روز مره جي زندگيءَ ۾ سٺين عادتن سان ڪيئن چهٽو رهجي؟ باب سترهون ليکڪ: جيمس ڪليئر سنڌيڪار: فضا قريشي | مارچ 2022
1993ع ۾Abbotsford ڪئناڊا جي بينڪ 23 سالن جي اسٽاڪ بروڪر ٽرينٽ ڊرسمڊ کي نوڪري تي رکيو. ايبٽسفورڊ هڪڙو ننڍڙو علائقو هو، جيڪو شهر کان پرتي وينڪوور جي ڇانو جي ڀرسان واقع هو، جتي وڏن ڪاروبارن جون سموريون ڏيتيون ليتيون ٿينديون هيون. اهڙي علائقي ۾ هڪڙي نئين مقرر ٿيل ماڻهو مان ڪنهن کي به ڪا گھڻي اميد نه هئي، پر هن برق رفتاري سان ترقي ڪئي ۽ ان جو سبب ان جي هڪڙي سادي ننڍڙي روز مره جي عادت هئي.
ڊرڪ پنهنجي صبح جي شروعات ايئن ڪندو هو جو ان جي ميز تي ٻه دٻا هوندا هئا. هڪڙي ۾ 120 پيپر ڪلپ هوندا هئا ۽ ٻيو خالي هوندو هو. جيئن جيئن هن جو ڏينهن گذرندو هو، هو روزاني جي بنياد تي سيلز ڪال ڪرڻ شروع ڪندو هو. جيئن ئي هو هڪڙي ڪال ڪري وٺندو هو ته هو هڪڙو ڪلپ ڀريل دٻي مان کڻي، خالي دٻي ۾ وجهي ڇڏيندو هو ۽ ٻيهر ڪم کي لڳي ويندو هو. هن ٻڌايو ته ”آءُ روزانو 120 پيپر ڪلپن کان شروع ڪندو هئس ۽ تيستائين ڪالون ڪندو رهندو هئس جيستائين سمورا ڪلپ هڪڙي دٻي مان ٻئي دٻي ۾ نه منتقل ڪري ڇڏيان.“
ارڙهن مهينن ۾ ڊرسمڊ اداري کي 5 ملين ڊالر ڪمائي ڏنا. جڏهن هو 24 سالن جو ٿيو ته هو هر سال 75،000 ڊالر ڪمائيندو هو، جيڪي اڄ جي مطابق 125،000 ڊالر آهن. جلد ئي کيس ٻي ڪمپني ۾ اهڙي نوڪري ملي جتي سندس پگھار 6 انگن ۾ هئي.
آئون ان حڪمت عملي کي نالو ڏيان ٿو پيپر ڪلپ حڪمت عملي ۽ گذريل ڪيترن سالن اندر، مون پنهنجي پڙهندڙن کان اهو ٻڌو آهي ته هنن ڪيترن مختلف ڪمن ۾ اها حڪمت عملي استعمال ڪئي آهي. هڪڙي عورت جڏهن پنهنجي ڪتاب جو هڪڙو صفحو لکندي هئي ته پنهنجي هڪڙي وارن جي پن هڪڙي دٻي مان ٻي دٻي ۾ وجهندي هئي. هڪڙو ٻيو همراهه وري جڏهن پش اپس ڪندو هو ماربل جو ننڍڙو پٿر هڪڙي دٻي مان ٻي دٻي ۾ وجهندو هو.
اڳيان وڌڻ مطمئن ڪندڙ آهي ۽ جڏهن ترقي کي اکين سان ڏسجي يا ان جي ڳڻپ رکجي. جهڙوڪ: هڪڙو پيپر ڪلپ يا هڪڙي وارن جي پن يا ماربل جو پٿر ته اهي اوهان جي اڳيان وڌڻ جا چٽا ثبوت پيش ڪن ٿا. نتيجي طور، اهي اوهان جا رويا جوڙين ٿا ۽ ڪنهن به ڪم ڏانهن تڪڙو اطمينان به بخشين ٿا. ڏسڻ ۾ ايندڙ ڳڻپ ڪيترن ئي طريقن سان ڪري سگھجي ٿي. جهڙوڪ: کاڌي جو رجسٽر رکجي، ورزش جو لاگ بڪ رکجي، لائلٽي پنچ ڪارڊ، سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪري ان تي اڳيان وڌڻ جي بار يا نشان لڳائجي يا وري ڪتاب ۾ صفحا ڳڻجن، پر بهترين طريقو پنهنجي اڳيان وڌڻ جي ڳڻپ ڪرڻ جو آهي عادت جو ٽريڪر يا ماپو رکڻ.
