ساڌ ٻيلي مون کي به موهي وڌو

الطاف شيخ جو سفر نامو

نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)

ساڌ ٻيلي مون کي به موهي وڌو

الطاف شيخ

اربع ڏينهن منهنجو شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور وڃڻ جو پروگرام هو جِتي ايازگل ۽ ادل سومري جن ليڪچر جو بندوبست ڪيو هو. مون کي به هيءَ يونيورسٽي ڏسڻ ۽ اتي شاگردن ۽ ٽيچرن سان ملڻ جو شوق هو جن مان ڪيترائي منهنجي فيس بڪ تي هئا ۽ هو به ملڻ جو شوق ڏيکاريندا رهيا ٿي. مون زندگيءَ جا تقريبن 25 سال جيڪو چوٿو صدي ٿئي ٿو مختلف جهازران تعليمي درسگاهن ۾ پڙهايو. ان جو گهڻو حصو مون ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ، جاپان جي نيول اڪيڊمين، انجنيئرنگ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۽ مختلف جهازن تي ليڪچر ڏيڻ ۾ گذاريو. نوڪريءَ جي آخري سالن ۾ جڏهن پروفيسر سليم ميمڻ ۽ ڊاڪٽر فهميده مون کي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ليڪچر لاءِ گهرايو ته مون کي عجيب محسوس ٿيو… ڄڻ آئون پنهنجي گهر پهچي ويو هجان. شاگردن کي پهريون دفعو سٿڻ قميص ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ ڳالهائيندو ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. نه ته هيستائين ليڪچر دوران شاگردن سان هميشه انگريزي ۽ ملئي ۾ ئي ڳالهه ٻولهه هلي ٿي. اهائي خوشي مونکي سنڌ يونيورسٽي ۽ ممبئي يونيورسٽي ۾  ليڪچر ڏيندي ٿي جِتي مونکي ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي ۽ ڊاڪٽر نور افروز خواجا ۽ ڊاڪٽر  ٻلديو مٽلاڻي گهرايو هو. ۽ هاڻ اندروني سنڌ جي هڪ نئين يونيورسٽي ”شاهه لطيف يونيورسٽي“ ۾ ويندي مونکي ڏاڍي خوشي ۽ تجسس ٿي رهيو هو پر جنهن ڏينهن منهنجو اتي وڃڻ جو پروگرام هو ان کان اڳ واري رات جو ڪنهن فرقي جي فساد ٿيڻ ڪري سڄي خيرپور ۾ مڪمل هڙتال جو اعلان ٿي ويو. مون کي غمگين ڏسي منهنجي سکر جي ميزبان منظور شيخ صاحب چيو ته ڀلي هڙتال هجي آئون جي چاهيان ته هو مونکي سرڪاري يا پوليس جي گاڏيءَ ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي وٺي هلي سگهي ٿو…. جنهن جي جواب ۾ مون چيومانس ته مونکي يونيورسٽي جي عمارتن ڏسڻ جو شوق نه پر شاگردن سان ملڻ جو شوق آهي. منهنجي يونيورسٽي پهچڻ سان هو ته نه پهچي سگهندا.

هاڻ آئون صبح جو اٿي وري اهو سوچڻ لڳس ته اڄ خيرپور ۾ هڙتال نه هجي ها ته هن وقت آئون شاهه لطيف يونيورسٽي جي سنڌي يا ڪنهن ٻئي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن سان گڏ هجان ها. ٻئي ڏينهن تي منهنجي واپسي جي ٽڪيٽ هئي ۽ مون لاءِ هن عمر ۾ خيرپور يا سکر وري اچڻ ڪو اهڙو سولو ڪم نه هو …… ٿوري دير بعد منظور کي فون ڪيم.

”منظور! خيرپور هلڻ جو پروگرام ته ٿيو ڪئنسل. هاڻ هڪ ڪم ڪر….. تون پاڻ تڪليف نه ڪر پنهنجي پٽ منصور کي مون ڏي موڪل ته مهرباني ڪري مون کي ساڌ ٻيلو ڏيکاري اچي.“

”ساڌ ٻيلي ۾ ڇا آهي ان کان ته توهان کي آئون گهوٽڪي وٺي هلي مهرن جو محل ڏيکاريان جنهن ۾ اندر هيلي پيڊ به آهي ته مسجد به.“ منظور صلاح ڏني.

”نه سائين کڻي ڇا به ٿي پوي مونکي ساڌ ٻيلو ڏسڻو پوندو نه ته ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي هندو منهنجو مٿو کائي ويندا ته آئون ڪهڙو سنڌي آهيان جنهن ساڌٻيلي جي زيارت نه ڪئي آهي.“ مون کلندي منظور کي پنهنجي شروعاتي سامونڊي سفرن جي ڳالهه ٻڌائي جڏهن گجرات جي هڪ بندرگاهه ۾ منهنجي ساڌ ٻيلي کان اڻ ڄاڻائيءَ تي اتي لڏي آيل اسانجي هڪ سنڌي هندوءَ منهنجي ساڌ ٻيلي کان اڻ ڄاڻائيءَ تي حيرت جو اظهار ڪيو هو.

”چڱو ڀلا توهان کي ساڌ ٻيلو ٿا ڏيکاريون. پر منصور بدران آئون ٿو هلان ۽ اسان جي آفيس واپڊا جي هڪ انجنيئر راجڪمار کي به وٺي ٿا هلون جنهن جو گهر ساڌ ٻيلي وڃڻ واري پتڻ وٽ ئي آهي.“ منظور شيخ چيو.

ٿوري دير کان پوءِ هو پاڻ اچي ويو ۽ مون کي پاڻ سان وٺي راجڪمار جي گهر پهتو. گاڏي اتي ڇڏي ساڌ ٻيلو هلڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ ويٺاسين. راج ڪمار ٻڌايو ته هن جو ڳوٺ روهڙي جي ڀرسان ڪانڌار نالي آهي جتي سندس 12 نومبر 1974 تي جنم ٿيو هو. ”توهان جي برٿ ڊيٽ مون کان ٻه ڏينهن اڳ جي آهي.“ مون راجڪمار کي چيو.

”تنهن جي  معنيٰ ته آئون توهان کان ٻه ڏينهن وڏو ٿيس.“ راجڪمار کلندي چيو.

”ڊاڪٽر علامه اقبال وانگر بلڪل صحيح ٿا چئو: مون چيو مانس، ”ڏينهن ۾ توهان مونکان ٻه ڏينهن وڏا  آهيو باقي سالن ۾ آئون توهان کان 30 سال وڏو آهيان جو آئون 1944ع ۾ ڄائو هوس.“

ڊاڪٽر اقبال جي ڳالهه ٿا ڪن ته پرائمري اسڪول ۾ ماستر پڇيس ته هڪ پين تون 5 رپيه 20 پئسن ۾ خريد ڪري 3 رپيه 40 پئسن ۾ وڪڻين ٿو ته توکي نقصان ٿيندو يا فائدو؟ جواب ۾ ڊاڪٽر صاحب چيو ته پئسن ۾ مونکي فائدو ٿيندو باقي رپين ۾ هن کي ٿيندو.

راجڪمار ٻڌايو ته هن مئٽرڪ پنهنجي ڳوٺ ڪانڌار مان ڪئي جِتي اڄ به سندس والد پريمچند پيجواڻي جو کجور جو بزنيس آهي. انٽر سائنس هن سکر جي مشهور ڪاليج اسلاميه ڪاليج مان ڪئي ۽ B.E انجنيئرنگ 1999 ۾ نوابشاهه جي قائد عوام يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ٻه سال کن پيءُ سان گڏ بزنيس ڪرڻ بعد 2002ع ۾ هن کي واپڊا ۾ نوڪري ملي وئي ۽ ان وقت کان  سندس پوسٽنگ هِتي سکر ۾ ئي آهي.

”ساڌ ٻيلي جي ياترين لاءِ حڪومت طرفان هر روز ٻه ٻيڙيون رهن ٿيون جيئن هو ساڌ ٻيلو ٻيٽ تي اچي وڃي سگهن،“ راجڪُمار ٻُڌايو، ”خاص ڌرمي ڏينهن تي جڏهن زيارتين جو تعداد تمام گهڻو ٿئي ٿو ته اهڙين موقعن تي 5 ٻيڙيون هلن ٿيون ۽ هو هميشه بنا ڀاڙي جي مسافر کڻن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن جي دل چاهي ته هنن مهاڻن کي خرچي ڏئي سگهي ٿو.“

سنڌ مان وهندڙ هيءَ سنڌو ندي هڪ طرف ويڪر ۾ وڏي آهي ته ٻي طرف ور وڪڙ کائيندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ظاهر آهي ته اهڙين ندين ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي وچ وچ ۾ مٿڀري زمين اچي وڃي ٿي ۽ سنڌو نديءَ کي به جي مٿان هيليڪاپٽر مان ڏسبو ته ڄامشورو تائين ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ نظر ايندا خاص ڪري سياري جي موسم ۾ جڏهن درياهه ۾ پاڻيءَ جي ليول هيٺ ٿيو وڃي.اونهاري ۽ سانوڻي جي موسم ۾ اهڙا ڪيترائي ٻيٽ پاڻيءَ هيٺ هليا وڃن. سکر وٽ هي ننڍڙو ٻيٽ ساڌ ٻيلو ڪافي مٿڀرو آهي ۽ سندس Location ڏاڍي خوبصورت آهي. يعني شهر جي مرڪزي ۽ سهڻي علائقي سان بلڪل لڳ ڀڳ آهي. تصور ڪريو ڪراچيءَ جو ايم اي جناح روڊ درياهه هجي ها ۽ صدر وٽ ان درياهه جي وچ ۾ ڪو ٻيٽ هجي ها ته جاگرافيائي طور ۽ ساڳي وقت ٽوئرزم جي خيال کان هن جي ڪيڏي اهميت هجي ها! سکر جي ڪپر کان ٻيڙيءَ رستي هن ٻيٽ تي پهچڻ ۾ ڪي ڏهه منٽ به نٿا لڳن پر ٻيٽ تي پهچي ٻيٽ جي گهاٽن وڻڻ جي ساوڪ ۽ ڌرمي طرح ماڻهن جو ان سان لڳاءُ ڏسي ۽ ساڳي وقت ساڌ ٻيلو ٻيٽ تي بيهي هڪ طرف روهڙي ته ٻئي طرف سکر جي Skyline ڏسي مون کي اهو ئي خيال آيو ته ڪنهن هندو يا سک جي دل جي مراد پوري ٿئي يا نه پر اسانجي قرضي ۽ مسڪين حڪومت ڪرپشن جي ڪمن کان ڪجهه ڌيان هٽائي هن کي ڪجهه وڌيڪَ سهڻو، سهولت وارو ۽ پرڪشش بنائي ته هن جاءِ جا وارا نيارا ٿي وڃن ۽ هن جهڙي ڪا ٻي ٽوئرسٽ انڊسٽري ٿي نه سگهي جِتي نه فقط هندو پر مسلمان ۽ ٻين مذهبن ۽ قومن جا ماڻهو گهمڻ لاءِ ايندا رهن ۽ ٻارهوئي ميلو متو رهي. ٻيڙيءَ ۾ سوار  ڪامني نالي هڪ پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريءَ کان پڇيم ته تون ڇو ساڌ ٻيلي هلي رهي آهين؟

وراڻيائين: ”آئون هر سال امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ لاڙڪاڻي کان هِتي پرارٿنا لاءِ ايندي آهيان.“

