سال 2021 ۾ سياست آزاد ٿيندي؟

برصغير پاڪ و هند ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت 1857 کان پهرين ٿي چڪي هئي، پر دهلي تخت نالي جو رهيو هو، پر 1857 ۾ انگريز بهادر انهيءَ کي به تاراج ڪري دهلي تي يونين جيڪ ڦڙڪائي ڇڏيو ۽ برصغير انهن جي حڪم هيٺ اچي ويو. انگريز سرڪار هتان جي راجائن، مها راجائن کي به پنهنجو حصو پتي ڏنو پر انهن کي صرف اهو چيو ويو ته تاج برطانيه جا وفادار (غلام) رهجو ۽ ڍل (TAX) باقائدگي سان ادا ڪندو رهجو انگريز سرڪار ان وقت يعني 1857ع کانپوءِ به 60 سيڪڙو علائقو راجائن کي ڏنو جنهن کي Princessly States چيو ويندو هو صرف 40 سيڪڙو ملڪ انهن جي سڌي ريت انتظام هيٺ هو بقايه 60 سيڪڙو جا بظاهر حڪمران راجا، مها راجا، نواب هئا پر انهن جي پٺيان اصل طاقت ۽ حڪومت انگريز سرڪار جي هئي. راجا صاحبان عوام تي ظلم ستم ڪري انهن کي ڪجهه نه چيو ويندو هو، پر سرڪار جي ڍل ۾ گهٽتائي ٿي ته سرڪار ناراض پوءِ انهيءَ راجا جي گوشمالي ڪرڻ جا مختلف طريقا استعمال ٿيندا هئا. اها روش 1947ع تائين هلندي رهي. انگريز سرڪار ٻي مها ڀاري جنگ کانپوءِ ڪمزور ٿي پئي. مجبورن قبضو ڪيل ملڪن مان واپس ٿيڻ شروع ٿيا ايستائين جو ڪانگريس انگريز سرڪار کي چيو ته اوهان اعلان ڪريو برصغير جي آزادي جو پر 10 سال ٻيا به حڪومت ڪريو جيئن مقامي ماڻهو حڪومت کي صحيح نموني هلائڻ جي لائق ٿي وڃي، پر انگريز سرڪار اها ڳالهه نه مڃي ايستائين جو پنهنجي گورنر جنرل کي واپس گهرايو ڇو ته هو به اڪثر خيال جو هو ته ايتري وڏي ملڪ کي جلدي ۾ ڇڏبو ته هتان جي ماڻهن جي فائدي ۾ نه آهي آهستي آهستي اقتدار جون واڳون مقامي ماڻهن کي ڏنيون وڃن پر انگريز سرڪار نئون گورنر جنرل لارڊ مائونٽ بيٽن کي موڪليو ئي انهيءَ شرط تي ته جيترو به جلدي ٿي سگهي حڪومت مقامي ماڻهن جي حوالي ڪري پنهنجي ماڻهن کي بنا دير جي واپس England وٺي اچي ۽ هن اهو ئي ڪيو انهيءَ جو نقصان ڪيترو ٿيو ان جي گواهي تاريخ ڏئي ٿي. انهيءَ تي ڪڏهن پوءِ تفصيل سان لکندس.

پياري پاڪستان جو حال به ساڳيو ئي هو هتي به ڪيتريون بظاهر آزاد رياستون هيون خيرپورميرس، راڻيپور، بهاولپور، قلات البته وچ پنجاب مها راجا رنجيت سنگهه کانپوءِ سڌو انگريز سرڪار جي حڪم هيٺ هو. انهيءَ انگريز سرڪار سان گڏجي وڃ پنجاب وارن حڪومت جا مزا ماڻيا ويچاري محمود خان اچڪزئي حاضرين کي طعنا هرو ڀرو ته نه ڏنا.

1947ع جي آزادي کانپوءِ انگريز ته واپس ويو، پر انهيءَ اسٽيبلشمينت جو حصو رهندڙ انهن سان ڪم ڪرڻ وارا مقامي ماڻهو حڪومت ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيا خاص طور پاڪستان ۾، رياستون ختم ڪرڻ کانپوءِ هتان جي اسٽيبلشمينٽ سياسي ماڻهو پيدا ڪيا انهن کي بلڪل ٻارن جي راند وانگر کيڏايو 1947ع کان 1958ع تائين ست وزيراعظم آندا ويا ۽ انهن کي گهر موڪيو ويو ايستائين جو جواهر لال نهرو ٽوڪ واري انداز ۾ بيان ڏنو ته هو پنهنجي شيرواني به جلدي تبديل نٿو ڪري جيترو جلدي پاڪستان ۾ وزيراعظم تبديل ٿيو ٿو وڃي اسٽيبلشمينٽ گورنر جنرل غلام محمد کي به طاقتور بڻايو جيڪو ويچارو Paralyzed اپاهج هو ۽ هن جي ڳالهه سندس ليڊي سيڪريٽري کانسواءِ ڪير به سمجهي نه سگهندو هو صرف اهو ڏيکارڻ لاءِ ته اسٽيبلشمينٽ ڪيتري طاقتور آهي جنهن کي به چاهي حڪومت ڏئي سگهي ٿي ان جي باوجود 1958ع ۾ سڌو سنئون حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي وري پنهنجا راجا، مها راجا سياستدانن جي روپ ۾ پيدا ڪرڻ شروع ڪيا اهي سياسي ماڻهن لاءِ جيل ۽ ڪيس هئا پنهنجن لاءِ وزارتون ۽ مراعتون هيون. محترمه فاطمه جناح شايد پهرين سياستدان هئي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جنهن کي غدار ڪوٺيو ويو هيءَ صورتحال هئي هن وقت جي پاڪستان جنهن کي ان وقت اولهه پاڪستان چيو ويندو هو البته مشرقي پاڪستان ۾ صورتحال مختلف هئي اتي ان وقت به سياسي سجاڳي گهڻي هئي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان مسلم ليگ جو اتي ڪوبه اثر نه هو حڪومت ۾ هجڻ باوجود ايوب خان مشرقي پاڪستان ۾ B.D جون چونڊون هارائي ويو هو. جڏهن اسٽيبلشمينٽ محسوس ڪيو ته مشرقي پاڪستان جي سياسي سوچ سان مقابلو نٿا ڪري سگهن ته ان کي الڳ ڪيو ويو ان ۾ ڏوهه سڌو اسٽيبلشمينٽ جو آهي هاڻي ڀلي کڻي ڪنهن کي به ڏوهاري ڪن. ها اهو ضرور هو ته اسٽيبلشمينٽ طرفان تيار ڪيل سياسي راجا انهيءَ سان گڏ هئا جيئن انگريز سرڪار سان راجا گڏ هوندا هئا. اگر اسٽيبلشمينٽ ايتري ئي سچي آهي ته پوءِ ڇو نٿا حمود الرحمان ڪميشن سرڪاري طور تي پڌري ڪرڻ ڏين هر شيءِ روز روشن جيان واضح ٿي ويندي ته ڪير ڏوهي هو پر ايئن ٿيندو ڪونه جهڙي ريت ذڪر ڪيو آهي ته انگريز سرڪار راجائن کان ٻه شيون گهرندي هئي هڪ وفاداري (غلامي) ٻيو مال (Revenue) اگر راجا انهن ٻنهي شين ۾ ڪوتاهي ڪئي ته سندس گوشمالي ٿي ويندي هئي.

پاڪستان اسٽيبلشمينٽ ۾ به اهائي روش هئي ۽ آهي ملڪ جو وڏو حصو وڃائڻ کانپوءِ به انهن جي انداز ۾ فرق نه آيو. مضبوط ته هئا ۽ آهن ها پر ڪيستائين رهن ٿا اهو هڪ سوال آهي؟

1971ع ۾ ملڪ ٻه اڌ بنگلاديش ٺهي ويو پر 1977ع ۾ اسٽيبلشمينٽ ڏٺو ته شايد اسان جا ٺاهيل سياستدان هاڻي اسان سان وفادار نه رهيا آهن سڌو سنئون پاڻ اچي ويا سڄا سارا يارنهن سال حڪمراني ڪئي نوان سياسي راجا ٺاهيا پوءِ بين الاقوامي اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان جنرل صاحب کي آخري سفر تي روانو ڪيو ويو پر ان جي باوجود مشروط حڪومت ڏني سا به 18 مهينا ٻئي سياسي راجا کي آزمايو ويو انهيءَ کي ٽي سال وري ڌما چوڪڙي واپس پ. پ. اها به ٽي سال ايئن حڪومت تبديل ٿئي پئي ڄڻ ميوزيڪل چيئر هجي. واپس P.M.L(N) اسٽيبلشمينٽ وري محسوس ڪيو ته هي راجا اسان جو وفادار نٿو ٿئي… پاڻ اچي ويا دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ جمهوريت 2002ع ۾ اليڪشن جمالي صاحب وزيراعظم شريف ماڻهو ڪوبه انڪار نه ڪندو هو پوءِ به تبديلي شوڪت عزيز ٻاهران گهرائي وزير پوءِ وزيراعظم. چوڌري شجاعت صاحب 60 ڏينهن وزيراعظم 2002 کان 2005 تائين ٽي وزيراعظم تبديل 50 واري ڏهاڪي وارو ڪم صرف اهو ڏيکارڻ لاءِ ته اصل طاقت اسٽيبلشمينٽ جي آهي جنهن کي چاهي وزيراعظم ڪري وري 2007ع ۾ ٻاهرين اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ظاهري حڪومت سياستدانن حوالي پر ويندي ويندي محترمه بينظير جهڙي سياستدان کي قتل ڪندي ظاهري حڪومت ڇڏي. پرويز مشرف کي ضياءُالحق جو انجام سامهون هو ان ڪري هن صدارت ڇڏي نه ته زرداري صاحب کي ڪهڙي طاقت! هن غريب کان ته اسٽيبلشمينٽ جو هيٺيون عملدار به تبديل ٿي نه سگهندو جنهن جو مثال هاڻي سامهون آيو جڏهن I.G.P کي مبينا اغوا ڪرڻ خلاف سياسي حڪومت ڪابه ڪارروائي ڪري نه سگهي وري به مطالبو آرمي جنهن کان، جنهن به صرف خانا پوري ڪئي پوءِ به پ. پ حڪومت واهه واهه ڪئي.

پ. پ حڪومت محترمه شهيد جي قرباني ڏيڻ کانپوءِ به مضبوط نه رهي سگهي ن ليگ کي پاڻ سان ملايو پر ڇڏي ويا ۽ وري زرداري خلاف ميان صاحب ڪورٽ به پهچي ويو. الائي ڇو سياستدان ايترا بيوقوف هوندا آهن يا مجبور! پر انهن جو ئي چوڻ ڪندا آهن جنهن جي ڄاڻ انهن کي ڀلي ڀت هوندي آهي جڏهن اليڪشن 2013 کانپوءِ ميان صاحب آيو ته صرف هڪ سال کانپوءِ ڌرڻا ۽ لانگ مارچ قادري صاحب به ليڊر. افسوس هاڻي ڪٿي آهي؟ پ پ جو رويو به ساڳيو 90 واري ڏهاڪي وارو ڇو ته بدلي ۾ سنڌ حڪومت ملندي رهي آهي. ويچارا G.D.A وارا دانهون ڪندا رهجي ويا ته اسان کي 30 صوبائي سيٽن جو آسرو ڏئي ڌڪ پٽي ويا.

صاف ظاهر آهي ته 74 سالا ملڪ جي تاريخ ۾ حڪمراني اسٽيبلشمينٽ ڪئي ڪڏهن سڌو سنئون ڪڏهن ڪجهه لڪ ۾ پر هاڻي ته واضح چون ٿا ته اسان عمران خان سان گڏ آهيون يا ايئن کڻي چئجي ته عمران خان انهن جو نمائندو آهي. مطلب اسان اڄ به 50 واري ڏهاڪي ۾ آهيون. سياستدان پاڻ کي ڀلي ڪيترو به نظرياتي چون، پر نهارين وري سگهاري قوتن ڏانهن! آهي ته الميو پر آهي.

ڪجهه ته خيال واڳ ڌڻي به ڪن ڪنهن حد تائين ته سياست کي آزاد ڪن 2021ع اچي پيو اميد ڪري سگهجي ٿي ته سياستدان جهڙا به آهن پاڻ ۾ گڏجي گهٽ ۾ گهٽ سياست کي آزاد ڪرائين. واقعي عوام طاقت جو سر چشمو ٿئي ٿو. آئين جي حڪمراني بحال ٿئي هر ادارو پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل آئيني حد ۾ ڪار وهنوار هلائي پارليامينٽ سپريم هجي عدليه انصاف تي مشتمل فيصلا ڪري نيب جهڙا ادارا بليڪ ميل نه ڪندا هجن نيٺ اميد آهي. آهي مشڪل پر نا اميد نه ٿيڻ کپي نئين سال کي نئون ڪري ڏسجي بهرحال خواب ڏسڻ تي پابندي نه آهي.

 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments