ڪهاڻيون

ڪهاڻي سرد موسم اعجاز منگي | # فيبروي 2022

صاحب! هن ميڊم کان پرڀرو رهجو، عجيب آهي اوهان لاءِ پريشاني ٿي سگهي ٿي. شير ولي مون کي چيو.

شير ولي اسان جي اسڪول جو گارڊ آهي. سندس لهجو ۽ چال اڃان به وزيرستان جي پٺاڻن جهڙي آهي. ”ٽيهن سالن کان هن اسڪول ۾ گارڊ آهيان ڪيتريون ميڊمون آيون ويون، گهڻا ٻار جن کي پهرين ڏينهن اسڪول ۾ ماءُ پيءُ روئيندي ڇڏي ويندا هئا اهي وڏا صاحب ٿي ويا. اسڪول ۾ روزانو ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان واسطو پوي ٿو. هيءَ ڏاڙهي ايئن اڇي ناهي ٿي. ماڻهوءَ کي هڪ نظر ۾ سڃاڻي ويندو آهيان. ان لاءِ اوهان کي چوان ٿو ته هن ميڊم کان پاسو ڪجو.“

شير ولي پشتو گاڏڙ اردوءَ ۾ مون کي مسلسل نصيحت ڪري رهيو هو. ڪاري ڊريس، اڇي ڏاڙهي، اڇا وار، اکين ۾ عجيب چالاڪي. شير ولي اسڪول جي گيٽ تي بيٺل نظر ايندو آهي. سندس ڪم آهي ته هر ايندڙ ويندڙ کان نالو پڇي. شناختي ڪارڊ رکي پوءِ اسڪول جو گيٽ کولي. گذريل ٽيهن سالن کان سندس اهو ڪم آهي. ستر ڏهاڪا پورا ڪري چڪو آهي، پر سندس جسد ۽ زبان ۾ نوجوانن جهڙي ڦڙتي آهي.

اڄ اسڪول جي جيئن ئي موڪل ٿي ته مان ٻارن جو گهرو ڪم ڏسڻ لاءِ ڪلاس ۾ ئي ويهي رهيس. منهنجو مسواڙ جو گهر اسلام آباد کان ٻاهر مري روڊ تي آهي. جتي پاڻي ۽ بجلي ته آهي، پر گئس ناهي. ان لاءِ گئس جي سئلينڊر تي پاڻ ئي رڌ پچاءُ ڪندو آهيان. هوٽل جي ماني هڪ ته مهانگي هوندي آهي. ٻيو تمام گهڻا مرچ مصالحه استعمال ڪندا آهن. جيڪي مون کي بلڪل پسند ناهن. گهر ۾ اڪثر ٽائيم رڌ پچاءُ ۾ گذري ويندو آهي ان لاءِ ٻارن جو گهرو ڪم ڏسڻ جو وقت گهٽ ملندو آهي.

ڪلاس جو دروازو کليل هو مان وڏي غور سان ٻارن جو ڪم ڏسي رهيو هئس ته اوچتو ڪلاس جي در کي ڪنهن کڙڪايو. سامهون جويريا بيٺي هئي. ”جيڪڏهن ڊسٽرب نٿو ٿين ته ٻه منٽ توسان ڳالهايان“ جويريا سامهون پيل ڪرسي تي ويهندي چيو. سندس لهجي ۽ انداز ۾ بي تڪلفي هئي. ها بلڪل اوهان ڳالهائي سگهو ٿا. شايد اسڪول جو ڪو مسئلو هوندو مان ڪنڌ کڻي چيو.

اسڪول جا مسئلا ته هميشه رهندا، جتي انسان هوندا مسئلا ته ضرور ٿيندا ڀلا ايئن ڇو ٿو ٿئي ته اسان پنهنجي پوري زندگي مسئلن کي حل ڪندي گذاري ڇڏيون ٿا. مسئلا پنهنجي جڳهه تي رهن ۽ زندگيءَ جو لطف ۽ مزو پنهنجي جاءِ تي. جويريا جي آواز ۾ چاقوءَ جي ڌار جهڙي تيزي ۽ جبلن ۾ وهندڙ نديءَ جهڙي بيچيني هئي. سندس آواز ۽ لفظ ٻڌي منهنجي چهري تي ڪافي حيرانگي ۽ ٿوري پريشاني ايئن ظاهر ٿي پئي جيئن ٻار کان اڻ پوري ڪم جي باري ۾ پڇاڻو ڪجي.

منهنجو چهرو ڏسي جويريا کان ٽهڪ نڪري ويو- مان ويتر پريشان ٿي ويس.

”اڙي تون ته ٻارن جيان معصوم آهين ڊڄ نه مون کان“ جويريا چهري تي شرارتي مرڪ لڪائيندي چيو بلو جينس وائٽ ٽي شرٽ پيرن ۾ جاگر ڪنڌ تائين ڪٽيل وار، ڀورو چٽو رنگ، ناسي رنگ جي سرخي مٿان وري تيز خوشبو سندس شخصيت ۾ غير معمولي ۽ اڻوندڙ ڪشش هئي. جيئن سنڌ جي شديد گرميءَ ۾ پنڌ سفر کانپوءِ ڪو نم جو وڻ نظر اچي. ڇانورو مزو ته ڏيندو ۽ اها به خبر هوندي ته ڇانورو مستقل ناهي. ان لاءِ هڪ عجيب اڻتڻ هوندي هتي جويريا جي شخصيت ۾ اهڙي ئي ڪشش محسوس ٿي هڪ عجيب اڻتڻ واري.

”خبر اٿئي مان توسان ملڻ ڇو آئي آهيان اصل ۾ مون کي خبر پئي ته اسان جي اسڪول ۾ هڪ نئون استاد آيو آهي جنهن جي انگريزي ادب ۾ ڊگري آهي ۽ سنڌ جي ڪنهن شهر جو آهي. هڪ ته منهنجي انگريزي ڀلي ناهي، ان لاءِ اهڙي ماڻهوءَ سان ملڻ سٺو لڳندو جيڪو شيڪسپيئر ۽ وليم بليڪ کي پڙهندو هجي ان کان وڏو سبب تنهنجو سنڌي هجڻ آهي. منهنجي ذهن ۾ هيو ته توکي سنڌي ٽوپي پاتل هوندي، وڏيون مڇون هونديون، اکين ۾ سرمو پيل هوندئي- اهڙو ماڻهو انگريزي ڳالهائيندي ڪيئن لڳندو. مون کي ڪيترن ڏينهن کان تجسس هيو اڄ موقعو مليو توکي ڏسڻ جو، پر منهنجا سڀ تصور چڪنا چور ٿي ويا تون ته خوبرو، ماڊرن لباس ۾، شرميلي اکين وارو نوجوان آهين. جويريا اهو چئي ٽهڪن ۾ پئجي وئي. سامهون شير ولي مون کي ۽ جويريا کي ڏسي رهيو هو. اسڪول بند ٿيڻ بعد اسڪول جي لان ۾ وڻ جي ڇانوري ۾ ڪرسي رکي ويٺو هو اسڪول جي عمارت اهڙي ٺهيل آهي جو سڀني ڪلاس رومن جا درواز لان ۾ کلندا آهن.

”ميڊم تصور ۽ خيال حقيقت سامهون اچڻ کانپوءِ ٽٽي پوندا آهن هن ملڪ جو الميو آهي ته مختلف قومن ۽ نسلن جي باري ۾ پروپيگنڊا ڪئي وئي آهي جنهن سان حڪمرانن جا مقصد ته پورا ٿين پيا ۽ اسان اڃان تائين هڪٻئي جي باري ۾ عجيب سوچ رکون پيا“ مون هڪ ساهيءَ ۾ جويريا کي چيو.

”واهه واهه، هڪ ته فلسفو مٿان وري حالتن جو ايترو ادراڪ، لڳي ٿو پاڻ سٺا دوست ٿي سگهون ٿا صرف دوست- ڇو ته دوست گهڻا ٿي سگهن ٿا، پر محبوب هڪڙو سو منهنجو آهي، پر توسان ملي هڪ نئين احساس جنم ورتو آهي. ٻارن جي ٽهڪن جهڙو وڻندڙ احساس ڀلي تون ڪم ڪر مان هلان ٿي بس هاڻي ملندا رهنداسين.“

ايئن چئي هوءَ مرڪندي هلي وئي سندس وڃڻ کانپوءِ ڪلاس ۾ هن جي خوشبو ڦهليل رهي تيز خوشبو، چڀندڙ پر وڻندڙ. ڪم ختم ڪري مان وڃڻ وارو ٿيس ته شير ولي نصيحت جا بم ڪيرايا. کيس هڪ چوڪيدار جي حيثيت ۾ اهو نه ڪرڻ گهرجي ها، پر عمر ۽ اسڪول ۾ ايترو عرصو گذارڻ بعد شير ولي پاڻ کي چوڪيدار کان وڌيڪ اسڪول جو محافظ سمجهي ٿو.

