ۾ سنڌ تي راجا ڏاهر جي عربستان جي اميه گهراڻي جي حڪومت هئي. خليفي عبدالمالڪ جي ڏينهن ۾ حجاج بن يوسف عراق جو گورنر هو. هن محمد بن قاسم کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو. سنڌ تي عربن جو قبضو ٿيڻ بعد اُميه گهراڻي جي حاڪم پنهنجي ماڻهوءَ ”عزيز الهباري“ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. ان بعد هباري گهراڻي جا ماڻهو اميه گهراڻي جي خليفن طرفان ملندڙ حڪمن مطابق سنڌ کي ڪنٽرول ۾ رکيو ويٺا هئا. هباري گهراڻي جا حاڪم سنڌ ۾ ”امير“ به سڏيا ويا ٿي، اميه گهراڻي جا عرب خليفا سنڌ کان علاوه اڳيان آفريڪا جا ملڪ، ويندي اسپين تائين وڃي پهتا هئا ۽ هو اوڏانهن ئي مصروف رهيا ٿي هيڏانهن سنڌ ڏي هباري (امير) سڀ ڪجهه هئا. اميه گهراڻي جي خليفن جو راڄُ 661 کان (معاويه ابن سفيان کان) 750 (مروان ٻئي ابن محمد تائين) هليو. ان بعد عباسي گهراڻي جي حڪومت آئي، انهن جو به سنڌ ڏي ڪو خاص ڌيان نه هو سو هباري گهراڻي جا گورنر ڄڻ خود مختيار ٿي ويا ۽ سنڌ تي سندن هڪ قسم جي سڌي سنئين حڪومت هلڻ لڳي.

سنڌ تي هباري (اميرن) جي 1024 تائين حڪومت رهي جڏهن محمود غزنويءَ جنهن عباسين کي قانوني طرح  خليفو سمجهيو ٿي، هباري گهراڻي کي شڪست ڏني جو اهي اميه گهراڻي جا ماڻهو هئا. ان بعد عباسي گهراڻي جي خليفي پنهنجي ماڻهوءَ ”سمبارا جي الخفيف“ کي سنڌ جي گورنري لاءِ موڪليو.

الخفيف جيڪو ”خفيف سومرو“ سڏبو هو سومرا گهراڻي جو پهريون حاڪم ٿيو. بغداد تي حملي تائين سومري گهراڻي جا حاڪم عباسي گهراڻي جي ماتحت ڪم ڪندا رهيا ان بعد هو خود مختيار حاڪم ٿي رهيا. هنن ان بعد مڪاني سنڌي عورتن سان شادي به ڪئي ۽ مڪاني رسم و رواج به اختيار ڪيائون. اسان جي ڳوٺ هالا کان ٽي چار ميل کن اتر اوڀر ۾ منصورا نالي شهر هنن جو پهريون گاديءَ جو شهر ٿيو جيڪو هن کان اڳ هباري گهراڻي جي اميرن جو پڻ هو. بعد ۾ سومرن پنهنجي گادي جو هنڌ ٺري شهر ۾ ڪيو جيڪو ماتلي کان 14 ميل اتر ۾ آهي. بعد ۾ پران نديءَ جي وهڪري بدلجڻ ڪري سومرن ان کي ڇڏي ٺٽو اچي وسايو. ٺٽو 95 سال سنڌ جي گاديءَ جو شهر رهيو جيسين سومرن جي سنڌ تي 1351 تائين حڪومت رهي. انهيءَ دوران سنڌ جي ڀر واري علائقي ڪڇ تي سمن جو راڄُ هو.

