خاص

حڪومت آءِ ايم ايف اڳيان بيوس، عوام کان رليف کسڻ جون تياريون

آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض جي ٽين قسط جاري ڪرڻ  عيوض بجلي،گيس ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي ڏني ويندڙ سبسڊي ختم ڪرڻ جو شرط لڳائي ڇڏيو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معطل ٿيل پروگرام جي بحالي لاءِ وڊيو لنڪ ذريعي اقتصادي جائزي جي حوالي سان جاري ڳالهين جو پهريون دور بي نتيجي رهيو. جڏهن ته آءِ ايم ايف پاران پروگرام جاري رکڻ ۽ ٽِين قسط جاري ڪرڻ لاءِ بجلي ۽ گيس سوڌو يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي ڏني ويندڙ غير ضروري سبسڊي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون اڃا جاري آهن ۽ ڌريون ورچوئل ڳالهين ۾ حصو وٺي رهيون آهن ۽ ڳالهين جي ٻين مرحلي کي نتيجي جوڳو بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ آءِ ايم ايف سان قرض جو پروگرام به بحال ٿي ويندو ۽ رڪيل قسط به جاري ٿي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سبسڊي جي خاتمي وارو آءِ ايم ايف جو ڪو نئون شرط نه آهي، حڪومت اڳ به غير ضروري سبسڊي جي خاتمي تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ رڳو مستحقن کي رليف ڏيڻ لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ تي يقين رکي ٿي جنهن لاءِ گھڻو ڪم ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو ته بجلي ۽ گيس سوڌو يوٽيلٽي اسٽورن سوڌو ٻي مد ۾ ڏني ويندڙ غير ضروري سبسڊي ختم ڪرڻ بابت آءِ ايم ايف جي مطالبن جي غور ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وزارت ۾ خصوصي سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اهو سيل اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود جي سربراهي ۾ قائم ڪيو ويو آهي ۽ جيڪو غير ضروري سبسڊي جي خاتمي لاءِ پنهنجو سفارشون تيار ڪندو ۽ معاشي سڌارن تي عمل درآمد لاءِ به تجويزون ڏيندو.