ادبتاريخ

سمر قند امين مالوف قسط چوٿين ترجمو: زاهده ابڙو | # فيبروي 2022

تخليق ”جي وقت کان نجومي اعلان ڪندا پيا اچن ته چار شهر آهن جيڪي بغاوت جي ڇانو هيٺ وجود ۾ آيا آهن- سمر قند، مڪو، دمشق ۽ پاليرمو ۽ انهن جو چوڻ بلڪل سچ آهي! جيڪڏهن اهي شهر ڪڏهن حڪومت آڏو اٿي بيٺا آهن ته صرف پنهنجي طاقت جي ڪري- اهي صراط مستقيم جي پيروي انهيءَ وقت ڪندا آهن جڏهن انهن کي تلوار ذريعي درست ڪيو ويو هجي. آنحضرت صلي الله عليه و آلهي وسلم مڪي جي غرور کي تلوار سان ئي ختم ڪيو ۽ مان به اهل سمر قند جي غرور کي تلوار سان ئي ختم ڪندس!“

نصر خان، ماوراءُ نهر جو والي، ديو جهڙو ڊگهو قدرآور جنهن جو رنگ پتل جهڙو هو، زريءَ جي ڀرت سان ڀريل جبو پاتل هئس پنهنجي تخت جي سامهون بيٺي گرهه چٻاڙي رهيو هو- سندس آواز گهر وارن ۽ ملاقاتين ۾ ڏڪڻي پيدا ڪري رهيو هو- هن جون اکيون حاضر ماڻهن مان ڪو شڪار ڳولهي ڪڍن ها، ڪو اهڙو چپ جيڪو ڏڪڻ جي جرئت ڪري سگهي، هڪ نگاهه جنهن ۾ مناسب پشيماني جي گهٽتائي هجي، ڪنهن غداريءَ جي ياد- جبلي طور تي هرهڪ ماڻهو پنهنجي ڀرسان ويٺل ماڻهوءَ جي پاسي ۾ سرڪي وڃي ها، پنهنجي پٺ، ڪنڌ ۽ ڪلهن کي ڍلو ڇڏي ڏئي ها ۽ طوفان جي گذري وڃڻ جو انتظار ڪري ها. ڄار ۾ ڪو شڪار نه ڦاسندي ڏسي، نصر خان هٿ ۾ تقريباتي پوشاڪون کنيون ۽ هٿ سان کڻندو ويو ۽ ڪاوڙ ۾ هڪ ٻئي پٺيان پنهنجي پيرن ۾ اڇلائيندو ويو ۽ انهن جو ڍير لڳائي ڇڏيائين، ۽ ڪاشغر جي ان وقت جي سڀ کان وڌيڪ مقبول ترڪ منگول ٻوليءَ ۾ هڪ کانپوءِ ٻيو تضحيق آميز فقرو ڳالهائيندو ويو. رواج موجب حڪمران ٽن تهن واري، چئن تهن واري ۽ ڪڏهن ڪڏهن ستن تهن واريون زريءَ سان ڀريل پوشاڪون پائيندا هئا جنهن کي پائي وري پنهنجي بدن تان لاهي ۽ جن جي عزت افزائي ڪرڻي هوندي هئن انهن جي پٺن تي ڏاڍي مان ۽ شان سان اوڍرائيندا هئا، پر پنهنجي موجوده طرز عمل سان نصر خان اهو واضح ڪري ڇڏيو هو ته ڪنهن به ملاقاتيءَ جي تمنا جي پورائي ڪرڻ جو سندس ڪو ارادو ۽ نيت نه هئي.

جيئن هر حڪمران جي آمد تي سمر قند ۾ ٿيندو هو، اهو به جشن ۽ خوشيءَ جو ڏينهن هجڻ کپندو هو، پر جشن جي شروعاتي گهڙين ۾ ئي خوشيءَ جو وهم ۽ گمان غائب ٿي چڪو هو. درياءِ سياب کان مٿي ويندڙ پڪي رستي تي چڙهندي ئي خان شهر جي اتر ۾ ”باب بخاره“ کان وقار سان داخل ٿيو. هو مسڪرايو جنهن سان سندس ننڍڙيون اکيون اڃان به اندر هليون ويون ۽ اهي هميشه کان وڌيڪ اڀيون ٿي نظر آيون، جنهن سان سندس ڳٽن جا هڏا سج جي روشني ۾ چمڪڻ لڳا، پر وري ساڳئي ئي لمحي ۾ سندس سڄي شگفتگي موڪلائي وئي- هو لڳ ڀڳ ٻه سئو اميرن طرف وڌيو جيڪي قاضي ابو طاهر جي چوڦير جمع هئا ۽ هن ان گروهه تي جنهن ۾ عمر خيام به هو، هڪ ڳڻتي جوڳي ۽ لڳ ڀڳ شڪي نگاهه وڌي. بظاهر هو جنهن جو طلبگار ٿي ڏٺو ان کي اتي نه ڏسي هن پنهنجي گهوڙي کي يڪدم اتان ڊوڙايو، لغام کي زور سان ڇڪيو ۽ اتان نڪري وڃڻ لاءِ حرڪت ڪئي دٻيل آواز ۾ ڪجهه اهڙا لفظ چيائين جيڪي ٻڌڻ وارن کي سمجهه ۾ نه آيا- ڪاري گهوڙي تي آڪڙ ۾ ويٺل هو، هو وڌيڪ نه مسڪرايو ۽ نه ئي ڪنهن ننڍڙي اشاري سان انهن هزارين شهرين جي نعرن جو تحسين سان جواب ڏنو، جيڪي بار بار نعرا دهرائي رهيا هئا، جيڪي اتي صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ اچي سندس آجيان لاءِ گڏ ٿيا هئا. انهن مان ڪيترن جي هٿن ۾ درخواستون هيون، جيڪي عوامي مُنشين کان لکرايل هيون- انهن کي لڳو ٿي سڀ ڪجهه ضايع ٿي ويو، ڇو ته ڪنهن کي به پنهنجي درخواست حڪمران کي پيش ڪرڻ جي جرئت نه ٿي، پر اهي انهن هڪ اعليٰ آفيسر جي حوالي ڪيون، جنهن کي بار بار انهن درخواستن کي قبول ڪرڻ لاءِ اڳيان جهڪڻو ٿي پيو، انهيءَ گول مول واعدي تحت اهو محسوس ٿي ڪرايو ته انهن تي عمل ٿيندو.

اڳيان اڳيان چار گهوڙي سوار جيڪي دودمان جو ڪٿئي جهنڊو هٿ ۾ اڀو ڪري هلي رهيا هئا پٺيان پٺيان چيلهه تائين اگهاڙو پيرن پيادو غلام جيڪو بدن ۾ ڄڻ ڪنهن ديو جهڙو هو، اس واري ڇٽي کنيو هلي رهيو هو. خان بغير ڪنهن وقفي ۽ سوچ سمجهه جي ڪشادن شاهراهن جو انتخاب ڪيو جن جي ٻنهي پاسي توت جا ور وڪڙ ڏيندڙ وڻ قطارن ۾ بيٺل هئا هن بازارن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪيو ۽ آبپاشي جي مرڪزي نهرن جي ڪنارن کان هلندو ويو جن کي ”اريق“ چيو وڃي ٿو تان جو وڃي اسفيزار واري علائقي ۾ پهتو. هتي هن عارضي کڏا کوٽائي رکيا هئا جيڪي ابو طاهر جي رهائشگاهه سان بلڪل لڳو لڳ هئا. جيئن ته تازين جنگين کيس تمام گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري انهن کي ڇڏڻو پيو، هاڻي رڳو ترڪي محافظ فوج ڪڏهن ڪڏهن هتي اچي پنهنجا خيما لڳائيندي هئي.

