سـنـڌ حـڪومـت جـو قـانـون کـان مـٿـانـهـون فـيـصـلـو ۽ عـوامـي رد عـمـل Aug 2020
جڏهن به قانون ۽ اخلاق کان بالاتر ٿي ڪري ڪابه صوبائي يا وفاقي حڪومت طاقت جي بنياد تي اهڙا فيصلا ڪندي جيڪي عوام جي زندگين تي سڌو سنئون اثر وجهن، انهن جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي وڃن يا انهن جي مستقبل کي تاريڪ بڻائين ته عوام جو سخت رد عمل اچڻ فطري آهي.
ضياءُ الرحمان، مولانا فضل الرحمان (جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ) جي ڀاءُ جي ڪراچي جي مرڪزي ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور مقرري تي سنڌ اندر سخت رد عمل پيدا ٿيو. پاڪستان هڪ وفاقي رياست آهي جنهن ۾ هڪ صوبي جا سرڪاري آفيسر ٻئي صوبي ۾ هڪ مخصوص قانون تحت مقرر ڪيا وڃن ٿا، پر سپريم ڪورٽ جي تاريخي فيصلي کانپوءِ آل پاڪستان سروسز کانسواءِ جيڪڏهن ڪوبه آفيسر ڪنهن ٻئي صوبي ۾ وڃي پنهنجون خدمتون آڇڻ چاهي ٿو ته ان کي ڊيپوٽيشن تي سمجهيو ويندو ۽ CSS جي آفيسرن کانسواءِ ٻئي ڪنهن به آفيسر کي ڪيڊر پوسٽن تي مقرر نه ڪيو ويندو. انهن سروسز جي لاءِ به سروس رولز مقرر آهن. جڏهن به ڪو آفيسر پنهنجي صوبي کان ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو ته ان کي پنهنجي اسٽيبلشمينٽ کي هڪ درخواست لکڻي پوندي آهي جنهن کي ان صوبي جي منظوري کانپوءِ اتي مقرر ڪيو ويندو آهي.
ضياءُ الرحمان جي سروسز جي ريڪوزيشن لاءِ سنڌ سرڪار اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي 2019-01-16 تي درخواست اماڻي هئي ته سنڌ صوبي کي سندس خدمتن جي ضرورت آهي ۽ کيس سنڌ اماڻيو وڃي. خبر ناهي ته هو 16 جنوري 2019 کان ڪٿي ڪم ڪري رهيو هو، پر جڏهن سنڌ سرڪار کيس پنهنجن سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ سروسز رولز ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان مٿانهون ٿي ڪري هڪ اهڙي ڪيڊر ۾ ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو جتي نه ته سنڌ سرڪار ان کي قانوني ۽ اخلاقي طور مقرر ڪري سگهي ٿي ۽ نه وري اهو آفيسر ان پوسٽ تي مقرر ٿيڻ جي قانوني اهليت رکي ٿو. تڏهن ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا هڪدم ان ڪيس کي مٿي کڻي آيا ۽ آپوزيشن به ان تقرري خلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو، حليم عادل شيخ ته ان تقرري خلاف ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ تياري ڪري چڪو هو. اهڙي صورتحال کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي ضياءُالرحمان کي سنڌ صوبي کان ڪي پي ڪي ڏانهن واپس موڪلڻو پئجي ويو. سندس ڪي پي ڪي ڏانهن واپسي ۾ سنڌ حڪومت جو ڪوبه هٿ نه آهي، سٺي ڳالهه تڏهن ٿئي ها جڏهن سنڌ حڪومت عوام جو رد عمل ڏسندي اهڙو فيصلو پاڻ ڪري ها.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي هڪ نوجوان ليڊر طور عوام دوست فيصلا ڪرڻ گهرجن، اهڙن غلط فيصلن سان پ پ حڪومت پنهنجو سياسي قد مسلسل گهٽائي رهي آهي ۽ پارٽي جي ساک کي وڌيڪ نقصان رسي رهيو آهي. نه صرف ايترو، پر بلاول ڀٽو زرداري جو سياسي مستقبل به تاريڪ ٿي رهيو آهي، جيئن سنڌ جو عوام سنڌ حڪومت کي شڪ جي نظر سان ڏسي ٿو ساڳي طرح سنڌ جا آفيسر به سنڌ حڪومت کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پنهنجن آفيسرن کي تحفظ فراهم ڪري ۽ ڪي به اهڙا غلط فيصلا نه ڪري جن جي پٺيان سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ادارن کي تباهه ڪيو وڃي. سنڌ جو ادارتي نظام اڳي ئي گڙ ٻڙ جو شڪار آهي ۽ اهڙن فيصلن سان اها صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي ويندي جنهن سان سڄو نظام پٽ پئجي سگهي ٿو.
سنڌ حڪومت يقينن ضياءُ الرحمان جي مقرري ڪنهن خاص سياسي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي هوندي، پر سنڌ حڪومت کي اها خبر هجڻ گهرجي ته سڀ کان وڏو سياسي اسٽيڪ هولڊر سنڌ جو عوام آهي. سنڌ جو عوام هن وقت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. سنڌ ۾ ادارا تباهيءَ طرف تيزي سان وڌي رهيا آهن، تعليم جو نظام ڪورونا جي ڪري اڃان وڌيڪ ڊهي پٽ ٿي پيو آهي، غربت ڪلاڪن جي حساب سان وڌي رهي آهي. اهڙي وقت ۾ سنڌ جي آفيسرن جي حقن تي ايئن پڌري پٽ ڌاڙو هڻڻ سان سنڌ سرڪار کي عوام موٽ ۾ ڪا شاباش ته نه ڏيندو، پر هو ضرور پنهنجي غصي جو اظهار ڪندو.
سنڌ حڪومت ته اڃان تائين ڪوڙن ڊوميسائلن ۽ پي آرسين واري معاملي تي ڪو حتمي نتيجو نه ڏيئي سگهي آهي، جنهن جي خلاف سنڌ جي عوام پنهنجو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. مراد علي شاهه جي جوڙايل ڊوميسائل ڪميٽي نه ڄاڻ ته ڪٿي گم ٿي چڪي آهي. اهڙي وقت ۾ سنڌ حڪومت عوام دشمن فيصلا ڪري پنهنجو ئي سياسي نقصان ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت کي ان ڳالهه جي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته سندس اهي قدم جيڪي عوام جي بنيادي حقن جي لتاڙ ڪندا ان لاءِ سنڌ جو باشعور طبقو هن وقت سنڌ سرڪار جي هر غير قانوني ۽ عوام دشمن فيصلي تي پهريداري ڪري رهيو آهي.