سمرقند
ناول- قسط يارهين
ترجمو: زاهده ابڙو
ڪاشان
شاهراههِ ابريشم (سلڪ روڊ) مٿان ڪجهه ننڍڙا مٽيءَ جا ٺهيل گهر ڄڻ ڪنهن نخلستان جو ڏيک ڏيئي رهيا هئا- ڪاروان هتي اچي بيهندا هئا، ”ڪرگس ڪوهه“ بدشگون، ”ڳجهه“ نالي جبلن مان لنگهڻ کان پهرين ڪجهه دير ساهه پٽيندا هئا جيڪي انهن ڌاڙيلن جا اڏا هئا جن اصفهان جي اوسي پاسي وارن علائقن جي ماڻهن جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي هئي-
ڪاشان مٽي ۽ گاري سان تعمير ٿيو هو- ڪوبه مسافر اجايو نه ڪنهن رنگين عمارت يا پڪي گهر جي سينگار واري ڪنهن عمارت جي تلاش ڪندو هو- ان جي باوجود، هي ڪاشان ئي هو جتي مشهور ۽ معروف چمڪيليون ٽائلن جون تختيون ٺاهيون وينديون هيون جيڪي سمر قند کان بغداد تائين هزارين مسجدن، محلن ۽ مدرسن جي سائي ۽ سنهري آرائش جي ڪم اينديون هيون. اتر واري سڀني اسلامي ملڪن ۾ انهن کي رڳو ڪاشي يا ڪاشاني چيو ويندو هو، بلڪه جهڙي طرح فارسي ۽ انگريزي ۾ پورسلين جو نالو چين جي نالي تي رکيو ويو آهي-
شهر کان ٻاهران پام جي وڻن جي ڇانو ۾ هڪ ڪاروان سرائي جنهن جي چوڌاري پهري جي بُرجن واري ڀت ڏنل هئي، جنهن جي احاطي ۾ جانورن ۽ مال لاءِ هڪ ٻاهريون اڱڻ به هو ۽ هڪ اندروني اڱڻ جنهن جي چئني پاسي ننڍا ننڍا اوطاق هئا- عمر هِتي هڪ ڪمرو مسواڙ تي وٺڻ ٿي چاهيو، پر ڪاروان جي مالڪ کانئس معذرت ڪري ورتي ۽ چيو ته رات گذارڻ لاءِ وٽس ڪوبه ڪمرو خالي ناهي- ڪجهه خوشحال اصفهاني سوداگر پنهنجن ڇوڪرن ۽ خادمن سان گڏ هاڻي هاڻي اچي پهتا هئا- عمر کي ان دعويٰ جي تصديق لاءِ رجسٽر کان رجوع ڪرڻ جي ضرورت نه پئي، ڇو ته سڄي جڳهه گوڙ ۽ هُل سان ۽ انهن معتبر ماڻهن جي سوارين سان ڀريل هئي- سياري جي شروعات ٿي چڪي هئي، ان جي باوجود عمر تارن جي ڇانو ۾ سمهڻ تي غور ڪيو، پر ڪاشان جا وڇون ان جي ڪاشيءَ واري ڪم کان ڪي گهٽ مشهور نه هئا-
”ڇا هڪ ڪنڊ به خالي ڪونهي جتي تڏو وڇائي رات گذاري سگهان؟“
مالڪ پنهنجي پيشاني کي کنهيو- اونداهي ٿي چڪي هئي ۽ هو هڪ مسلمان کي پناهه ڏيڻ کان انڪار نٿي ڪري سگهيو-
”هڪ ڪنڊ وارو ننڍڙو ڪمرو آهي جنهن ۾ هڪ شاگرد رهيل آهي ان کان پڇو ته هو توهان کي ڪمري ۾ شريڪ ڪري سگهي ٿو-“
ٻئي ڪمري جي ڀرسان آيا ته ڏٺائون دروازو بند هو- مالڪ کڙڪائڻ کان بنا دروازي کي ڌڪو ڏئي کوليو- ميڻ بتي جي روشني ڏڪي رهي هئي ۽ هڪ ڪتاب بند پيو هو-
”هي شريف مسافر ٽن مهينن کان سمر قند کان نڪتل آهي- جيڪڏهن موڪل ڏيو ته توهان سان گڏ رهي پوي-“
جيڪڏهن ان نوجوان ماڻهو جي صلاح ان جي ابتڙ هئي تڏهن به ان اهڙي اظهار کان پرهيز ڪيو- هن شائستگي برقرار رکي جيتوڻيڪ هن گرم جوشي نه ڏيکاري-
خيام اندر داخل ٿيو کيس سلام ورايائين ۽ محتاط طريقي سان پنهنجو تعارف ڪرايو، ”عمر نيشا پوري-“