اهو ڏسي ته حڪمران جو مزاج بگڙيل آهي، عمر کي محل وڃي مبارڪباد پيش ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ٿيڻ لڳي، پر قاضيءَ اصرار ڪيو ته ضرور وڃي يقينن ان اميد جي سهاري ته سندس ايڏي اعليٰ مان ۽ مرتبي واري ساٿي جي موجودگي حڪمران لاءِ خوشگوار شغل فراهم ڪندي. رستي ۾ هاڻي هاڻي جيڪو ڪجهه ٿيو هو ابو طاهر، خيام کي ان جي تفصيل کان آگاهه ڪرڻ جي ذميداري پنهنجي مٿي کنئي. شهر جي ممتاز ديني عالمن ان آجياڻي واري پروگرام ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ان لاءِ جو خان بخاره جي جامع مسجد کي ساڙائي ڇڏيو هو، جتي هٿياربند مخالف مورچو قائم ڪري پناهه وٺي ويٺا هئا. ”حڪمران ۽ مذهبي محڪمي جي درميان“، قاضيءَ وضاحت ڏيندي ٻڌايو، ”هميشه وانگر شديد جنگ جاري آهي- ڪڏهن ڪڏهن اها کلم کلا ۽ خوني هوندي آهي، پر گهڻو ڪري اندر ئي اندر لڪل هوندي آهي-“

اهو افواهه به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته عالمن ڪيترن ئي آفيسرن سان رابطو قائم ڪيو هو، جيڪي امير (شهزادي) جي طور طريقن کان سخت عاجز هئا. سندس ابا ڏاڏا سپاهين سان گڏ ماني کائيندا هئا چيو ٿو وڃي ۽ ڪوبه اهڙو موقعو اهو اعتراف ڪرڻ کان بغير ضايع نه ڪندا هئا ته سندن طاقت جو اصل سرچشمو سندن عوام ۽ اهي جنگجو آهن- پر هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين ترڪي جي خانن، ايراني شهنشاهن جهڙيون مذمت جوڳيون عادتون اختيار ڪري ورتيون آهن، اهي پاڻ کي اڌ ديوتا سمجهن ٿا ۽ انهن پنهنجو پاڻ کي ڏينهون ڏينهن پرتڪلف تقريباتي رسمن ۾ مشغول ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪي انهن آفيسرن لاءِ ناقابل فهم ئي نه بلڪه بيعزتي جوڳيون آهن.

جيتوڻيڪ ڪيترن ئي وڃي مذهبي سربراهن سان رجوع ڪيو- آفيسرن جي واتان مذهبي سربراهن نصر خان جي پرپٺ اهڙيون ڳالهيون ٻڌي، ته خان اسلامي طور طريقا ڇڏي ڏنا آهن پيا لطف وٺندا هئا. حڪمران فوج جي دل ۾ خوف پيدا ڪرڻ لاءِ عالمن خلاف سختيءَ سان پيش آيا. سندس پيءُ جيڪو انهن سڀني ڳالهين جي ڪري هڪ متقي شخص هو پنهنجي دور سلطنت جو آغاز هڪ دستار پوش جو تن ڌڙ کان جدا ڪندي نه ڪيو هو؟

1072ع واري سال ۾ ابو طاهر چند انهن مذهبي اڪابرن مان هو جنهن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان امير سان پنهنجا ويجهڙائي وارا لاڳاپا قائم ڪيا هئا. هو اڪثر ساڻس ملاقات لاءِ بخاره واري قلعي ۾ ويندو هو، جيڪا سندس وڏي رهائشگاهه هئي ۽ جڏهن به هو سمر قند ۾ اچي ويهندو هو ته هو ڏاڍي پروقار انداز ۾ سندس آجيان ڪندو هو. ڪجهه عالم ابو طاهر جي ان مصالحانه روش کي محتاط نظر سان ڏسندا هئا، پر گهڻا ان ٽياڪڙ جي موجودگيءَ کي ڀلو سمجهندا هئا.

قاضيءَ کي هڪ دفعو ٻيهر ڏاڍو آسانيءَ سان مصالحتي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. هن نصر خان جي ترديد ڪرڻ کان پاسو ڪيو، سندس مزاج ۾ بهتري جي ننڍڙي رمق جي تاڪ ۾ لڳو رهيو ته جيئن سندس پست حوصلي ۽ همت کي وڌائي سگهي. هو منتظر رهيو ايستائين جو اهي صبر آزما گهڙيون گذري ويون ۽ جڏهن حڪمران پنهنجي تخت تي واپس وريو ۽ ابو طاهر ڏٺو ته هو هڪ نرم گول وهاڻي کي ٽيڪ لڳايو ويٺو آهي ۽ پنهنجو پاڻ تي مڪمل ڪنٽرول اٿس بيحد لطيف لمحي کي غير محسوس طريقي سان پنهنجي هٿ ۾ جهليو آهيس، عمر اهو سڀ ڪجهه ڏاڍي اطمينان سان ڏٺو پئي، قاضيءَ جو اشارو ٿيندي ئي اعليٰ آفيسر هڪ نوجوان ڪنيز کي سڏ ڪيو ته هوءَ انهن پوشاڪن کي اتان هٽائي جيڪي ڪنهن جنگ کانپوءِ لاشن وانگر زمين تي پکڙيون پيون هيون. فضا ۾ جيڪا گهُٽ محسوس ٿي رهي هئي اها ڪافي حد تائين گهٽجي وئي ماڻهن سنڀالي سنڀالي پنهنجا هٿ سڌا ڪيا ۽ ڪيترن ته پنهنجي ڀرسان ويٺل ماڻهن جي ڪن ۾ ڪجهه ڦسڪو هنيو.

پوءِ، قاضيءَ ڪمري جي مرڪز واري جڳهه ڏانهن پنهنجا قدم وڌايا، شاهه جي سامهون واري جڳهه تي سر جهڪائي وڃي بيٺو ۽ خاموش رهيو- اهو ڏانءُ ڏاڍي مهارت سان هنيو ويو هو، جو طويل خاموشيءَ کانپوءِ، جڏهن نصر آخر اعلان ڪيو، ”وڃو وڃي شهر جي سڀني عالمن کي چئو ته سڀاڻي فجر جي وقت اچي منهنجي قدمن ۾ سر جهڪائين- جيڪو سر نه جهڪندو قلم ڪيو ويندو- ڪوبه فرار ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري، ڇو ته ڪابه زمين انهن کي منهنجي قهر کان امان نه ڏيئي سگهندي،“ پوءِ هر فرد ۽ بشر سمجهي ويو ته طوفان ختم ٿي چڪو آهي ۽ ٺاهه جي اميد ڪري سگهجي ٿي. عالمن کي تلافي جي ضرورت آهي ۽ شاهه شديد قدم کڻڻ کان باز رهندو.

ٻئي ڏينهن جڏهن عمر قاضيءَ سان گڏ درٻار پهتو ته درٻار جي فضا مشڪل سان سڃاڻڻ ۾ ٿي آئي- نصر پنهنجي تخت تي ويٺل هو- اهو هڪڙو ننڍڙو چبوترو هو جنهن جي مٿان هڪ ڳوڙهي رنگ جي قالين جو غلاف چڙهيل هو، سندس ڀر ۾ هڪ غلام گلاب جي پنکڙين مان ٺهيل مٺائي (گلقند وانگر) ننڍي ٿالهه ۾ کڻيو بيٺو هو، حڪمران هڪ پنکڙي کڻي پنهنجي زبان تي رکي ٿي ۽ پنهنجي تارونءَ سان ان کي ڳرڻ لاءِ رکي ٿي ڇڏيو. ان کان اڳ جو هو لاپرواهيءَ سان پنهنجو هٿ مٺائي ڏانهن وڌائي هڪڙي ٻئي پاسي بيٺل غلام سندس آڱرين تي خوشبودار پاڻيءَ جو ڇڙڪاءُ ڪري ۽ انهن کي خشڪ ڪندو ٿي ويو- اهو عمل ڪو ويهه ٽيهه دفعا دهرايو ويو ان دوران وفدَ هڪٻئي پٺيان ايندا ۽ ويندا رهيا- اهي شهر جي علائقن جا نمائندا هئا خاص طور تي اسفزار، پنج خين، زگريماچ، ماتريد، بازارن جون انجمنون، پتل ۽ ٽامي جا واپاري، ڪاغذ ٺاهڻ وارا، ريشم جي ڪينئن جي افزائش ڪرڻ وارا ۽ پخالين جي انجمنن وارا ۽ ان کان علاوه ذمّي جماعتن جا به/يهودي، پارسي ۽ نسطوري مسيحي اڳواڻ به شامل هئا.

اهي پهرين زمين کي چمي پوءِ اڀا ٿي ٿي بيٺا ۽ هڪ دفعو تعضيم مان جهڪيا ٿي ۽ جهڪيل ئي رهيا ٿي جيستائين انهن کي شاهه جي طرفان اٿڻ جو اشارو نٿي مليو- سندن سربراهه ڪجهه فقرا ادا ٿي ڪيا ۽ ابتي پير واپس ٿي موٽيا. جيئن ته ڪمري مان رخصت ٿيڻ وقت حڪمران طرف پٺ ڪري موٽڻ جي جهل هئي- هڪ عجيب ۽ غريب رواج- ڇا هي ڪنهن اهڙي شاهه جو رائج ڪيل هو جو پنهنجي عزت ڪرائڻ جو تمام گهڻو شوقين هو يا ڪنهن ملاقاتي جو جيڪو تمام گهڻو شڪي مزاج هو؟

هاڻي ديني معزز ماڻهو آيا جن تجسس، خوف ۽ حراس سان انتظار پئي ڪيو. سندن انگ ويهن کان مٿي هو- ابو طاهر کي انهن سڀني کي وٺي اچڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي پيش نه آئي. ڇو ته هو پنهنجي جذبن جو ڪافي اظهار پهرين ڪري چڪو هو، ان راهه تي وڌيڪ هلڻ پنهنجي شهادت کي دعوت ڏيڻ برابر هو، جنهن جي خواهش ڪير ٿي ڪري سگهيو.

هاڻي انهن به پنهنجو پاڻ کي تخت جي سامهون پيش ڪيو، انهن مان هرهڪ اوترو ئي جهڪيو جيتري ان ماڻهوءَ جي عمر ۽ ان جي سنڌن ان کي اجازت ڏني ٿي انتظار پئي ڪيو ته امير انهن کي اٿڻ جو اشارو ڪري، پر اشارو ٿئي ئي نه. ڏهه منٽ گذري ويا ۽ انهن مان سڀ کان ننڍي عمر وارو به ان غير آرامده حالت ۾ ايڏي ڊگهي مدت تائين رهي نٿي سگهيو. پس چه بايد ڪرد؟ (هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي) جيڪڏهن بنا اجازت اٿجي ٿو ته شاهه جي ملامت جو نشانو بڻجون ٿا اهي هڪٻئي جي پٺيان گوڏن جي ٻلهه تي ٽڪيا بيٺا رهيا اهڙي حالت ٿي وين جو جيتري سندن دل ۾ تعظيم هئي اها گهٽ ٿيندي وئي ۽ باقي وڃي ٿڪاوٽ بچي. جيستائين آخري گوڏي جي مٿئين هڏي وڃي زمين سان نه لڳن حڪمران انهن کي اٿڻ ۽ اتان فوري طور تي روانو ٿيڻ جو اشارو نه ڪيو. جيڪو منظر اتي نظر اچي رهيو هو ان تي ڪنهن کي به تعجب نه ٿيو اهي شاهي عملداري جا معاملا هئا.

ان کانپوءِ ترڪي جا آفيسر ۽ معزز ماڻهن جون جماعتون پيش ٿيون ۽ ڪجهه آبادگار به جيڪي ويجهي ئي ڳوٺن جا سربراهه به هئا انهن مان هرهڪ پنهنجي مان ۽ مرتبي مطابق حڪمران جي قدم بوسي ڪئي يا سندس ڪلهو چميو- پوءِ هڪ شاعر اڳيان آيو ۽ شاهه جي عظمت تي دل ريجهائيندڙ قصيدو پڙهيو جنهن کي ٻڌي هو بظاهر جلد ئي بيزار نظر اچڻ لڳو. هن اشاري سان شاعر جي مدح سرائي کي روڪيو ۽ حاجب کي اشارو ڏنو ته جيڪو حڪم کيس ڏنو ويو هو اهو ٻڌائي- ”منهنجي آقا جي خواهش آهي ته هتي موجود شاعر ان ڳالهه کان واقف هجن ته اهي هڪڙي ئي موضوع کي بار بار نه دهرائين ڇو ته منهنجو آقا انهن جي بار بار ورجاءُ کان ٿڪجي چڪو آهي، هو پنهنجو پاڻ کي نه ڪنهن شينهن سان تشبيهه ڏيارڻ چاهي ٿو ۽ نه عقاب سان يا ان کان به گهٽ سج سان، اهي جيڪي ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نٿا چئي سگهن اهي مهرباني ڪري هتان روانا ٿي وڃن.“

…(هلندڙ)…