عادت جو ٽريڪر يا ماپو ڪيئن رکجي؟:
عادت جو ٽريڪر يا ماپو رکڻ هڪڙو سادو طريقو آهي ته اوهان عادت جو پورائو ڪيو آهي يا نه. ان جو انتهائي بنيادي طريقو آهي ته ڪئلينڊر کڻجي ۽ ان تي نشان لڳائيندو اچجي ته اوهان پنهنجي روز مره جي عادت جو پورائو ڪيو يا نه. مثال طور: جيڪڏهن اوهان سومر، اربع ۽ جمعي تي مراقبو ڪريو ٿا ته انهن ڏينهن تي ڪراس جو نشان لڳائجي. جيئن جيئن وقت گذرندو، اهو ڪئلينڊر اوهان جي عادت جو ٽريڪر يا ماپو بڻجي پوندو.
اڻ ڳڻيا ماڻهو پنهنجي عادتن کي ايئن جاچين ٿا، پر سڀ کان مشهور بينجمن فرينڪلن آهي. ويهن سالن جي عمر کان وٺي، فرينڪلن جتي به ويندو هو ته ننڍڙو ڪتاب پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هو ۽ ان کي تيرنهن ذاتي خصلتن کي جاچڻ لاءِ استعمال ڪندو هو. ان فهرست ۾ هن قسم جا مقصد شامل هئا: وقت ضايع ناهي ڪرڻو، هميشه ڪنهن ڪارائتي ڪم ۾ جنبيل رهڻو آهي، گلا غيبت ناهي ڪرڻي. هر ڏينهن جي آخر تي، هو پنهنجو ڪتابڙو کوليندو هو ۽ پنهنجو رڪارڊ درج ڪندو هو.
زنجير يا چين نه ٽوڙيو. اهو هڪڙو طاقتور اصول آهي. سيلز ڪال ڪرڻ جي چين نه ٽوڙيو ۽ اوهان ڪاروبار تي هڪڙو ڪامياب ڪتاب لکي وٺندو. ورزش ڪرڻ جي چين نه ٽوڙيو ۽ اوهان اميد کان به تڪڙو فٽ فاٽ ٿي ويندو. عادت جي ٽريڪنگ انتهائي طاقتور حڪمت عملي آهي ڇاڪاڻ جو اها اوهان جي روين کي چٽو، پرڪشش ۽ اطمينان بخش بڻائي ٿي.
فائدو-1: عادتن جي جاچ پڙتال، روين کي چٽو ڪري ٿي:
سورنهن سئو ماڻهن تي ٻڌل هڪڙي تحقيق اهو ظاهر ڪيو ته اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي کاڌي پيتي جو رڪارڊ رکن پيا انهن انهن ماڻهن جي مقابلي ۾ ٻيڻ تي وزن گھٽايو جيڪي رڪارڊ نه پيا رکن. ٽريڪنگ اوهان کي اتساهي ٿي ته اهو ڪم ٻيهر ڪريو.
اها اوهان کي ايماندار پڻ بڻائي ٿي. اسان مان گھڻن جا پنهنجي روين ۽ عادتن ڏانهن غلط سلط ۽ گاڏڙ رويا هوندا آهن. ڪارڪردگي جي برعڪس اسين سمجهندا آهيون ته اسين بهترين طريقي سان عمل ڪريون پيا. ڳڻپ هڪڙي طريقي سان اسان کي ان انڌي سوچ مان ٻاهر ڪڍندي آهي ۽ اسين اکين سان ڏسي ۽ سمجهي سگھندا آهيون ته دراصل اسين ڪريون ڇا پيا. دٻي ۾ پيل پيپر ڪلپ تي هڪڙي نظر ئي اوهان کي ٻڌائي ڇڏيندي ته اوهان ڪيترو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترو ناهي ڪيو. جڏهن ثبوت اوهان جي سامهون هوندو ته اوهان پاڻ سان ڪوڙ نه ڳالهائي سگھندو.