سندس رفيق جون اکيون مختصر پر انتهائي دلچسپيءَ سان چمڪي پيون پوءِ هن پنهنجو تعارف ڪرايو:
”حسن ابن علي صباح قُم، جو رهاڪو، ري ۾ شاگرد، اصفهان ڏانهن وڃي رهيو آهيان-“
ان تفصيلي فهرست سازيءَ خيام کي بيچين ڪري ڇڏيو هو پاڻ سڄا تفصيل ٻڌائي پنهنجي ذڪر ڪرڻ جي ڄڻ دعوت ڏيئي رهيو هو، سندس وندر ڪهڙي آهي ۽ سفر جو سبب ڇا آهي- اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جو سبب سمجهه ۾ نه آيو ۽ هو ان طرز عمل تي شڪ جو شڪار ٿي پيو- جيتوڻيڪ هو خاموش رهيو ۽ آرام سان هڪ ڀت کي ٽيڪ لڳائي ويهي رهيو ۽ هن سانوري رنگ جي نوجوان کي غور سان ڏٺو، جنهن جي چهري جا نقش ڏاڍا تکا، جسم نازڪ ۽ سنهڙو سيپڪڙو هئس سندس هفتي جي وڌيل ڏاڙهي مضبوطيءَ سان ٻڌيل دستار ۽ سڄيل اکين جي منظر خيام کي بيچين ڪري ڇڏيو- ان شاگرد جي مرڪ کيس حواسن مان ڪڍي ڇڏيو-
”ڪنهن اهڙي کي جنهن جو نالو عمر هجي ڪاشان ۾ هينئن گهمڻ ڦرڻ هوشياري جي ڳالهه ته ڪونهي-“
عمر مڪمل طور تي تعجب جو ڍونگ رچايو- ان جي باوجود هو اشارو ضرور سمجهي ويو سندس پهريون نالو اهو ئي هو جيڪو رسول صه جي ٻئي خليفي جو هو، خليفه عمر جنهن کان شيعه نفرت ڪندا هئا جيڪو سندن باني مباني علي جو شديد مخالف رهيو هو جيتوڻيڪ حاضر وقت ۾ ايران جي گهڻي آبادي سني هئي پوءِ به ڪُنڊن پاسن ۾ شيعن جا ننڍا ننڍا گروهه موجود هئا، جيئن قُم ۽ ڪاشان جي نخلستاني شهرن جتي عجيب و غريب رسمون رائج هيون- هر سال خليفه عمر رضه جي قتل جي جشنِ شادماني ۾ ورسي ملهائي ويندي هئي هن مقصد لاءِ شهر جون عورتون ڏاڍا هار سينگار ڪنديون هيون، مٺايون تيار ڪنديون هيون، پستا ڀُڃنديون هيون جڏهن ته ٻار ڇتين تي چڙهي ويندا هئا ۽ گهٽيءَ مان لنگهڻ وارن مٿان پاڻيءَ جون بالٽيون ڀري ڀري اوتيندا هئا ۽ فتح منديءَ جا نعرا لڳائيندا هئا: ”عمر تي خدا جي لعنت!“ خليفي جو پتلو ٺاهيو ويندو هو ۽ ان جو ڪجهه علائقن ۾ جلوس ڪڍيو ويندو هو جنهن ۾ شامل ماڻهو زور سان رڙيون ڪري چوندا هئا: ”تنهنجو نالو عمر آهي ۽ تنهنجي جڳهه جهنم- تون اعليٰ درجي جو ملعون آهين. تون غاصب لئيم آهين!“ قُم ۽ ڪاشان جي موچين جي ريت هئي ته هو پنهنجي ٺاهيل جوتن جي ترن تي ”عمر“ لکندا هئا. مالوند پنهنجن جانورن کي اهو نالو ڏيندا هئا، انهن کي ماريندا هئا ۽ شڪاري پنهنجو آخري تير هلائڻ وقت وات ۾ بڙبڙ ڪندي، ”هن جو نشانو عمر جي دل آهي!“
حسن ڪجهه لڪل لفظن ۾ انهن رسمن ڏانهن اشارو ڪيو ۽ نا شائسته تفصيل ٻڌائڻ کان پرهيز ڪئي تنهن هوندي به عمر ڏانهس ڪاوڙ مان ڏسندي ڏاڍي مضبوط لهجي ۾ چيو: ”آئون پنهنجي نالي جي ڪري پنهنجو رستو تبديل نه ڪندس ۽ نه ئي رستي جي ڪري پنهنجو نالو.“ هڪ طويل سرد خاموشي ٻنهي جي وچ ۾ اچي وئي ۽ ٻنهي هڪٻئي تان پنهنجون نظرون هٽايون عمر پنهنجا جوتا لاهي سمهڻ جي ڪوشش ڪئي اهو حسن هو جنهن کيس تنگ ڪيو:
شايد مون اوهان کي انهن سڀني رسمن رواجن جو حال احوال ڏيئي ناراض ڪري ڇڏيو آهي، پر منهنجي نيت رڳو اوهان کي خبردار ڪرڻ جي هئي ته جيئن هن جڳهه تي پنهنجي نالي جو اظهار ٿورو احتياط سان ڪريو- منهنجي نيت تي شڪ نه ڪجانءِ- قدرتي ڳالهه آهي ته آئون پنهنجي ننڍپڻ ۾ اهڙن ڏڻن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهيان، پر بلوغت کانپوءِ ان کي مختلف روشنيءَ ۾ ڏسڻ لڳو آهيان ۽ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ان قسم جي قبضاگيري هڪ عالم جي شان وٽان ناهي- ۽ نه ئي نبي صه جي تعليم سان مطابقت رکي ٿي- پوءِ به جڏهن اوهان سمر قند يا ڪنهن ٻي جاءِ تي ڪنهن مسجد کي ڏاڍي تحسين آميز تعجب سان ڏسندا آهيو جنهن کي ڪاشان ۾ شيعه دستڪارن جي ٺاهيل خوبصورت ڪاشيءَ جي ٽائلن سان سينگاريو ويو هجي، ۽ پوءِ وري ان ئي مسجد جو واعظ ”ملعون ۽ ملحد شيعانِ علي“ جي خلاف گارگند ڪندو هجي، پٽيندو هجي ته اها به نبي صه جي تعليم مطابق ناهي-“
عمر ٿورو مٿي ٿيو-
”اڇا ته اهي هڪ عقلمند ماڻهوءَ جا لفظ آهن-“
”مون کي چڱيءَ طرح سان خبر آهي ته دانا ڪيئن ٿجي، بلڪل جيئن بيوقوف ٿبو آهي- مان خوشگوار ٿي سگهان ٿو ۽ ناگوار به، پر ڪو ڪيئن ڪنهن سان ياري ڪري سگهي جيڪو هن سان ڪمري ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو هجي، پر ڏاڍي سٺي طريقي سان پنهنجو تعارف ڪرائڻ تي به آماده نه هجي-“
”مون تي زباني حملو ڪرڻ لاءِ مون پنهنجو پهريون نالو ٻڌايو اهو ئي ڪافي هو جيڪڏهن پوري شناخت ڪرايان ها ته خدا ڄاڻي ڇا چئين ها؟“
شايد جيڪو چيو اٿم اهو بلڪل نه چوان ها- ماڻهو خليفي عمر کان نفرت ڪري سگهي ٿو، پر گڏوگڏ عمر جيڪو هيئت جو ماهر آهي، الجبرا جو ماهر آهي، فلڪيات جو ماهر آهي حتيٰ ڪي فلسفي جو ماهر آهي، سواءِ شاباش جي ٻيو ڪجهه به محسوس نٿو ڪري سگهجي-“
عمر هڪدم سڌو ٿي ويهي رهيو حسن فتحمد انداز ۾ ڳالهائيندو رهيو:
”توهان جو خيال آهي ته ماڻهن جي سڃاڻپ جو ذريعو صرف نالو ئي آهي؟ ماڻهو کي سندس اندازِ نظر سان به سڃاڻي سگهجي ٿو، سندس چال ڍال مان، اٿ ويهه مان، ڳالهائڻ جي طور طريقي مان- توهان جي اندر داخل ٿيندي ئي مان سمجهي ويو هئس ته اوهين صاحب علم آهيو، تعظيم ۽ تقريب جا عادي، پر ان کي ڪا گهڻي اهميت به نٿا ڏيو، اهو شخص جنهن کي اندر ايندي رستي پڇڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي- جيئن ئي اوهان پنهنجو نالو ٻڌايو، مان سمجهي ويس: منهنجا ڪن صرف هڪ ئي عمر کي سڃاڻن ٿا، عمر نيشا پوري-“
”جيڪڏهن تون مون تي رعب وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهين ته مون کي اعتراف ڪرڻ ڏي ته تون ڪامياب ٿي چڪو آهين- پوءِ تون پاڻ ڪير آهين؟“