هِتي اهو به لکندو هلان ته سومرن جي پهرين حاڪمن جا نالا عربي هئا بعد ۾ مڪاني ماڻهن سان شادي بعد اهي لوڪل قسم جا ٿيندا ويا ۽ اهو به لکندو هلان ته سومرا گهراڻي جي پوءِ وارن حاڪمن سومار، ڀونگر ۽ دودي وغيره پنهنجي حڪومت وڌائي عربي سمنڊ کان ملتان، بهاولپور، صادق آباد ۽ اُچَ تائين اتر ۾ ڪري ڇڏي ۽ اوڀر ۾ راجسٿان ۽ اولهه ۾ بلوچستان تائين سومرن بابت کوڙ ساريون سچيون ڪوڙيون ڳالهيون ”چچنامي“ ۾ ڏنل آهن. سومرن لاءِ لکيل آهي ته هو طبيعت ۾ عربن وانگر Desert جا ماڻهو هئا ۽ تمام پهلوان ويڙهاڪ هئا. ڪن تاريخدانن جو اهو به چوڻ آهي ته سومرا عرب نه پر مڪاني هندو قبيلي جا ماڻهو هئا. جيئن ئي عربن سنڌ فتح ڪئي ته راجپوت ۽ ٻين ڪجهه اهم هندو قبيلن جي ماڻهن، اسلام قبول ڪيو. مسلمان ٿيڻ بعد هنن پنهنجا اصلي نالا ۽ رسم ۽ رواج قائم رکيا. بهرحال سومرا حاڪمن هوشياري سان رعيت جي سمورن ماڻهن ۾ ڳانڍاپو قائم رکڻ جي  ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ تي سوا ٽي صديون 1025 کان 1351 تائين حڪومت ڪئي. سندن پهريون حاڪم جنهن سومرا گهراڻي جو بنياد وڌو ”سردار خفيف اول“ هو…. ان بعد سردار سومار 1053ع تائين سنڌ جو حاڪم رهيو جنهن بعد سندس پٽ ڀونگار 1053 کان 1068 تائين سنڌ جو حاڪم رهيو. 1053 ۾ سومرن جي سلطنت غزنوي سلطنت کان بلڪل ڌارَ ٿي وئي. ڀونگار جي مرڻ بعد سندس پٽ دودو تخت تي ويٺو. هِتي اهو به لکندو هلان ته سومرن جي حڪومت جو اهو دور چيو وڃي ٿو جنهن ۾ سنڌ جي عورت کي اسلامي طرح صحيح قسمَ جي آزادي ملي. ان قسم جي آزادي عورتن کي نه انگريز راڄ ۾ هئي ۽ نه اڄ ايڪهين صديءَ ۾ آهي. 1092 ۾ دودي جي وفات تي جيئن ته سندس پٽ ”سانگهڙ“ اڃان ننڍو هو ان ڪري دودي جي ڌيءَ زينب تاري تخت تي ويٺي. هن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾  آرٽ، ڪلچر، هنرن، عمارت سازي، ميوزڪ ۽ ائگريڪلچر جهڙين شين ۾ تمام گهڻو سڌارو آيو.

دودي جي ڌيءَ زينب سومرو فقط ڇهه سال 1092 کان 1098 تائين حڪومت ڪئي ان بعد سندس ڀاءُ سانگهڙ (سڄو نالو شهاب الدين سانگهڙ) بالغ ٿيڻ تي تخت تي ويٺو ۽ 1107 ۾ وفات ڪيائين. کيس ڪو اولاد نه هو. سندس زال همون تخت تي ويٺي، پر سومرو خاندان جي نوابن هن کي حڪومت هلائڻ لاءِ ڇڏڻ بدران سانگهڙ جي ڀاءُ خفيف دوم کي تخت تي ويهاريو. بهرحال سومرن جي حڪومت جي ڊگهي عرصي ۾ ڪيترائي حاڪم ٿيا جن مان ڪيترن جا نالا ساڳيا ساڳيا رهيا جهڙوڪ خفيف، دودو، ڀونگر، چنيسر، گنيرو (گنوار) وغيره ڇو جو هڪ حاڪم گذاري ٿي ويو ته ان جو نالو سندس پوٽي تي رکيو ٿي ويو. بهرحال چنيسر ٻئي جي دور ۾ تاريخ جا رومانوي ڊراما جهڙوڪ ليلا چنيسر، عمر مارئي، مومل راڻو رونما ٿيا نه ته ان کان اڳ سنڌ ۾ فقط سسئي پنهون، سهڻي ميهار ۽ سورٺ راءِ ڏياچ ڳايو ويو ٿي ۽ انهن جون ئي ڪهاڻيون ٻڌايون ويون ٿي.

سومرو گهراڻي جي حڪومت ۾ دودي چنيسر جو قصو به مشهور آهي. دودي چنيسر جي تخت تي اڻ بڻت ٿي پئي. سچو يا ڪوڙو قصو هن ريت ٻڌايو وڃي ٿو ته سومرو گهراڻي جي نوابن چنيسر (سوم) کي تخت تي ويهڻ جي آڇَ ڏني. ان جي جواب ۾ هن چيو ته هن کي مهلت ڏني وڃي ته ان بابت پنهنجي ماءُ کان پڇي اچي. سڀني چيو ته هي ڪهڙو حاڪم ٿيندو هر ڳالهه پنهنجي ماءُ کان پڇڻ ٿو وڃي.

