روس- يوڪرين جنگ ۽ سواليه نشان بڻيل عالمي امن محمد يوسف ڀٽو
ڪنھن کي خبر ھئي ته ھن نئين سال 2022ع جي شروعاتي ٻئي مھيني يعني فيبروري ۾ روس ۽ يوڪرين ۾ باقائدہ جنگ ڇڙندي ۽ دنيا ۾ معيشت جي حوالي سان ڀونچال مچي ويندو. يعني تيل ۽ گئس سميت کاڌي پيتي جي شين سميت کاڄرو تيل جي اگھن کي ھڪدم پَر لڳي ويندا؟ نيٺ اھو ئي ٿيو جنگ بعد دنيا ۾ مهانگائي جو ھڪ طوفان مچي ويو.
ڪمزور معيشت وارن ملڪن کي ته ھن طوفان ٿرٿلي ۾ آڻي ڇڏيو آھي. ھن جنگ جي سڌي يا اڻ سڌي اثرن کان ڪوبه ملڪ بچي نه سگھيو. روس- يوڪرين جنگ جون تياريون ته گذريل سال ئي زور تي پھچي ويون هيون، پر جنگ جي ڪنهن کي اميد نه ھئي. آمريڪا ۽ يورپ روس کي سوڙھو ڪرڻ لاءِ ان جي پاڙيسري ملڪ يوڪرين کي نيٽو جو اتحادي بنائڻ لاءِ ڪافي سالن کان ڪوششن ۾ رڌل ھئا ۽ عالمي ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب يوڪرين ۾ پنھنجو اسلحو به گڏ ڪري رھيا ھئا جنھن عمل کي روس پنھنجي سلامتي جي خلاف ڀانئيو ۽ يوڪرين کي بار بار خبردار پڻ ڪيو، پر يوڪريني صدر ان کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو. روس نيٺ يوڪرين تي حملي ڪرڻ لاءِ زميني، فضائي ۽ سامونڊي حملا ڪري ڇڏيا. روس زمين کان زمين تي مار ڪندڙ ميزائيل ۽ ٻين بيلسٽڪ ميزائيلن سميتMultiple Rocket System ۽ انهن کان علاوه ڪاري سمنڊ(Black Sea) ۾ تعينات پنھنجن خطرناڪ بحري جنگي جھازنWar Ships مان ڪيليبر ۽ ڪروز ميزائيلن سان يوڪرين تي بارش ڪري ڏني.
اطلاع آهن ته روس اوڀر يوڪرين ۽ ڏکڻ يوڪرين تي مڪمل قبضو ڪري ورتو آهي. روس، يوڪرين جي شھرن ڪريميا ۽ سيوسٽاپول، لوھانسڪ، ڊونيسڪ، خارڪيف، خيرسن، ماريوپول ۽ اوڊيسا سميت ڪيترن شھرن تي قابض ٿي ويو. نه صرف اھو بلڪه يوڪرين جي ڏکڻ ۾ واقع ڪاري سمنڊ واري يوڪريني ساحلي پٽيءَ تي گذريل مھيني جون ۾ ئي مڪمل قبضو ڪري ورتو. يوڪرين تي حملي بعد آمريڪا، يورپ، نيٽو ۽ آمريڪي حامي ملڪن روس تي تمام گھڻيون پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن. ان باوجود جنگ پنهنجي زورن تي آهي ۽ 6 مھينا ٿي چڪا آهن. روس تي انھن پابندين جو ڪوبه خاص اثر نه ٿيو، ڇو جو روس تيل ۽ گئس جي دولت سان مالا مال آھي. يورپ جو گذارو ئي روسي تيل ۽ گئس تي آھي. جنھن ڪري روس ھن سال انهن وسيلن مان اڳ کان بنھ وڏي آمدني حاصل ڪئي ۽ روسي ڪرنسي روبل اپريل ۾ دنيا جي چئين وڏين مضبوط ڪرنسين ۾ شامل ٿي وئي. يوڪرين جيڪو دنيا جو ذرخيز ترين ملڪ آهي جيڪو پوري يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا، پر خاص ڪري ايشيا جي وچ اوڀر جي ملڪن کي اناج کاڄرو تيل ۽ گوشت برآمد(Export) ڪندو هو، ھنن مذڪورہ ملڪن جي کاڌ خوراڪ جو دارو مدار يوڪرين کان گھرايل شين تي ھوندو هو. روس پاران ڪاري سمنڊ واري گذر گاهه تي قبضي بعد دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جي نه صرف کوٽ ٿي وئي بلڪه ان جون قيمتون آسمان تي پهچي ويون آهن. ڪمزور معيشتن وارا ملڪ ته ٺھيو، پر سگھاري معيشتن وارا ملڪ به لوڏن ۾ اچي ويا. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ مھانگائي خلاف احتجاج ڏسڻ لاءِ مليا. روس بحري گذر گاھن کي کولڻ لاءِ پاڻ مٿان لڳل پابندين کي ھٽائڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي. يوڪرين دنيا جو اهو ملڪ آهي جنهن کي يورپ جي کاڌي جي ٽوڪري Food Basket Of Europe چيو وڃي ٿو عالمي ميڊيا ۾ ته ايترو به ٻڌڻ ۾ آيو ته ”دنيا جي ٿالھيءَ ۾ سئو مانين مان نَوَ مانيون يوڪرين جون ھونديون آھن. دنيا ۾ ڀلو سورج مکي 50 سيڪڙو يوڪرين ۾ پيدا ٿئي ٿو سو اڄ اھو خوبصورت ملڪ آمريڪا ۽ نيٽو جي ڳالھين ۾ اچي عاقبت نا انديشي کان ڪم وٺي روس سان جنگ ۾ الجھي ويو ۽ اڄ اھو کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ان جا لکين سھڻا يوڪريني ماڻهو يورپ جي مختلف ملڪن ۾ پناهگيرن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. حالتن مان پتو پوي ٿو ته يوڪريني صدر زيلنسڪي کي اھڙي صورتحال جي قطعن توقع نه هئي محض 2 لک فوج رکندڙ يوڪرين جو صدر عالمي مغربي سامراجي طاقتن جي ھٿن ۾ کيڏڻ تي راضي ٿي ويو ۽ ھاڻي نيٽو کان ملندڙ مفت جي فوجي اسلحي تي مزاحمت ڪري پيو.
ھن جنگ بعد دنيا، پر خاص ڪري يورپ ۾ عداوتن جو دائرو وڌندو پيو وڃي، انھن يورپي (ويندي آمريڪا تائين به) ھڪٻئي کي ڌمڪائڻ جو سلسلو جاري آھي، پر دنيا جا ترقي ڪندڙ ملڪ ته خوامخواهه ڏچي ۾ اچي ويا آهن، وڃن ته وڃن ڪيڏانهن؟ صورتحال اھا آھي ته روس جي چتاءُ باوجود نيٽو يوڪرين جي فوجي مدد ۾ لاڳيتو رُڌل آھي. عالمي ميڊيا بار بار دعويٰ ڪري پئي ته روس- يوڪرين جنگ ڪيڏي مھل ڪھڙو به رخ اختيار ڪري سگهي ٿي ۽ روس، نيٽو پاران يوڪرين جي ٿيندڙ فوجي امداد تي خاموش نه ويهندو ۽ ڪيڏي مهل به نيٽو ٺڪاڻن تي حملو ڪري سگهي ٿو. يورپ جيڪو پھرين ۽ ٻي مها ڀاري لڙائي به وڙھي چڪو آهي تباھ حالي جا خوفناڪ منظر به ڏسي چڪو آهي، پر لڳي ٿو ته يورپ انھن ٻنھي عالمي جنگين مان ڪجهه نه پرايو.
ھن وقت دنيا خاص ڪري يورپ ۾ روس- يوڪرين جنگ بعد ھڪ خوف واري صورتحال نظر پئي اچي. عالمي ميڊيا تي نظر رکندڙ دوستن کي خبر ھوندي ته دنيا ۾ مختلف ھنڌن تي ڇڪتاڻ سبب ڪھڙي صورتحال آھي؟ ذري گھٽ ڪيترا محاذ کُلڻ وارا آھن؟ ھاڻي اھو دور نه رھيو آھي ته اڳ ۾ ڪن ٻن ملڪن ۾ جنگ ٿيندي ھئي ته باقي دنيا براھ راست متاثر نه ٿيندي ھئي. ھاڻي جيئن ته دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آھي، سو ھي اھو دور آھي جو ڪن ٻن ملڪن ۾ جنگ ٿئي ٿي ته متاثر سڄي دنيا ٿئي ٿي. ھنن ٻن يورپي ملڪن جي جنگ سڄي دنيا جي معيشت کي لوڏي وڌو آھي. توڙي جو ھن جنگ جي پس پردہ نيٽو، پر خاص ڪري آمريڪا جا مفاد نظر اچن ٿا.
روس- يوڪرين جنگ بابت بنيادي حقيقتن جو جائزو وٺجي ته خبر پوندي ته يوڪرين اوڀر يورپ جو سرد علائقي وارو ھڪ خوبصورت ملڪ آهي. جنھن جي اتر ۾ بيلاروس، اوڀر ۾ روس، ڏکڻ ۾ ڪارو سمنڊ ۽ اولھ ۾ پولينڊ ۽ مالدووا ملڪ آھن. يوڪرين 1920ع کان 1991ع تائين سوويت روس جو حصو رهيو. سوويت يونين ٽٽڻ کانپوءِ يوڪرين آزادي جو اعلان ڪيو. 603,628 چورس ڪلو ميٽرن تي مشتمل يوڪرين جي آبادي 4 ڪروڙ 11 لکن کان وڌيڪ آبادي تي ٻڌل آھي ۽ ھي يورپ جو اٺون وڏو ملڪ آھي. ھن جي گاڌي جو ھنڌ ڪيف آھي.
روس ۽ يوڪرين ۾ اصل جهيڙو ڪرائيميا (پيننسيولا) واري سامونڊي لنگھ تان 2013ع ۾ شروع ٿيو، جنهن تي روس 2014ع ۾ قبضو ڪري ورتو.
ان کانپوءِ ٻيو جهيڙو روسي آبادي جي اڪثريت وارين ٻن رياستن لوهانسڪ ۽ ڊوسينڪ ۾ ٿيو. جن 2014ع کان ڪرائيميا کان آزادي لاءِ گوريلا ويڙھ ڪئي.
روس يوڪرين ۾ وڙهندڙ آزادي پسند گوريلن جي مدد جو اعلان ڪندي يوڪرين جي ٻن رياستن لوهانسڪ ۽ ڊوسينڪ کي آزاد رياستون قرار ڏئي ۽ آزاد قرار ڏنل ٻنهي رياستن ۾ پنهنجي فوج اندر موڪلي.
آمريڪا ۽ برطانيا سميت يورپي ملڪن روس جي اڳڀرائي کي يوڪرين تي حملو قرار ڏنو ۽ روس تي معاشي پابنديون به مڙهيون.
يوڪرين اھو ملڪ آھي جنھن جا ماڻهو دنيا جي خوبصورت ترين ماڻهن ۾ ڳڻيا ويندا آهن. دنيا ۾ نيرين اکين(Blue Eyes) وارا سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ماڻهو پڻ يوڪرين جا آهن، پر افسوس اھي ھاڻي دربدري واري ڪيفيت ۾ مبتلا آھن.
جيئن ته اسان پھرين ئي ذڪر ڪيو ته يوڪرين سوويت يونين جو اڳوڻو ٽٽل حصو آهي ۽ 1991ع ۾ سوويت روس جي ٽُٽي وڃڻ کانپوءِ هاڻي الڳ ملڪ آهي.
ھن وقت روس يوڪرين جي اتر ۾ بيلاروس کان ۽ اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ ڪريميا ۽ ڪاري سمنڊ(Black Sea) کان يوڪرين تي حملا ڪيا. عالمي ميڊيا موجب يوڪرين جا ھيستائين 40 کان وڌيڪ خوبصورت شھر کنڊر بڻجي چڪا آھن. جن ۾ مشھور بندرگاھي ۽ وڏو صنعتي شھر ماريوپول به شامل آھي. يوڪرين اندر يا ٻاھر سرحد تي اندازن ٽي لک روسي فوج پھتل آهي. خود يوڪرين روس کي به ڳري جاني نقصان پھچائڻ جي دعويٰ ڪري ٿو ۽ روس جي فوجي ساز و سامان جي تباھي جي به دعويٰ ڪئي آھي. هن هلندڙ جنگ جي شروعات کان وٺي ھيستائين آمريڪا ۽ نيٽو (بلڪه آسٽريليا سميت ٻيا آمريڪي ساٿاري ملڪ) يوڪرين جي مدد لاءِ ڳرو فوجي سامان پهچائيندا رهيا آهن. يوڪريني فوجين کي مختلف ملڪن ۾ سکيا ڏياري واپس وڙھڻ لاءِ يوڪرين موڪليو پيو وڃي ته جيئن روس کيTough Time ڏئي سگھن. يورپ ھن عمل ۾ پيش پيش آھي. يورپ جي ملڪن جا اسلحي جا آرڊر آمريڪي فوجي ڪمپنين کي ملن پيا. يعني اسلحو آمريڪا جو وڪجي پيو. فائدو سڌو سنئون آمريڪا وٺي پيو. اگر اھا مغربي مدد نه ھجي ھا ته يوڪرين جو ھيستائين جنگ ۾ بيھڻ ناممڪن ھو.
ھوڏانھن اڳوڻو آمريڪي وزير خارجه ھينري ڪيسينجر گذريل مھيني جون جي شروع ۾ يوڪرين کي ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏيئي چڪو آھي.
ٻئي پاسي تازو 22 جولاءِ تي بيلاروس پاران يوڪرين کي ائٽمي حملي جي ڌمڪي سامھون آئي آھي جيڪا صدر پيوٽن جي ويجھي ساٿي بيلاروس جي صدر ڏني آھي ۽ يوڪرين کي روس جا شرط مڃڻ ۽ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جو به مشورو ڏنو آھي. انھن ڳالھين مان عالمي حالتن جي سنگيني جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
مغرب پاران ايشيا خاص ڪري وچ اوڀر ۽ مشرقي ايشيا ۾ چڙ ڏياڙيندڙ پاليسين سبب عالمي امن شديد خطرن ۾ آھي.
روس ڪاري سمنڊ جو گھيرو ختم ڪرڻ لاءِ پابنديون ھٽائڻ جو شرط رکي ڇڏيو آھي، پر عالمي طاقتون پنھنجي انا پرستي تان ھٿ کڻڻ لاءِ تيار نه آھن.
ھن سڄي منظر نامي ۾ مذڪورہ جنگ جي پويان جتي اصل ۾ ڪجھ ٻيا مقصد ٿا نظر اچن اتي جنگي ھٿيارن جي واپار جي سوچ به آھي. اھو عالمي ميڊيا چوي ٿي. جيڪا ڳالھ سوچڻ جوڳي آھي. يورپي ملڪ جنگي بجيٽ وڌائين پيا. ھٿيارن جون ڪمپنيون ۽ ملڪ خوب پئسا ڪمائين پيا، جن ۾ سر فھرست آمريڪا آھي. جنھن، روس- يوڪرين جي ھلندڙ جنگ ۾ ننڍن وڏن يورپي ملڪن کي روسي حملي جو ڊپ ڏياري انھن کي ھٿيار وڪڻي خوب پئسا ڪمايا.
اطلاع آھن ته روس 10 سالن بعد پنھنجي جديد ترينSarmat Missile جي رونمائي ڪري ڇڏي جنھن کي آمريڪا شيطان ٽو جو نالو ڏنو آھي. روس جي ھن ميزائيل کي آمريڪا ۽ نيٽو ملڪن جو ڪوRadar ٽريڪ نٿو ڪري سگھي. مون سوشل ميڊيا ۽ ھڪ عالمي ٽي وي چينل تي ان بابت رپورٽ ڏٺي ته اھو روسي ميزائيل، ھيرو شرما تي ڪيرايل ايٽمي ميزائيل کان 400 دفعا وڌيڪ آھي. چوڏھن منزلن برابر ان ميزائيل جي رينج 22000 ڪلو ميٽر آھي. ياد رھي روس سُپر سانڪ بلڪه ھائپر سانڪ (آواز جي رفتار کان ڪئين دفعا تيز) ميزائيل ٽيڪنالاجي ۾ دنيا ۾ سڀ کان اڳڀرو ملڪ آھي، آمريڪا آواز کان تيز رفتار وارن ميزائيلن جا ڪجھ تجربا ڪيا آھن، پر کيس ڪا خاطر خواھ ڪاميابي نه ملي سگھي آھي، پر آمريڪا جا دنيا ۾ تمام گھڻا فوجي اڏا ۽ نيٽو جھڙا اتحادي ضرور آھن جنھن ڪري آمريڪا کي اھو ايڊوانٽيج حاصل آھي.
ھوڏانھن روسي پرڏيھي وزير سرگئي لاروف ته اھو به چئي چڪو آھي ته ”روس کي روڪڻ لاءِ مغربي ملڪن چئوڻي طاقت لڳائي. روس ۽ مغرب جي وچ ۾Total war شروع ٿي چڪي آھي“ مغربي ملڪن کي يوڪرين جي ھمدردي ھجي يا نه پر ھنن پاران روس دشمني ۾ يوڪرين کي مسلسل فوجي ھٿيارن جي مدد جاري آھي. روس مغرب کي بار بار باز رھڻ ۽ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏيندو رھيو آھي. عالمي ميڊيا جي دعويٰ موجب روس يوڪرين جنگ ڪنھن به وقت ڪوبه خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگھي ٿي ۽ اھو دنيا لاءِ ڏاڍو ھاڃيڪار ھوندو. روسي فوج يوڪرين جي مدد ڪندڙ نيٽو اڏن تي حملو ڪري سگھي ٿي.
دنيا، عالمي طاقتن پاران ھڪٻئي کي سڌي جنگ جي غير ذميدارانه ڌمڪين ۾ ايڏي تلخي ھن کان اڳ نه ڏٺي ھوندي. انھن ڌمڪين ۾ ڪاوڙ ۽ نفرتن جو ھڪ طوفان آھي. مغربي ملڪن مٿان جنگ جا ڪڪر گھرا ٿيندا وڃن. اھي ڪڪر اوڀر ايشيا ۾ سائوٿ چائنا سي مٿي به نظر اچن ٿا.
حالتن جي سختي جو اندازو ان ڳالھ مان لڳايو ته ھن سال گذريل مارچ يا اپريل مھيني ۾ روسي صدر پيوٽن روسي نيو ڪليئر فورس جي تيارين جو جائزو ورتو. پيوٽن جي نيو ڪليئر اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي ھيڊ سان ملاقات ٿي. جنھن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته روس دنيا ۾ ڪنھن به ملڪ تي 10 منٽن ۾ ايٽمي ھٿيارن سان حملو ڪري سگھي ٿو. روس وارن ان جي ٽيسٽ به ڪري ورتي آھي.
ھن ئي سال 2 جون تي عالمي ميڊيا اھا خبر به نشر ڪئي ته آمريڪا پاران يوڪرين کي 300 ڪلو ميٽرن تائين مار ڪندڙHimars Missile System ڏيڻ واري فيصلي جي اطلاعن بعد روس نيو ڪليئر ميزائيل مشقون شروع ڪيون.
جڏھن ته برطانيا پاران يوڪرين معاملي تي روس خلاف جارحاڻن بيانن، پابندين ۽ يوڪرين جي فوجي مدد تي به روس چِڙيل آھي. عالمي ميڊيا رپورٽ ڪري چڪي آھي ته روس پاران برطانيا کي پنھنجي آواز جي رفتار کان گھڻو تيز ريڊار تي نظر نه ايندڙ زرڪون ميزائيل حملي سان پٿر جي دور ۾ موڪلڻ جي ڌمڪي به ڏيئي چڪو آھي. روسي ميڊيا ۾ ان ميزائيل بابت دعويٰ ڪئي وئي ته روسي ھائپر سونڪ ڪروز ميزائيل زرڪون جنھن جي رفتار 11000 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آھي، جيڪو آواز جي رفتار کان 9 دفعا تيز ۽ ريڊار تي نظر نه ايندڙ آھي. خطرناڪ ڳالھ اھا ته روس ان ميزائيل جو تجربو ائٽمي سب ميرين مان ڪيو آھي. اسرائيل جي ھڪ تحقيقي اداري پاران روس جي زرڪون ميزائيل حملي سان برطانيا جي مڪمل تباھي واري ڳالھ جي تصديق به سامھون اچي چڪي آھي.
ھن سال 29 اپريل تي عالمي ميڊيا ۾ ھڪ خبر آئي ته جڏھن يو اين او جو سيڪريٽري جنرل روسي صدر سان ملاقات لاءِ ماسڪو پھتو ته ان سان ملاقات بعد پيوٽن چيو ھو ”اسان وٽ اھيTools آهن جن جو ڪير سوچي به نٿو سگھي.“
ھن سال 9 مئي تي عالمي ميڊيا اھي به رپورٽون ڏنيون ته نيٽو گذريل سال آڪٽوبر کان ھيستائين روس ۽ ڪاري سمنڊ جي آسپاس ملڪن ايسٽونيا، لٽويا، پولينڊ، سلواڪيا، پولينڊ ۽ رومانيا ۾ 4 ھزار کان فوج جو انگ وڌائي 40 ھزار ڪري ڇڏيو آھي.
ھوڏانھن وچ اوڀر ۾ دھشتگردي ۽ بدامني جي ذميوار نام نھاد يھودي رياست اسرائيل پاران ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي حملي جي مسلسل ڌمڪين سبب به وچ اوڀر جو امن خطري ۾ آھي. شام ۾ اسرائيل پاران شام جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ۽ شام تي فضائي حملن تي مغربي ملڪن جي مجرماڻي ماٺار به ڳڻتي جو سبب بڻيل آھي.
ھڪ ٻي ڳالھ جنھن تي پڻ عالمي ميڊيا سوال اٿاريندي رھي آھي سا ھيءَ آهي ته ھن سال 29 اپريل تي عالمي ميڊيا ۾ ھڪ ڇرڪائيندڙ خبر آئي ته يوڪرين جي اولھ ۾ واقع ننڍڙي يورپي ملڪ مالدووا جي شھر جي ٽرانسمسڪيريا جي علائقي ڪروسڪنا ۾ 20 ھزار ٽن سوويت دور جو ھٿيارن جو ڊپو گڏ ٿيل آھي جنھن جي آسپاس ڌماڪو به رپورٽ ٿيو. اھو 1940ع جو ذخيرو آھي. جنھن جي سيڪيورٽي به سواليه بڻيل آھي. اگر خدانخواسته اتي ڪا چڻنگ ٻري ته نه ڄڻ ڪيڏي وڏي پئماني تي تباھي جا منظر ڏسڻ لاءِ ملن، جيڪا سڄي خطي کي پنھنجي لپيٽ ۾ وٺي سگھي ٿي. مغربي ملڪ ان علائقي مان پنھنجن شھرين کي فورن نڪرڻ جو به چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.
ھوڏانھن چين- تائيوان واري معاملي تي مغربي ملڪ (۽ ھاڻ نيٽو به) چين خلاف اٿي پيا آھن، چين سالن کان تائيوان واري معاملي تي ڪنھن جي به نٿو ٻُڌي ۽ ھو تائيوان کي پنھنجو حصو قرار ڏئي ٿو. ياد رھي ته تائيوان ھڪ ننڍڙو ملڪ (ٻيٽ) آھي جيڪو دنيا ۾ Chip ٺاھڻ سبب خاص حيثيت رکي ٿو. چِپ اھو ننڍڙو ۽ حساس اوزار(Device) آهي جيڪا دنيا جا ملڪ ان کان خريد ڪن ٿا ۽ انھن چِپن کي ڪمپيوٽر، موبائلز يا ٻين مختلف ڊوائيسز ۾ لڳائي ڪاروباري شعبي توڙي جاسوسي سميت ٻين ڪيترن ئي ڪمن ۾ استعمال ڪن ٿا. عالمي ميڊيا اھو به ٻڌايو آھي ته دنيا ۾ 90 سيڪڙو چِپون تائيوان ۾ ٺھن ٿيون ان ڪري تائيوان تي مغربي ملڪن جي خاص نظر آھي.
دنيا ۾ نون نون جديد ترين ھٿيارن جا تجربا ٿي رھيا آھن. تازو ئي 22 جولاءِ تي سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي ھڪ خبر ميڊيا ۾ نشر ٿي. عالمي ميڊيا ۾ آيل ان خبر موجب چين خاص تارپيڊو ٺاھڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. 10 ڪلو ميٽرن تائين مار ڪندڙ خطرناڪ ترين تارپيڊو جو چين تجربو ڪيو آھي. اھو سڄي برمودا ٽرائينگل جيڏي جزيري کي تباھ ڪري سگھي ٿو. جيڪو ڊسپوز ايبل نيو ڪليئر ري ايڪٽر وانگر ڪم ڪندو. ھن خبر چين مخالف ملڪن خاص ڪري آمريڪا ۽ انڊيا کي ڇِرڪائي وڌو آھي.
ھن سال دنيا جي ملڪن جنھن پئماني تي فوجي مشقون ڪيون آهن ان جو ماضي ۾ ڪو مثال نٿو ملي. نيٽو، آمريڪا، اسرائيل، آسٽريليا، جاپان، ڏکڻ ڪوريا، شمالي ڪوريا، چين ۽ ايران وغيرہ وڏي پئماني تي فوجي مشقون ڪري چڪا آھن. ترڪي به تاريخ جون وڏيون فوجي مشقون ڪري چڪو آھي. تائيوان ۾ اھي مشقون عروج تي نظر اچن ٿيون. يورپ کان وٺيSouth China Sea تائين ھر ھنڌ صورتحال ڳنڀير آهي. حالتن جي سنگيني مان اندازو ٿئي ٿو ته دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن به مھل نوان جنگي محاذ(War Fronts) کلي سگهن ٿا ۽ خدانخواسته انسانيت نئين دردناڪ الميي کي منھن نه ڏئي.
ھيءَ سڄي ذميواري عالمي طاقتن خاص ڪري گڏيل قومن تي اچي ٿي ته اھا فورن خاموش تماشائي جو ڪردار ختم ڪري روس ۽ يوڪرين جنگ کي بند ڪرائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري ۽ وچ اوڀر، سائوٿ چائنا سي ۽ ٻين ھنڌن تي ٻرندڙ معاملن کي حل ڪرائڻ ۾ اڳتي اچي ته جيئن امن جي ھڪ نئين دور جو آغاز ٿي سگهي ۽ انسانيت ڪو سک جو ساھ کڻي سگهي.
***

