پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سراج دراني جا افغانين سان لاڳاپا، آل سنڌي پٺاڻ تنظيم جو صوبائي صدر افغاني نڪتو

پ پ اڳواڻ آغا سراج دراني جي سربراهي ۾ جوڙيل آل سنڌي پٺاڻ تنظيم جو صوبائي صدر افغاني هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تنظيم جو صوبائي صدر آغا شفيع الله افغاني شهريت رکي ٿو، جنهن جي پاسپورٽ جي ڪاپي به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. آغا شفيع الله افغاني بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته هي شخص ڪراچي، سکر ۽ جيڪب آباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ افغانين کي سپورٽ ڪري رهيو آهي. سنڌي پٺاڻن جي تنظيم جي صدر آغا شفيع الله کي نه سنڌي ڳالهائڻ اچي ٿي ۽ نه ئي سنڌي ٻولي سمجهي سگهي ٿو. ذريعن موجب هن شخص کي وقتي گورنر آغا سراج دراني جو رائيٽ هينڊ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته آغا سراج دراني تي پڻ اهي الزام لڳندا رهيا آهن ته هو افغاني پٺاڻن کي غير ضروري سپورٽ ڪندو آهي ۽ هاڻي افغانين سان سندس لاڳاپا به ظاهر ٿي پيا آهن. واضح رهي ته افغاني پٺاڻن پاران ايشيا ڪپ ۾ شڪست کانپوءِ پاڪستان جي مخالفت ۽ افغانستان جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ڪراچي جي شهرين کي حراسان ڪيو ويو هو.