جيسين چنيسر تخت تي وهڻ بابت ماءُ کان پڇي اچي تيسين سڀني يڪراءِ تي کڻي دودي کي تختَ تي ويهاريو. هونئن ڏٺو وڃي ته ان وقت جي حاڪمن ۽ ويندي مغل سلطنت جي حاڪمن حڪومت جي ڪاروبار هلائڻ جون ڪيتريون ڳالهيون پنهنجين زالن، مائرن ۽ ڀينرن جي به صلاح مشوري سان هلايون ٿي.. ۽ سومرو خاندان جون زالون ته جيئن لکي آيو آهيان ته بيحد عقلمند ۽ قابل ٿي گذريون آهن بهرحال تخت حاصل ڪرڻ لاءِ چنيسر هندستان جي حاڪم خلجي کي دانهن ڏني جنهن پنهنجو اثر رسوخ سنڌ تي قائم رکڻ لاءِ دودي جي حڪومت تي حملو ڪيو. هنن نه فقط اهو ٿي چاهيو ته سنڌ تي حڪومت دودي بدران چنيسر جي ٿئي، پر هنن ڀنگر راءِ جي ڌيءَ ٻاگھي جي علاؤ الدين خلجي لاءِ ٻانهن گهري ٿي. سومرن ان لاءِ سخت انڪار ڪيو. مون سنڌ بابت جيڪي تاريخون پڙهيون آهن اهي انگريز ليکڪن جون آهن. خلجي جي ڊمانڊ تي جيڪو سومرن طرفان جواب ڏنو ويو اهو ايڏي اهميت جو چئي سگهجي ٿو جو هن جو اهو جملو جيڪو هنن سنڌيءَ ۾ ڳالهايو اهو هوبهو رومن ۾ ۽ ان بعد انگريزي ۾ ترجمو ڏنل آهي. اهو جملو جيڪو ان ڳالهه جي تصديقَ ٿو ڪري ته ان دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم ۽ سومرا سلطنت جو دنيا ۾ ايڏو مانُ هو جو خلجي مغل وغيره ڀلي کڻي انڊيا جا حاڪم هئا، پر سندن سماجي رتبو هيٺانهون سمجھيو ويو ٿي… ٻاگھيءَ جو سڱ علاؤ الدين خلجي لاءِ گهرڻ جي نياپي ۾ جواب ڏنو ويو ته:

تون ترڪ اسين سومرا

اهڙي جوڙ نه جڳائي

يعني تون ڀلي بادشاهه هجين، پر هڪ ترڪ جي حيثيت ۾ توکي سومرن جي ڇوڪريءَ جو سڱ گهرڻ نٿو جڳائي جو ترڪ سماجي طرح سومرن جي رتبي کان هيٺ آهن.

خلجي ۽ سومرن جي جنگ ۾ دودي جو پُٽ ”ڀُنگر“ ۽ ويندي چنيسر جو پٽ ”ننگر نيهرو“ جيڪي دودي پاران بهادري سان وڙهيا، مارجي ويا. هوڏانهن علاؤ الدين جو پٽ به مارجي ويو. جنهن وقت دودي کي ڀالو هڻي مٿي کنيو ويو ته هن وڏي دليريءَ سان چنيسر کي چيو ته ”ڏس! هن وقت مرڻ تي هوندي به توکان مٿي آهيان.“ چون ٿا ته بعد ۾ خلجي جي سنڌ ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن سان ههڙي بي دردي ڏسي چنيسر کي غيرت اچي وئي ۽ هو آخر تائين خلجي جي فوجين سان وڙهندو رهيو. سومرن کانپوءِ 1351 کان سنڌ تي سمن جو راڄُ رهيو جيڪو 1521 تائين هليو.

1521 کان 1554 تائين ارغون راڄ رهيو جنهن جي پٺڀرائي چنگيز خان جي خاندان جي شاهه بيگ ڪئي ٿي. 1554 کان 1591 تائين سنڌ تي جنرل مرزا عيسيٰ خان جي ترخان گهراڻي جي حڪومت رهي. 1555 ۾ پورچو گالين سنڌ جي گادي واري شهر ٺٽي تي حملو ڪري ان کي تاراج ڪري ڇڏيو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments