ڪشڪول کڻي بيٺل حڪمران ۽ معاشي بحران…! رشيد ابڙو
ملڪ ۾ سياسي بحران کانپوءِ پيدا ٿيل معاشي بحران اڃان تائين جاري آهي، جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. گهڻي مٿي ماريءَ کانپوءِ آءِ ايم ايف پاڪستان جو قرض پروگرام بحال ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر جيري رائس جو چوڻ آهي ته هلندڙ پروگرام تحت ٽوٽل رقم 4 ارب 2 ڪروڙ ڊالر مرحليوار جاري ٿيندي، پهرين قسط 1 ارب 17 ڪروڙ ڊالر 3 کان 6 مهينن ۾ ملندي. چيو پيو وڃي ته حڪومت 5 سرڪاري ملڪيتون آءِ ايم ايف وٽ گروي رکيون آهن، خزاني واري وزارت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ سان مسلسل رابطي ۽ قرض جي مد ۾ وڌيڪ رقم ڏيڻ لاءِ هٿ جوڙ ۾ مصروف آهي. ان حوالي سان آمريڪا کان به مدد گهري وئي آهي ته جيئن معاشي بحران کي ڪنٽرول ڪري سگهجي. موجوده گڏيل حڪومت پگهاردار طبقي تي پڻ ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي عملدرآمد جولاءِ ۾ ٿي چڪو آهي. ٻيو اهو ته پيٽرول تي ليوي 5 رپيا ماهوار لڳائي ويندي، انهن سمورن قدمن جو مقصد ناڻو گڏ ڪري معاشي بحران تي ضابطو آڻڻ ٻڌايو پيو وڃي. حڪومت آءِ ايم ايف کي اها به درخواست ڪري ڇڏي آهي ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي قرض 8 ارب ڊالر تائين وڌائي ڏنو وڃي. خزاني واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل کان معيشت سنڀالي نه پئي ٿئي ۽ لنڊن ۾ ويٺل اسحاق ڊار ملڪ اچڻ لاءِ بيتاب آهي.
اها تاريخ رهي آهي ته هر حڪومت آءِ ايم ايف اڳيان ڪشڪول کڻي ڊالرن جي خيرات گهرندي رهي آهي. هن ڀيري به آءِ ايم ايف ”ڊومور“ جو چئي ڇڏيو آهي ۽ حڪمران ان کي راضي ڪرڻ لاءِ هميشه وانگر عوام مٿان ڪڏهن پيٽرول ته ڪڏهن وري گئس بم ڪيرائيندا رهيا آهن. وڏي ڳالهه اها آهي ته پگهاردار طبقي تي اضافي ٽيڪس هنيو ويو آهي، ٻيو اهو ته سپر ٽيڪس هڻي عوام جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا اٿن. عوام اڳوڻن حڪمرانن جي پاليسين مان خوش هو نه وري موجوده حڪمرانن جي پاليسين مان خوش آهي. مهانگائي جي شرح سڀ حدون پار ڪري چڪي آهي. ٻيو اهو ته عوام جي قوت خريد تمام گهڻي گهٽجي وئي آهي. امير طبقو هجي يا مڊل ڪلاس هرڪو حيران ۽ ڳڻتي ۾ ڦاٿل آهي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ اهو ڪري ته ڇا ڪري. ڪمائي گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ آهن. کاڌي پيتي جون شيون به خريد کان ٻاهر ٿي چڪيون آهن. رپئي جو قدر گهٽ ٿيڻ سبب مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. وزيرن ۽ مشيرن جا مشورا آهن ته عوام ٽن وقتن بدران ٻن وقتن جي ماني کائي ۽ چانهه جو ڪپ ٻن بدران هڪ ڪپ پئي، ان سان وڏي بچت ٿيندي، معيشت کي سهارو ملندو.