فائدو-2: عادتن جي جاچ پڙتال، روين کي پرڪشش بڻائي ٿي:
اتساهه جو موثر ذريعو آهي اڳيان وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ. جڏهن اسان کي اهو اشارو ملي ٿو ته اسين اڳيان وڌون پيا، اسين اڃان به وڌيڪ پرجوش ٿي ويندا آهيون ته ان رستي تي لڳا رهون. اهڙي طريقي سان عادتن جي ٽريڪر جو اتساهه تي مجموعي اثر آهي. هڪڙي ننڍڙي ڪاميابي اوهان جي خواهش کي وڌائي ٿي.
اهو عمل هڪڙي خراب ڏينهن لاءِ ته ويتر وڌيڪ پر اثر آهي. جڏهن اوهان مايوس هوندا آهيو، اوهان با آساني پنهنجي ڪيل اوسر وساري ويهندا آهيو. عادتن جو ٽريڪر اوهان کي اوهان جي محنت ياد ڏياريندو آهي. اهو ياداشت نامو هوندو آهي ته اوهان ڪيترو اڳتي نڪري آيا آهيو. ان سان گڏوگڏ، ڪئلينڊر تي خالي خانو اوهان کي اتساهيندو آهي ته اوهان ڪم شروع ڪيو. ڇاڪاڻ جو اوهان وقفو ڏيئي پنهنجو رڪارڊ خراب نه ڪرڻ چاهيندا آهيو.
فائدو-3: عادتن جي جاچ پڙتال، مطمئن ڪندڙ آهي:
اطمينان ان جي انتهائي اهم فائدن مان آهي. ٽريڪنگ يا جاچ پڙتال ڪرڻ خود پنهنجي ذات ۾ هڪڙو انعام آهي. اهو هڪڙو اطمينان ڏياريندڙ عمل آهي ته اوهان پنهنجي ڪمن جي فهرست تي ڪراس لڳايو، پنهنجي ورزش واري لاگ بڪ جي انٽري پوري ڪريو يا ڪئلينڊر تي ڪراس جو نشان لڳايو. پنهنجي نتيجن کي وڌندو ويجهندو ڏسي خوشي جو احساس ٿيندو آهي ۽ جڏهن اوهان خوشي محسوس ڪندا آهيو ته اوهان اهو ڪم ٻيهر ڪرڻ چاهيندا آهيو. عادتن جي ٽريڪنگ اوهان کي فوڪس رهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. اوهان نتيجن جي بدران ان عمل تي فوڪس رهندا آهيو.
اوهان اهو سوچيندا هوندا ته جيڪڏهن ٽريڪنگ ايڏي فائديمند آهي ته پوءِ مون هينئر تائين ان جو ذڪر ڇو نه ڪيو؟
انهن سمورن فائدن هوندي، ان ڳالھ ٻولھ کي آئون خود دير سان کڻي آيس ان جو سبب صرف هڪڙو آهي: ڪيترا ماڻهو ٽريڪنگ ۽ ڳڻپ واري خيال جي انحرافي ڪندا آهن. اهو کين هڪڙو بار محسوس ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ جو اهو هڪ ئي وقت ۾ ٻن عادتن تي زور ڏيندو آهي، هڪڙي اها عادت جيڪا اوهان ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ ٻي وري ان کي ٽريڪ ڪرڻ جي. کاڌي جون ڪيلوريون ڳڻڻ ڏکيو لڳندو آهي، جڏهن اوهان اڳ ۾ ئي ڊائٽنگ ڪندا هجو. جڏهن اوهان سخت محنت ڪندا هجو ۽ وري هر ڪال کي ڳڻڻ ڄڻ ته انتهائي ڏکيو ٿي پوندو آهي. اهو چوڻ سولو آهي ته ”آئون گھٽ کائينديس“ يا ”آئون وڌيڪ محنت ڪنديس“ يا ”آئون ياد رکندس ته اهو ڪم ڪرڻو آهي“. مون اڪثر ماڻهن کي چوندي ٻڌو آهي ته ”مون پاڻ وٽ فيصلن جو جنرل رکيو آهي، پر آئون اميد ٿو ڪريان ته آئون ان کي وڌيڪ استعمال به ڪندس“، يا ”مون پنهنجي ورزش کي هڪڙو هفتو رڪارڊ ڪيو، پر پوءِ خاموش.“ مون هڪڙو ڀيرو پنهنجو کاڌي جو لاگ بڪ ٺاهيو ۽ ان ۾ هڪڙي ئي انٽري ڪيم ۽ پوءِ هٿ پٽيم. ٽريڪنگ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ڪانهي ۽ اهو ضروري نه ناهي ته اوهان پنهنجي سموري زندگي جي ٽريڪنگ ڪريو، پر ڪوبه ان مان هڪ نه ٻئي طريقي سان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو، پوءِ ڀلي هو ان کي ڪجھ عرصي لاءِ ئي ڇو نه ڪري.
