خاص

ڪئناڊا ۾ جي ايم سيد جي 119 سالگرهه تقريب ۾ سنڌين سان گڏ مختلف ٻين قومن جي رهنمائن سيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو

جي ايم سيد سنڌي قوم جا اهي قرض به ادا ڪيا جيڪي ان تي واجب نه هئا: ايمل خٽڪ. جي ايم سيد نه صرف تعليم لاءِ ڪوششون ورتيون، پر نياڻين جي تعليم تي گهڻو زور ڏنو: شاهده ميمڻ. جيڪي سنڌي گهرن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائن ٿا اهي به آدمشماري ۾ پاڻ کي سنڌي ڳالهائيندڙ لکرائن: ناصر جمال پٺاڻ. جي ايم سيد جو ڪردار هڪ بهترين استاد وارو آهي (فضا ڪلهوڙو)، سيد ثابت ڪيو ته سنڌي هڪ قوم آهن: آصف پنهور.

ورلڊ سنڌي ڪانگريس ڪئناڊا چيپٽر طرفان سنڌ هائوس پيٽر بورو ڪئناڊا ۾ سائين جي ايم سيد جي 119 سالگرهه جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌي، بلوچ، پشتون ۽ ڪشميري ڪميونٽي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. دعا ڪلهوڙو ڊپٽي آرگنائيزر ورلڊ سنڌي ڪانگريس مهمانن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي فضا ڪلهوڙو سائين جي ايم سيد جي فڪر تي ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد جو ڪردار هڪ بهترين استاد وارو آهي. ورلڊ سنڌي ڪانگريس ڪئناڊا جي آرگنائيزر آصف پنهور چيو ته سائين جي ايم سيد سائنسي ۽ تاريخي حوالن سان اهو ثابت ڪيو ته سنڌي هڪ قوم آهن، هن شاهه لطيف جي قومي شاعر هئڻ جو تصور ڏنو، هن محمد بن قاسم کي غاصب ۽ ڦورو ۽ راجا ڏاهر کي سنڌ جو قومي هيرو قرار ڏنو. پشتون ڪائونسل ڪئناڊا جي سراج خان سائين جي ايم سيد کي صوفي پرچارڪ، عدم تشدد جو حامي قرار ڏنو، سانا جي ٽي اي جي نو منتخب صدر امتياز شيخ، جنرل سيڪريٽري حبيب ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار ميمڻ پنهنجي وفد سان گڏ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي امتياز شيخ ميزبانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سنڌي ڪميونٽي جي بهبود لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو. آمريڪا مان انٽرنيشنل سنڌي وومين آرگنائزيشن جي اڳواڻ محترمه شاهده ميمڻ چيو ته اسان کي گهرجي ته پنهنجي عورتن کي مردن جي شانه بشانه هلڻ لاءِ همٿايون. هن وڌيڪ چيو سائين جي ايم سيد نه صرف سنڌ ۾ تعليم لاءِ ڪوششون ورتيون، پر نياڻين جي تعليم تي گهڻو زور ڏنو، هن سن ۾ سنڌي ٻولي جي ترويج لاءِ اسڪول قائم ڪيو، سندس نياڻي پي ايڇ ڊي تائين اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هن ان موقعي تي زاهده ابڙو جو نظم ”وجود تنهنجي ۾ جيڪي ٻري اجهامن ٿا، سدا سي خواب سهانه کڻي اڏامن ٿا“ پڙهي حاضرين کان داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي روحي ڪلهوڙو سائين جي ايم سيد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ شاعري پڙهي خاص طرح سندس شعر ”مسڪراهٽ لب په ٿي مگر آنک ڪا ڪنارا نم سا ٿا“ ۽ ”هم جيتين گي ذرا تم حوصلا “ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.