ٻيٽ تي هن تيرٿ آستان جي  هڪ ڪنڊ ۾ باگڙي ۽ ڀيلن جو هڪ ٽولو ويٺو هو. ساڻن گڏ زالون ۽ ننڍا وڏا ٻار هئا. هنن ٻڌايو ته هو اڏيري لعل کان هِتي آيا آهن. دل ۾ مون سوچيو ته غريب ماڻهو ڪيڏو سفر ۽ تڪليفون سهي هِتي پهتا آهن، پر ڇا هنن جي عقيدت هئي. هو هِتي پهچي بيحد خوش هئا. هنن کي ڄڻ ته سڀ ڪجهه ملي ويو هجي. هڪ سنڌي هندو واپاري مليو. هن ٻڌايو ته هو هر نئون بزنيس شروع ڪرڻ کان اڳ هِتي دعا لاءِ اچي ٿو ۽ نفعي مان هڪ حصو هن آستان لاءِ رکي ٿو. جڏهن ماڻهن جي ڪنهن آستان لاءِ ايڏي چاهت هجي ته ان جاءِ کي ٽوئرسٽ اسپاٽ بنائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. توهان سهولتون پيدا ڪريو….. سفر جون، کاڌي پيتي جون، رهائش جون ۽ امن امان جون….. توهان وٽ نه فقط هند سنڌ مان پر سڄي دنيا مان ٽوئرسٽ ڇڪجي ايندا ۽ حڪومت ۽ مڪاني ماڻهن لاءِ ڪمائي ۽ رڳي ڪمائي ٿي ويندي…. انڊيا به ته اهوئي ڪجهه ڪري رهيو آهي. ملائيشيا ۽ ايران به ته اهوئي ڪجهه ڪري رهيا آهن. ايران کي اسان کڻي ڪيڏو به ڪٽر مذهبي سمجھون پر  مون کي حيرت ٿي ته اتي ٻين ڌرمن جي ماڻهن ۽ انهن جي عقيدن ۽ عبادت گهرن جو خيال رکيو وڃي ٿو. ويندي عيسائين جا گرجا گهر ۽ پارسين جا آتش ڪده موجود آهن. اهوئي حال ملائيشيا ۾ آهي. دنيا جو وڏي ۾ وڏو هندن جو بت ملائيشيا (باتو) ۾ آهي. ڪهڙو مذهب يا ڌرم آهي جنهن جو عبادت گهر ملائيشيا ۾ نه هجي. ملاڪا شهر جنهن ۾ آئون ڏهه سال کن رهيس ان جي هڪ گهٽيءَ ۾ مسجد آهي ته هندن جو  مندر، سکن جو ٽڪاڻو، عيسائين جو گرجا گهر ۽ ٻڌن جو پگوڊا پڻ. 1970ع ۾ ان گهٽيءَ مان لنگهندي مونکي حيرت ٿي هئي. اڄ ملائيشيا کي مسلمانن جو آدرش ملڪ سمجھيو وڃي ٿو جِتي عرب، ترڪ، ايراني ۽ پاڪستاني رهڻ ۾ پنهنجي خوش نصيبي سمجھن ٿا. ملائيشيا جي مسلمانن سچي مسلمان هجڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ ڪڏهن به اسان وانگر ٻين جي عبادت گاهن ۽ عقيدن تي حملو نه ڪيو آهي. مسلمانيءَ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ هو ٻين ڳالهين کي ترجيح ڏين ٿا جهڙوڪ امن امان سان رهي ٻين جو خيال ڪجي، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ ٻين کي Cheat نه ڪجي، هر هڪ سان انصاف ڪجي، ٻي جي گلا نه ڪجي، بيمار ۽ ڪمزور جي مدد ڪجي، وغيره وغيره. اڄ ملائيشيا جي هر شهر جا مندر، گرجا گهر، ٽڪاڻا ۽ پگوڊا مسلمانن جي مسجدن وانگر ايڏو ته خوبصورت رکيا ويا آهن جو دنيا جي هر ملڪ ۽ مذهب جا ماڻهن انهن کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.   ملائيشيا وارا ته ٿيا مسلمان پر سنگاپور وارا چيني ٻڌ ۽ عيسائي ٿي ڪَري ڇا اتي جي مسجدن کي وڏو ۽ سهڻو بنايو اٿن جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي عرب دنيا اچي ٿي.

پنهنجي  ميزبان منظور شيخ کي چيم ته يار توهانجي سکر جو فقط هي ساڌ ٻيلو ملائيشيا، انڊيا، ايران يا سنگاپور جهڙي ڪنهن ملڪ کي هجي ها ته هن کي الائي ڇا بڻائي ڇڏين ها ۽ هن جي visit لاءِ ٽوئرسٽن جون روزانو اڏامون اچن ها ۽ سکر جو شهر هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن سان ڀريل هجي ها. ۽ نه فقط اهي پر رڪشا، ٽئڪسي، بسين وارا به ڪمائين ها. دڪاندار ته ڪمائين ها پر چڻا ۽ ڳنڍيري وڪڻڻ وارا به خوشحال ٿي وڃن ها. سچي ڳالهه ته اِها آهي ته سکر ۾ نه فقط ساڌ ٻيلو آهي پر بکر، معصوم شاهه جو  منارو، ستين جو آستان خبر ناهي ڪيتريون تاريخي شيون آهن ۽ بنارس ۽ مشهد ۾ ايندڙن وانگر سکر ايندڙن کي به گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار ڏينهن کپن جو نه فقط سکر جون تاريخي ۽ ٽوئرسٽ اسپاٽ گهمي سگهن پر ڀر پاسي روهڙي، الور ۽ خيرپور جا به ماڳ ڏسي سگهن.“

پر يارو! افسوس جي ڳالهه اُها آهي جو اسان لاءِ اڃان دهلي دور آهي. اسان جي حڪومت کي اڃان ٽوئرزم جي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته دنيا ۾ اڄ ڪلهه سڀ کان وڏي انڊسٽري ٽوئرزم آهي. اسان وٽ حالت اها آهي جو ڪو ڌاريون ته همٿ نٿو ڪري پر مڪاني ماڻهو به سفر کان ڪيٻائي ٿو…. بد امني، کاڌي ۾ بي ايماني، سواري جي تڪليف، چوري چڪاري ۽ اغوا جهڙيون مڙيئي منفي ڳالهيون هِتي آهن جيڪي ٽوئرسٽن ۾ ٽاهه وجھن ٿيون ۽ هو هن طرف رخ رکڻ کان ڪيٻائين ٿا.

چون ٿا ته اڄ کان 190 سال اڳ 1824ع ۾ نيپال کان هڪ ساڌ يوگي وڻکنڊي صاحب (جنهن کي ڪي بابا برکنڊي مهاراج ته ڪي سوامي برکنڊي مهاراج به سڏين ٿا) هن ٻيٽ تي اچي رهيو. ان کان اڳ هي ٻيٽ هڪ گهاٽو ٻيلو هو جِتي پاڻيءَ ۾ لڙهندڙ نانگ بلائون ۽ واڳون وات ڦاڙي ويٺا هوندا هئا ۽ ماڻهن کي هِتي ايندي خوف ٿيندو هو . بڙ ۽ پپر جي وڻن ۾ طرحين طرحين پکي مٺيون لاتيون پيا لنوندا هئا. بقول لوڪرام ڏوڏيجا جي، ”هن خطرناڪ پر سندر ٻيٽ تي يوگي وڻکنڊيءَ اچي ڌوڻي دکائي ۽ پوءِ ڪئين ساڌو اچي وٽس رهڻ لڳا. ماڻهن کي ڏسي جانورن اتي رهڻ ڇڏي ڏنو رڳو يوگيراج جو هڪ شينهن وٽس رهندو هو. ساڌن جي رهڻ ڪري هن ٻيٽ جو نالو ساڌ ٻيلو پئجي ويو. انهن ساڌن جي کاڌي پيتي جو مسئلو پيدا ٿيو ته چون ٿا ته وڻکنڊي بابا ”ان پورڻا“ ديويءَ جي آراڌنا ڪئي ته ديوي پرسن ٿي هڪ ڪمنڊل ۽ وردان ڏنس ته هن آستان تي جيترا  به ماڻهو ايندا تن کي ڀر پيٽ کاڌو ملندو. پوءِ ته شرڌالو ڀڳت به وڌي ويا ۽ پنهنجو پاڻ اناج گيهه وغيره موڪلڻ لڳا ۽ باقاعدي لنگر لڳڻ لڳو ۽ شهر مان ايندڙ ماڻهن کي به ڍوَ تي کاڌو ملڻ لڳو…..“

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن رسالي ۾ ساڌ ٻيلو تي فهميده جروار جو مضمون پڙهيو هوم جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: ”جن ڏينهن ۾ ساڌو وڻکنڊي هن ٻيٽ تي دونهين اچي دُکائي ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪيترائي چيلا (ساڌو) اچي وڻکنڊي سان گڏ رهڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ والي خيرپور مير رستم ٽالپر کي اولاد نه پئي ٿيو ته هو بابا وڻکنڊي جي آشرم ۾ ساڌ ٻيلو پهتو ۽ اولاد لاءِ کيس عرض ڪيو. بابا وڻکنڊي دعا ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ والي خيرپور مير رستم ٽالپر کي ڪوٽڏيجي جي محل ۾ اولاد عطا ٿيو. ٻن سالن کان پوءِ والي خيرپور مير رستم ٻن پٽن سان گڏ ساڌ ٻيلي ۾ بابا وڻکنڊي جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ بابا وڻکنڊي جي عقيدت ۽ احترام ۾ ساڌ ٻيلي وارو ٻيٽ بابا وڻکنڊي نالي الاٽ ڪري پنهنجي مهر هنئي ۽ اڄ تائين هي ٻيٽ بابا وڻکنڊي جي نالي سان منسوب آهي جيڪو هن جديد دور جي حڪومتن پڻ برقرار رکيو آهي ۽ متروڪ املاڪ واري کاتي پاران ساڌ ٻيلي جي سمورن مندرن، مورتين، لائبررين، ڌرمشالائن، ڀانڊارن ۽ ٻين عبادت وارن هنڌن جي انتظامڪاري جو خيال رکيو وڃي ٿو.“

بهرحال اهو پڙهي حيرت ٿي ته مير صاحب اولاد لاءِ هن ساڌو وٽ پهتا هئا. ضرور ٻين به پيرن فقيرن، صوفين درويشن کان دعا گهري هوندائون! حيرت ان ڳالهه جي ٿي ٿئي ته ان وقت جا اسان جا حاڪم ڪهڙي قسم جا مسلمان هئا جن پنهنجي خالق کان direct گهر ڪندي شايد شرمايو ٿي ۽ جن جي دور حڪومت ۾ عوام کي ٻه ويلا ماني به مهيا نه پئي ٿي پر پاڻ ڳائڻين پويان خزانا خالي ڪندا رهيا، پٽ ڄمڻ تي سڄا سڄا ٻيٽ انعام طور ڏيندا رهيا….. اڄ به صديون گذرڻ بعد به اسانجي سنڌ جي حاڪمن جي سوچَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي ۽ عوام جي socio-economic حالتن تي ڪو به اثر نه پيو آهي.

رحيمداد مولائي شيدائي پنهنجي سکر جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”ساڌو وڻکنڊي هڪ سؤ ورهن جي ڄمار ۾ 1862ع ڌاري پرلوڪ پڌاري ويو. هڪڙي انگريز مسٽر پينڪ وئلس ٻيٽ تي بنگلي تعمير ڪرائڻ جو ارادو ڪيو پر پوءِ چوڌاري ساڌن جون جھونپڙيون ڏسي هن ارادو لاهي ڇڏيو. ماڻهن هن واقعي کي سوامي جو پرڪاش سمجھيو. 1883ع ۾ انگريزن سکر کي ضلعي جو صدر مقام مقرر ڪيو ته ڪيترن هندن هن ٻيٽ تي عمديون جايون ۽ ڪاليءَ جو مندر تعمير ڪرايو. 1893ع ۾ سکر جي هڪ واپاري جو پٽ هرنامداس گاديءَ تي ويٺو. هن ساڌ ٻيلي کي گهڻو سڌاريو ۽ سينگاريو. هن جي ڏينهن ۾ ٻيٽ جي چؤطرف سنگمرمر جا گهاٽ ۽ پٿرن جي ڀت ٻڌائي ويئي ته جيئن درياهه جو پاڻي کاڌ نه ڪَري. مکيه مندر ۾ شريمد ڀاڳوت ۽ گرو گرنت صاحب (سکن جي پاڪ ڪِتاب) سان گڏ سريچند بابا ۽ رام ڪرشن ۽ ٻين ديوتائن جون مورتيون به اسٿاپت ٿيون. سنگمرمر جي ڀت تي سرڳ نرڳ جا نظارا اُڪريل آهن ته ڪهڙن چڱن يا مدن ڪمن ڪري ڪهڙا سُک يا ڏک ملن ٿا.

آئون هي ٻيٽ هڪ عقيدتمند جي حيثيت سان نه پر هڪ ٽوئرسٽ ۽ سفرناما لکندڙ جي حيثيت سان گهمي رهيو هوس. پر اسانجي ميزبان راجڪمار مونکي هن تيرٿ آستان ۽ بابا وڻکنڊي جي تاريخ ۽ ڪرامتون ٻڌائڻ لاءِ هڪ پڙهيل ڳڙهيل اشوڪ ڪُمار نالي هڪ جوڌپور کان آيل هن آستان جي خذمتگار کي پڻ گهرايو هو. آئون پنهنجي حساب سان هر شيءِ کي ڏسڻ ۽ فوٽو مٿان فوٽو ڪڍڻ جي چڪر ۾ هوس پر هي ويچارو مونکي قدم قدم تي ليڪچر ڏيندو هليو جيڪي ليڪچر عقيدتمندن لاءِ ته واقعي اکين جو نور هوندا آهن پر آئون ان قسم جي ٻاون ۽ مجاور قسم جي گائيڊن کان ڀڄندو رهندو آهيان چاهي دهلي ۾ نظام الدين اوليا جي مزار هجي يا ممبئي ۾ حاجي علي جي درگاهه، پارسين جو ڪنول مندر هجي يا ڪولمبو ۾ آدم عليه السلام جي پيرن جا نشان. انهن سڀني جا هڪ قسم جا ليڪچر هوندا آهن ته فلاڻو رشي، ٻائو، پير، بزرگ اڃان ماءُ جي پيٽَ هو ته هن ڳالهائڻ شروع ڪيو. هي پير، بزرگ، سائين بابا مسجد ۾ به ويو ٿي ته مندر ۾ به….. وغيره وغيره. اشوڪ به مونکي بابا وڻکنڊي جي مورتي وٽ وٺي آيو. ڪيترن سالن جو لڳي ٿو؟ پنجويهن جو ٽيهن جو؟….. آئون چپ. پنهنجي سوچن ۾ گم. نيٺ اشوڪ پاڻَ ئي وراڻيو: ساڌو وڻکنڊي سؤ سالن جو ٿي ويو ته به ههڙو جوان ئي رهيو.

  • هي بڙ جو وڻ جيڪو 200 سال پُراڻو آهي، بابا وڻکنڊيءَ پوکيو هو. هن جيئن ئي پوکيو ته چند منٽن ۾ وڏو ٿي ويو.
  • هيءَ تصويرَ بابا وڻکنڊي جي آهي. هن ۾ اها خوبي آهي ته هن کي جِتان به ڏسندائو ته ائين لڳندو ڄڻ ساڌو بابا توهانکي ڏسي رهيو آهي. اچو اچو….. هن ڪنڊ وٽ بيهي ڏسو…. هاڻ هن ڪنڊ تي…..

مون اشوڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ ساڌو مهاراج جي تصويرَ جا ٻه چار فوٽو ڪڍيا.

  • اچو هن هال ۾ رکيل ديوين جو هاڻ ديدار ڪريو….. اشوڪ چيو ۽ ساڳي ساهه ۾ اهو به چيو ته ديوين جي تصوير ڪڍڻ جي اجازت ناهي …. ڪئميرا بند رکو.

”حاضر سائين“ مون دل ئي دل ۾ چئي ڪئميرا کيسي ۾ وڌي.“ اسانجو ملڪ به عجيب آهي جِتي نه جيئرين جاڳندڙ ڇوڪرين جي تصوير ڪڍڻ جي اجازت آهي ۽ نه مورتين جي …. جيتوڻيڪ تهران توڙي دبئي ۾ ته ايرانياڻيون ۽ عربياڻيون به پيون تصويرون ڪڍرائين ۽ انڊيا ۽ بالي جِتي سرڪاري مذهب هندو ڌرم آهي اتي ته ماڻهو پهچن ئي ٿا مورتين سان گڏ تصويرون ڪڍرائڻ لاءِ …. بهرحال ٻيڙيءَ ۾ موٽندي مهل به پنهنجي سرڪار تي افسوس ڪري رهيو هوس ته هن کي ساڌ ٻيلو کي اهڙو سجائڻ کپي جو دنيا جا ماڻهو ڏسڻ لاءِ اچن. سرڪار ڪجهه نٿي ڪري ته سکر جي ڪنهن امير هندو سيٺ يا ڪاٺياواڙي ميمڻ کي سرڪار کان ٺيڪو وٺي هن کي زبردست Tourist Spot ٺاهڻ کپي …. بيحد دلڪش آهي ساڌ ٻيلي جو نظارو … جنهن نظاري نه فقط نيپال کان آيل ساڌو وڻکنڊي جي دل کي موهيو پر اسان جهڙن گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئندڙ سيلانين کي به موهي وڌو.  

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments