خاص

سعودي عرب طرفان اسٽيٽ بينڪ ۾ ٽي ارب ڊالر جمع

ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ وزيراعظم عمران خان سعودي عرب طرفان اسٽيٽ بينڪ ۾ 3 ارب ڊالر رکڻ تي سعودي عرب جي ولي عھد جو شڪريو ادا ڪيو آھي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آھي ته سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ رھيو آھي. سعودي عرب اھڙي وقت پاڪستان جو ساٿ ڏنو آھي جڏھن دنيا کي مھانگائي جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي.