پاڪستانخاصنيو‍‍ز

قومي اسيمبلي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 35 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 35 ميمبرز جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن.  17 جنوري تي به اسپيڪر پي ٽي آءِ جي 35 ميمبرز جون استعيفائون منظور ڪيون هيون.  اسپيڪر پاران تحريڪ انصاف جي منظور ڪيل استعيفائن جو انگ 70 ٿي ويو. عمران خان پاران پارليامينٽ ۾ واپسي واري بيان کانپوءِ اسپيڪر پاران پي ٽي آءِ ميمبرز جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.