”مون اوهان کي پنهنجو نالو ٻڌايو آهي، پر ان جي اوهان وٽ ڪا اهميت ئي ناهي مان حسن صباح قُمي آهيان- مان ان کان علاوه ٻي ڪنهن ڳالهه تي فخر نٿو ڪري سگهان ته سترهن سالن جي عمر ۾ علم ۽ مذهب فلسفي، تاريخ ۽ نجوم تي هيستائين جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي ان جو مطالعو ڪري چڪو آهيان-“
”جيترو ڪجهه لکيو ويو آهي ڪوبه ان جو مطالعو نٿو ڪري سگهي روزانو حاصل ڪرڻ جي لاءِ تازو لکيل علم موجود هوندو آهي-“
”منهنجو امتحان وٺي ڏسو-“
دل لڳيءَ لاءِ عمر هن کان افلاطون، اڪليدس، پورفري، بطليموس، ڊرڪوريدس، جالينوس، رازي ۽ ابن سينا جي طب ۽ پوءِ قرآني قانونن جي بحثن بابت سوال پڇڻ شروع ڪيا- سندس ساٿي جا جواب بنا ڪنهن گهٽ وڌائي جي ڀرپور ۽ بي عيب هئا- فجر تائين ٻنهي مان ڪوبه نه ستو هو، نه ئي وقت جي تيزيءَ سان گذرڻ کي ٻنهي مان ڪنهن محسوس ڪيو هو- حسن کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي هئي عمر ڏاڍي ڪشش محسوس ڪري رهيو هو ۽ کيس اهو اعتراف ڪرڻو پيو:
”مان ڪڏهن ڪنهن سان ناهيان مليو جنهن کي ايترين گهڻين شين جي ڄاڻ هجي- هي جو هيترو علم جمع ڪيو اٿئي ان جو ڇا ڪندين؟“
حسن کيس شڪ ڀري نگاهه سان ڏٺو کيس ايئن لڳو ڄڻ سندس روح جو ڪو لڪل حصو ظاهر ٿي پيو هجي، پر جلد ئي هن پنهنجو پاڻ کي ٻيهر جمع ڪندي نظرون جهڪائي ڇڏيون-
”مان ڪنهن به طرح نظام الملڪ تائين پهچڻ ٿو چاهيان- شايد هو مون کي ڪو ڪم ڏيئي سگهي-“
”عمر جي ساٿي کيس ايترو ته متاثر ڪيو هو جو هو ان ڳالهه جو راز کولڻ وارو ئي هو ته هو پاڻ به وزيراعظم سان ملاقات لاءِ وڃي رهيو هو- ان هوندي به ٺيڪ عين موقعي تي هن پنهنجو خيال تبديل ڪري ورتو- شڪ جو آخري پاڇو اڃان زائل نه ٿيو هو-“
ٻن ڏينهن کانپوءِ واپارين جي هڪ قافلي ۾ شامل اهي ٻئي هڪٻئي جي ڀر ۾ ويٺا سواري ڪري رهيا هئا پنهنجي من پسند اديبن جي دل نشين فارسي ۽ عربي تحريرن جا ڊگها ٽڪرا هڪٻئي کي پنهنجي حافظي مان ٻڌائي رهيا هئا ڪيڏي ڪيڏي مهل ٻنهي ۾ بحث به ڇڙي ٿي ويو، پر پوءِ جلد ئي ختم ٿِي ٿي ويو- جيڏي مهل حسن پنهنجي يقينن جو ذڪر ٿي ڪيو، پنهنجو آواز بلند ڪري، ”تجربي سچائين“ جو اعلان ٿي ڪيو ۽ پنهنجي رفيق کي ان جي اعتراف جي هدايت ٿي ڪئي ته عمر شڪ ۾ پئجي ٿي ويو- هو ڪجهه خيالن جي قدر ۽ قيمت جو اندازو لڳائي سگهيو ٿي، پر انهن مان تمام گهٽ تي اتفاق ٿي ڪيائين ۽ خوشيءَ سان پنهنجي لا علمي جو اظهار ٿي ڪيائين هن پنهنجو پاڻ کي اڻ ٿڪائيندڙ طريقي سان اها ڳالهه دهرائيندي ڏٺو: ”تون مون کان ڇا ٿو چورائڻ چاهين؟ اهي ڳالهيون ته ڍڪ ۾ آهن تون ۽ مان ته پردي جي هڪ ئي پاسي آهيون جڏهن اهو ڪريو ته پوءِ اسان هتي موجود نه هونداسين-“
سڄي هفتي جي مسافريءَ کانپوءِ اهي اصفهان پهتا-
…(هلندڙ)…