عمران جي دور کان وٺي ڊالر کي ته پر لڳي ويا آهن، اڏام تيز ڪري رهيو آهي، رپيو ته زمين تي ريڙهيون پائي رهيو آهي، قدر ويتر ڪري پيو اٿس. آءِ ايم ايف شرطن مٿان شرط هڻي اسان وارن حڪمرانن جي ته ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي، ٻيو اهو ته ڊالر ملڪ ۾ اچڻ جو نالو نه پيا وٺن، جيڪي آهن، اهي به پکين وانگر تيزيءَ سان اڏامن پيا. پرڏيهي مٽا سٽا وارو ناڻو تيزي سا گهٽجي رهيو آهي، حڪمران معاشي صورتحال تي ضابطو آڻڻ بدران ويتر سپر ٽيڪس هڻي عوام جي ڪلهن تي وزن وڌائي ڇڏيو آهي. صورتحال بهتر ٿيڻ بدران ويتر خراب ٿي رهي آهي. ملڪ جون حالتون تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن، مهانگائي جي شرح ۾ اضافي سان ڏوهن ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي. روزانو ڏهاڙي آڻڻ ۽ کائڻ وارا ته اٽو وٺن يا تيل، سڀ شيون سندن وس کان ٻاهر ٿي چڪيون آهن.
شڪ جي ڪا گنجائش ناهي ته ڪنهن به حڪمران ملڪ سان ڀلائي ڪئي هجي، قائد ته آزادي وٺي ڏني، سندس مقصد ته هن ملڪ کي فلاحي رياست ٺاهڻ هو، جنهن ۾ امن، سڪون ۽ ذهني آزادي هجي. جنهن کي هاڻوڪن حڪمرانن هڪ اهڙي فيڪٽري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا رڳو بيمار ذهن پيدا ڪري رهي آهي، اهڙا بيمار ذهن جيڪي ماحول کي خراب ۽ وڌيڪ آلودگي طرف وٺي پيا وڃن. اهڙي صورتحال ۾ دانشور، قلمڪار، شاعر ته پيدا نه ٿيندا، پر جيڪي سٺا ذهن بچيا آهن، اهي به ناپيد ۽ ختم ٿي ويندا. ڪڏهن سوچيو آهي ته ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون؟ سٺا ۽ تخليقڪار ذهن تڏهن جنم وٺندا آهن، جڏهن امن شانتي هجي، نه ڪي اهڙو ماحول هجي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي رڳو پنهنجي جيئڻ جو اونو هجي. مهانگائي واري صورتحال پيدا ڪري ملڪ ۾ افرا تفري واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. ملڪ جي حالتن کي سري لنڪا جي حالتن سان ڀيٽيو پيو وڃي، جتي اڄ خراب معاشي حالتن سبب صورتحال گهرو ويڙهه واري ٿي وئي آهي. ڇا اسان واريون حالتون به گهرو ويڙهه طرف وڃي رهيون آهن؟ سري لنڪا جي حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب معيشت جو ٻيڙو ٻڏو ۽ اڄ اتي حالتون ڪنٽرول ۾ ناهن.
اسان وٽ هر حڪمران بدقسمتي وارو لفظ استعمال ڪري هڪٻئي کي حالتن جو ذميوار قرار ڏنو آهي ۽ ورثي ۾ حالتون ملڻ وارو راڳ آلاپيو آهي. ان سڄي صورتحال جا ذميوار به اهي سمورا حڪمران آهن، جن ملڪ کي تباهي جي موڙ تي اچي بيهاري ڇڏيو آهي. اهي حڪمران پاڻ ته هر لحاظ کان خوشحال ۽ مالدار آهن، پر انهن عوام جي حالت کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي، اهي سڀ ڏوهي آهن، انهن جي اعمالن جي سزا عوام کي ڀلا ڇو پئي ملي. انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي معيشت جي تباهي جي ڏوهه ۾ سزا ڇو نٿا ڏين. هتي ”ڪري ڪو ۽ ڀري ٻيو“ واري صورتحال آهي. جيستائين انهن حڪمرانن جو گهيراءُ نه ٿيندو، صورتحال هر ڀيري ساڳي رهندي ۽ ڪشڪول کڻي رڳو آٰءِ ايم ايف جي اڳيان بيٺا هونداسين ۽Beggars are not Choosers وارو جملو هر حڪمران ورجائيندو رهندو. عوام کي خاموشي ٽوڙڻي پوندي، پاليسيون تبديل ڪرائڻيون پونديون. آخر اهو ڊرامو ڪيستائين هلندو؟ هڪ ايٽمي ۽ زرعي ملڪ کي پنهنجن پيرن تي نيٺ بيهڻو پوندو.
پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، وڏي آبادي زراعت تي دارومدار رکي ٿي، وڏو الميو اهو آهي ته 75 سال گذرڻ باوجود زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪي اثرائتا ۽ سنجيده قدم نه کنيا ويا. زرعي پاليسين ۾ وقت سان گڏ ڪابه اصلاح نه ڪئي وئي آهي جنهن سان ننڍن آبادگارن کي فروغ ملي سگهي ۽ اهي زراعت ڏانهن توجهه ڏيئي ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. زرعي جديد مشينري سان گڏوگڏ سستو ڀاڻ، اسپري تمام گهڻا مهانگا ٿي چڪا آهن جن تي ننڍن آبادگارن کي سبسڊي مهيا ٿيڻ گهرجي ته جيئن هو پيداوار وڌائي سگهن. چين ۽ روس کان به ڪو فائدو وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي. پاڪستان جي ايراضي جو وڏو حصو زراعت تي ٻڌل آهي. پاڻي به وافر مقدار ۾ موجود آهي، پر حڪمرانن ان شعبي ڪو ڌيان نه ڏنو، جنهن سبب اڄ معاشي بحران جو شڪار آهيون. هتي خوبصورت سامونڊي پٽي آهي، مائنز منرل ۽ وڏي تعداد ۾ معدنيات آهي. سنڌ ۽ پنجاب سرسبز ۽ وسيلن سان مالا مال آهن، بلوچستان ۾ سون جون کاڻيون ۽ گئس وڏي مقدار ۾ موجود آهن. گوادر پورٽ هجي يا ڪراچي جا پورٽ هجن، سمنڊ جي اها پٽي واپار لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. کير جي حوالي سان به ملڪ ۾ ڪا ڪمي نه آهي. هر قسم جا گل موجود آهن. چئن موسمن سبب هي ملڪ پنهنجو پاڻ هڪ وڏي اهميت رکي ٿو، پر اسان وٽ انهن شين مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه مضبوط ۽ مڪمل پلاننگ نظر نٿي اچي جو اسان انهن مٿين شين مان فائدو حاصل ڪري سگهون. هتي سياست جو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ به ناهي، پرڏيهي ملڪن سان بهتر لاڳاپن لاءِ سنجيدگي به اختيار ناهي ڪئي وئي، نه وري واپار کي هٿي ڏني وئي. نوجوان ملڪ جو اثاثو آهن، جديد تعليم تربيت ۽ سٺو ماحول به کين ناهي ڏنو ويو، نه وري ٽيڪنالاجي مان فائدو ورتو ويو. صفائي سٿرائي ۽ قانون تي عمل زيرو آهي. عوام کي سستين شين جي فراهمي لاءِ ڪو مڪينزم به ناهي. اسان کي پازيٽو سوچ سان اڳتي وڌڻو پوندو ۽ بحرانن مان ملڪ جي جان ڇڏائڻي پوندي، اهو ڪم صرف ملڪ جو نوجوان انجام ڏئي سگهي ٿو. باقي حڪمرانن مان چڱائي جي اميد رکڻ ڄڻ ”ٻٻرن کان ٻير گهرڻ“ جي برابر آهي.
***

