رني ڪوٽ: وساريل تهذيب جي ڳولا منظور ٿهيم August 2021
رني ڪوٽ سنڌ جي سر زمين تي قائم قديم تهذيب جنهن جي آثارن مان معلوم ٿيندو ته هي پرڳڻو ڪنهن قدر آسودو، حڪمت عملي تحت ڪنهن قدر اهم ۽ ڪنهن قدر وساريل آهي. هن جي تاريخي اهميت ان وقت محسوس ٿيندي جڏهن اوهان هن تهذيب جي فن تعميرات جي شاهڪار برجن تي بيهي ڪجهه منٽن لاءِ ان دور ۾ هليا وڃو. جنهن دور ۾ هن قديم عجوبي جي تعمير ٿي رهي هئي. ظاهر آهي ته ڪجهه ماڻهن جو ته هي ڪم ٿي نٿي سگهيو، ان ڪم ۾ ڪيترا ئي ماڻهو، ڪيترائي هٿ، ڪم ڪري رهيا هوندا ان جو اندازو هن جي پکيڙ، هن جي جاگرافي، آرٽ ۽ معلومات جي وسيع ذريعن مان لڳائي سگهجي ٿو. هي شاندار ڪوٽ هڪ منظم تنظيم کانسواءِ ممڪن ئي ناهي. هي سنڌ آهي جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته هتي ٽوئرزم جي نالي ڪا شيءِ ناهي، حقيقت هي آهي ته سنڌ پنهنجي شاندار تهذيب جي اهڃاڻ آهي جنهن جي هر طرف کان شاندار تاريخي ماڳ مڪانن، ڍنڍن، جبلن، ريگستاني علائقن سان آسودي هجڻ باوجود ملڪ جي بيوروڪريسي، وڏيرا شاهي، حاڪمانه ۽ تحڪمانه روين سبب غربت جو شڪار آهي. هي حڪومتون ايتري قدر سائنس، آرٽ، ادب، تاريخ دشمن آهن جو فن تعميرات جي شاهڪار رني ڪوٽ حيدرآباد کان 60 ڪلو ميٽرن تي ۽ ڪراچي کان 200 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي هجڻ باوجود ڪيترن ماڻهن جي وزٽ کان محروم آهي، پر جيڪي ماڻهو هتي پهچن ٿا انهن کي سفر دوران جيڪي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون ان مان ڪيترا ته اڌ رستي مان واپس ٿي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته ميري ڪوٽ تائين مناسب رستو نه هجڻ ۽ معلومات جا پورا ذريعا نه هجڻ ڪري واپس ٿين ٿا. رني ڪوٽ رڳو تاريخي ڪوٽ ناهي، پر هي تهذيب ۽ آسودي ماٿري آهي جيڪا ڪنهن وقت زندگي جي بنيادي ضرورتن سان مالا مال هئي. آبپاشي جا ذريعا، جبل، تلاءُ، باغ، فصل، رهائش لاءِ پڪو نظام ميري ڪوٽ، شير ڳڙهه، موهن ڪوٽ، شراڪتي نظام، منظم سپاهه، آرٽ ۽ فن تعميرات جا ماهر، جنگي حڪمت عملي جا اڳواڻ، هي سڀ هن پرڳڻي جو حصو هئا، ڪابه حڪومت جيڪڏهن سنجيدگي سان هن جي مختلف پاسن تي ڪم ڪري ها ته يقينن پوري دنيا جا ماڻهو هن آسودي تهذيب ڏانهن ڇڪجي اچن ها. مون کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته جيڪي به ماڻهو رني ڪوٽ آيا آهن انهن جي دل ۾ هن تهذيب لاءِ وڏي عزت ۽ احترام پيدا ٿيو هوندو ته وري موجوده سرڪار لاءِ ان قدر وڌيڪ ملامت، ڌڪار، تهذيب، تمدن کان وانجهيل بلڪه دشمن وارو احساس پيدا ٿيو هوندو ۽ ڇو نه پيدا ٿئي. سنڌ جا ٽي آسودا ادار هتي پنهنجي طرح سان ڪم ڪري رهيا آهن، انڊومينٽ فنڊ، ڪلچرل ڊپارٽمينٽ ۽ ورڪس ڊپارٽمينٽ. اوهان کي ٻڌائيندو هلان هنن ادارن جا ڪرتا ڌرتا ڪي ٻيا نه اسان مان اسان جي ٻولي ڳالهائڻ وارا آهن، هنن هن ورثي جي جنهن طرح شڪل بگاڙي ڇڏي آهي ۽ ان کي جنهن طرح سرڪاري ڪارندن جي صرف محفلن لاءِ استعمال ڪيو آهي ان کي ٻڌي اسان جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو. حقيقت هيءَ آهي دوستو، رني ڪوٽ هڪ شاندار تاريخي اينٽيڪ ۽ آسودي وادي آهي، هن آسودي تهذيب ۽ ان جا رهواسي جن مصيبتن کي منهن ڏئي رهيا آهن خاص طرح عام ماڻهو، ٻار، عورتون، بزرگ انتهائي مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته سرڪار هن وقت تائين هن علائقي کي نه روڊ ڏئي سگهي آهي نه ٻارن لاءِ تعليم ۽ علاج جو بندوبست ڪري سگهي آهي. ايئن لڳندو هي علائقو ڪنهن جي ترجيح ۾ ئي ناهي رهيو. مقامي رهواسي انتهائي مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، انهن جي ٻارن جي اها حالت ڏسي هانءُ ۾ چڪ جيان لڳي ٿو.
***

