سئو پاڪستاني خواتين اِي ڊاڪٽر هن وقت فلسطين جي زخمين کي ٽيلي ميڊيسن جي ذريعي پنهنجون خدمتون ارپي رهيون آهن
جيئن سڄي قوم اسرائيل جي خلاف مختلف مظاهرن ۾ پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو آهي ۽ فلسطينين سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. ساڳئي وقت هڪ سئو کان وڌيڪ پاڪستاني خواتين ڊاڪٽرن جيڪي دنيا جي مختلف ٻارهن ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن انهن يڪجهتي سان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي غزه ۽ ٻين علائقن ۾ جتي سخت بمباري جي ڪري ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، انهن زخمي مسلمانن کي پنهنجي سروس مهيا ڪئي آهي. ان پروجيڪٽ جي باري ۾ آفيشلز ٻڌايو ته انهن خواتين ڊاڪٽرن کي واپس ڪم تي گهرايو ويو آهي، جن کي ٽيڪنالاجي جي ذريعي هڪ پراڻي سرڪاري سيڪٽر ۾ ٽريننگ ڏني وئي هئي، جنهن ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز انهن سڀني کي گڏ ڪري جنهن ۾ سوين خواتين ڊاڪٽر شامل آهن انهن کي آن لائين پروفيشنل پريڪٽس جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. انهن ۾ اهي خواتين ڊاڪٽر شامل آهن جيڪي ڪن سببن جي ڪري پنهنجي پيشي کي خيرباد چئي چڪيون هيون. اهو پروجيڪٽ ٻه سال پهرين شروع ٿيو هو جنهن کي “اِي-ڊاڪٽر” جو نالو ڏنو ويو هو، جنهن ۾ تقريبن پنجٽيهه هزار خواتين ڊاڪٽر شامل هيون جن پنهنجي اها تربيت مڪمل ڪئي هئي، جنهن جو سڄو خرچ يا ته رياست ڀريو هو يا ڪجهه ڊاڪٽرن پنهنجي خانگي خرچ تي اها ٽريننگ مڪمل ڪئي هئي، پر اهي ڊاڪٽر ڪن سببن جي ڪري ڪم نه ڪري سگهيا ۽ ملڪ جي ميڊيڪل واري شعبي ۾ ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا. انهن سڀني کي ٻيهر ڪم ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو آهي ۽ هن پروجيڪٽ کي وري ڪاميابي سان شروع ڪيو ويو آهي. اهو خيال ان ڪري ترتيب ڏنو ويو هو ته جيئن تخليقي ٽيڪنالاجيڪل ٽولز استعمال ڪري انهن خواتين ڊاڪٽرن کي پنهنجي ڪم سان ڳنڍيو وڃي جيڪي ڪنهن به سبب جي ڪري پنهنجي ميڊيڪل واري شعبي ۾ ڪم نٿيون ڪري سگهن.