اسين ٽريڪنگ کي ڪيئن آسان بڻائي سگھون ٿا؟ :
پهريون، جڏهن جڏهن ممڪن هجي ان کي خودڪار بڻائجي. اوهان حيران ٿيندو ته اوهان ان کي ڄاڻڻ بنا ئي ڪيتري ٽريڪنگ ڪريو پيا. اوهان جو ڪريڊٽ ڪارڊ اها ٽريڪنگ ڪري ٿو ته اوهان ٻاهر کائڻ لاءِ ڪيترو وڃو ٿا. اوهان جو فٽ بٽ رجسٽر اهو ٻڌائي ٿو ته اوهان ڪيترا قدم هليا آهيو ۽ ڪيترو وقت آرام ڪيو آهي. اوهان جو ڪئلينڊر ٻڌائي ٿو ته اوهان سال ۾ ڪيتريون نيون جايون گھميون آهن. هڪڙو دفعو اوهان کي اهو اندازو ٿي وڃي ته ڊيٽا ڪٿان کڻڻي آهي ته بجاءِ روز ڪرڻ جي اوهان هفتيوار يا ماهوار به پنهنجي ڪئلينڊر کي نشان لڳائي سگھو ٿا.
ٻيو طريقو آهي مينوئل ٽريڪنگ جو، جنهن کي انتهائي اهم عادت تائين مختص رهڻ گھرجي. اهو بهتر آهي ته هڪ ئي وقت ۾ هڪڙي عادت کي مسلسل ٽريڪ ڪجي بجاءِ ان جي جو ڏهن کي ڪجي. آخر ۾ اهو چوندس ته ڪم ڪرڻ جي فورن بعد هر ڳڻپ کي هڪدم رڪارڊ ڪيو. ان عمل جي تڪميل سان اها ڳالھ مشروط هجي ته ان کي نوٽ ڪرڻو آهي. اها حڪمت عملي اوهان کي گذريل باب ۾ بيان ڪيل عادتن سان ڪيئن چهٽل رهجي واري طريقي جو ڏس ڏئي ٿي.
عادت سان چهٽل رهڻ + عادت جي ٽريڪنگ جو فارمولو آهي
ڪم ڪرڻ کانپوءِ، آئون ان کي رڪارڊ ڪندس.
اهي ننڍڙيون چالون اوهان جي عادتن کي آسان بڻائينديون. جيتوڻيڪ اوهان ان قسم جا ماڻهو آهيو جيڪي پنهنجي روين کي رڪارڊ ڪرڻ ۾ ڪو گھڻو يقين نٿا رکن، پر آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي عادت کي چند هفتا ئي رڪارڊ ڪندو ته ڪافي بهتر نتيجا اوهان جي سامهون ايندا. اهو ڄاڻڻ سدائين دلچسپ هوندو آهي ته اوهان دراصل پنهنجو وقت ڪيئن گذاريو ٿا.
اهو صحيح چوندا آهن ته هر عادت جو خاتمو ڪنهن نه ڪنهن پوائنٽ تي ٿيندو آهي ۽ وڌيڪ اهم اهو ته هرهڪ ڳڻپ اوهان کي ان رستي تي کڻي هلي ٿي ۽ ٿڙڻ نٿي ڏئي.
جڏهن اوهان کان ڪا سٺي عادت ڇڏائجي وڃجي ته ڪيئن جلدي واپس ان ڏانهن موٽجي:
ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته اوهان پنهنجي عادت ۾ ڪيترا مستقل مزاج آهيو. اهو اڻٽر آهي ته زندگي ڪنهن نه ڪنهن نقطي تي ان ۾ خلل وجهي. هر ڪمال کي زوال آهي ۽ ڪمالِ منزل ماڻڻ ناممڪن آهي. ڊگھي وقت کانپوءِ ڪا ايمرجنسي ٿي پوندي، اوهان بيمار ٿي پوندو يا اوهان کي ڪم سانگي يا پنهنجي خاندان سان گڏ ڪٿي سفر ڪرڻو پوندو جيڪو ٿورو گھڻو اوهان جو وقت ضرور وٺندو.
جڏهن به مون سان اهو ٿيندو آهي ته آئون پاڻ کي اهو سادو ۽ سولو اصول ذهن نشين ڪرائيندو آهيان ته ”ڪڏهن به ٻه ڀيرا ان ڳالھ کي يا ڪم کي نه ڇڏيو.“
اهو ياد رکو ته پهرين غلطي اوهان کي خراب يا برباد ناهي ڪندي. بربادي يا تباهي تڏهن ايندي آهي جڏهن ان وڪڙ ۾ بار بار غلطين کي دهرائبو آهي. هڪڙي دفعي ڪا شيءِ ڇڏائجي وڃي ته اها غلطي آهي، پر ٻه ڀيرا ان کي ڇڏڻ معنيٰ نئين بري عادت جي شروعات ڪرڻ آهي.
اهو ڄاڻڻ ته ڪڏهن عادت جي ٽريڪنگ ڪرڻ (۽ ڪڏهن نه ڪرڻ) گھرجي:
اسين ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪم پيا ڪندا آهيون بجاءِ ان جي جو ڪو معنيٰ خيز ڪم ڪريون. ڪم ڪرڻ ۽ اهو ڪم ڪرڻ جنهن جو نتيجو نڪري اهي ٻه الڳ شيون آهن. اسين ان ڳالھ تي وڌيڪ ڌيان پيا ڏيندا آهيون ته ڏھ ھزار قدم کڻون بجاءِ ان جي ته اسين صحتمند رهون. اسين اسٽينڊرڊ ٽيسٽن کي پاس ڪرڻ لاءِ پيا پڙهندا ۽ پڙهائيندا آهيون بجاءِ ان جي ته سچ پچ ڪجھ علم حاصل ڪجي ۽ سوال اٿاريندڙ سوچ پيدا ڪجي. جڏهن اسين غلط ماپا چونڊينداسين ته اسين غلط رويا ئي جنمينداسين.
ان جو مطلب اهو آهي ته عادت جي جاچ کي به صحيح طريقي سان رکڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي عادت کي رڪارڊ ڪرڻ اطمينان بخش ٿي سگھي ٿو ۽ ان سان پنهنجي واڌ کي جاچي سگھجي ٿو، پر صرف ماپ ڪرڻ ئي ڪافي ڪونهي. ان کان علاوه ترقي ۽ اوسر ماپڻ جا ڪيترائي طريقا ٿي سگھن ٿا. ڪوبه فرق نٿو پوي ته اوهان پنهنجي واڌ کي ڪيئن ٿا ماپيو. بهرحال عادت جي ٽريڪنگ ڪرڻ سان اوهان کي هڪڙو ننڍڙو ثبوت ضرور ملي ٿو ته اوهان صحيح رخ ۾ وڃي رهيا آهيو ۽ جڏهن اوهان اهو ڄاڻو ٿا ته اهو لمحو اوهان کي خوشي پڻ ڏئي ٿو.
باب جو خلاصو:
- سڀ کان وڌيڪ اطمينان بخش احساس اهو ڄاڻڻ ۾ آهي ته اوهان اڳيان وڌي رهيا آهيو. عادتن جو ٽريڪر هڪڙو سادو طريقو آهي عادتن کي ماپڻ جو، جهڙوڪ: ڪئلينڊر تي ڪراس جو نشان لڳائڻ.
- عادتن جو ٽريڪر ۽ ٻيا اهڙا نظر ايندڙ عادتن کي ماپڻ جا طريقا اوهان جي عادتن کي وڌيڪ اطمينان بخش بڻائي اوهان جي اڳيان وڌڻ، اوسر ۽ ترقي جا چٽا ثبوت پيش ڪن ٿا.
- اصول اهو آهي ته چين يا زنجير کي نه ٽوڙيو. ڪوشش ڪري پنهنجي عادت جو ڌاڳو سوريندا رهو، ان کي ٽٽڻ نه ڏيو.
- ڪڏهن به ٻه ڀيرا نه ڇڏيو. جيڪڏهن اوهان هڪڙو ڏينهن ڇڏيو ٿا ته ڪوشش ڪريو ته جيترو ٿي سگھي جلدي واپس ان ڏانهن موٽو.
- صرف ان ڪري ته اوهان ڪا شيءِ ماپي سگھو ٿا، ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته اها سڀ کان اهم شيءِ آهي.
…(هلندڙ)….