هن اسڪول ۾ آئي مون کي ٻه هفتا ٿيا آهن اسلام آباد جي جديد ۽ مهانگن اسڪولن مان هڪ آهي جتي امير گهرن جا ٻار ئي پڙهي سگهندا آهن. اصل ۾ منهنجو سي ايس ايس جي مقابلي جو امتحان پاس ڪري آفيسر ٿيڻ جو خواب آهي. ان لاءِ قائد اعظم يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ڊگري وٺڻ بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ واپس وڃڻ بدران اسلام آباد ۾ رهي هتي امتحان جي تياري ڪرڻ بهتر سمجهيم. بابا جو ٺري ميرواهه ۾ ڪرياني جو دڪان آهي جتي وڏو ڀاءُ ريڙهي تي سبزي به کپائيندو آهي. سبزي ۽ ڪرياني جي دڪان مان گهر جو خرچ به مشڪل سان پورو ٿيندو آهي. منهنجي امتحان جي تياري دوران رهڻ ۽ ڪتابن جو خرچ ڪٿان آڻيان ها. هونئن به پڙهائي دوران مون کي خبر آهي ته ڪيترو ڏکيائين سان پڙهيو هئس يونيورسٽي کانپوءِ هاسٽل ۾ رهي ان لاءِ اسلام آباد کان ٻاهر مناسب ڪرائي تي گهر وٺي نوڪري ڳولڻ شروع ڪئي. ڪافي ڀڄ ڊڪ بعد اسلام آباد جي هن بهترين اسڪول ۾ انگريزي جي استاد طور نوڪري ملي آهي جنهن ۾ ايتري پگهار آهي جو ڪتاب ۽ رهڻ جو خرچ ڀرڻ بعد ڪجهه پئسا ٺري ميرواهه به موڪلي سگهندس.

جمعي جو ڏينهن هو صبح کان مسلسل بارش پئجي رهي هئي اسلام آباد ۾ هونئن به بارشون جام پونديون آهن، جنهن جي ڪري ساوڪ جام آهي. هلڪي هلڪي ٿڌي هوا به هلي پئي ماحول ۾ تازگي هئي- مان ڪلاس ختم ڪري ٻاهر ڪاريڊور ۾ ويٺو هئس ۽ نوٽس بورڊ تي معلومات لاءِ ڪي شيون ڏسي رهيو هئس جويريا اوچتو اچي منهنجي هڪ ڪڻي ٿپڪي ڏيئي چيو.

”لڳي ٿو ماڻهن توکي منهنجي باري ۾ عجيب ڳالهيون ڪري ڊيڄاريو آهي. ان لاءِ مون کان پاسو ٿو ڪرين. ان ڏينهن توسان مليس، منهنجو خيال هو ته پاڻ ئي مون کي ڪافي پيئڻ جي آفر ڪندين، پر تون ته صفا شرميلو نڪتين. ٻڌ ماڻهو منهنجي باري ۾ عجيب ڳالهيون ڪن ته ڪن، پر مان پنهنجي زندگي پنهنجي طريقي سان گذاريندي آهيان.

تون مون کي ڪجهه ڪجهه وڻين ٿو. ان لاءِ توکي مان ڪافي پيئڻ جي دعوت ڏيان ٿي ۽ هي پهرين آفر آهي جيڪڏهن تو ٺڪرائي ته پوءِ شايد ئي وري توکي اهڙو موقعو ملي. تو وٽ منهنجو نمبر آهي شام جو مون کي ٻڌائجانءِ.“

جويريا پنهنجي مخصوص تيز خوشبو ڪاريڊور ۾ پکيڙيندي مرڪندي ڪلاس روم ۾ هلي وئي عقيدي رکڻ واري ماڻهو کي جڏهن شراب ملي ۽ هو ڊنل به هجي، پر خمار جو مزو به چکڻ چاهيندو هجي- اها هڪ عجيب ڪشمڪش ۽ ذهني ڇڪتاڻ واري ڪيفيت هوندي آهي. جويريا سان ملڻ کانپوءِ منهنجي به حالت عجيب آهي سندس شخصيت ۾ منفرد سحر هو، سندس ڳالهيون ۽ انداز عام نه هيو ڪٿي ڪا غير معمولي ڳالهه جيڪا منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئي هڪ تجسس ٿي پيو هو هڪ ڇڪ محسوس ٿئي پئي.

اسڪول کان واپس اچي صرف اهو سوچيندو رهيس ته ملڻ گهرجي يا نه؟ سندس جي باري ۾ اسڪول جون ڪليگ به عجيب ڳالهيون ڪنديون هيون شايد جويريا جي شخصيت جو رعب هيو يا انهن ڳالهين ۾ سچائي نه هئي جو جويريا کي منهن سامهون ڪوبه ڪجهه چئي نه سگهندو هو. هڪ ڪليگ ٻڌايو ته اها جويريا نفسياتي بيماريءَ جو شڪار آهي ان لاءِ سندس رويو عام ڇوڪرين جهڙو نه آهي. ڪڏهن به لپ اسٽڪ، نيل پالش يا ڪپڙن جو ذڪر نه ڪندي آهي. پنهنجي دنيا ۾ رهندي آهي پنهنجي گهر جي باري ۾ ڪڏهن ڪجهه نه ٻڌائيندي آهي سوال ڪريوس ته مرڪندي آهي يا ڳنڀير ٿي ويندي.

منهنجي دل ۾ تجسس به هيو ته اڻڄاتل خوف به اهڙو خوف جنهن ۾ هڪ لذت هجي ايئن به ٿيندو آهي خوف ۾ به مزو ايندو آهي. ان خوف مان لطف وٺڻ لاءِ ۽ تجسس کي ختم ڪرڻ لاءِ جويريا کي شام جو سندس موبائل فون تي پيغام موڪليو ته پاڻ ڪافي ڪٿي پيئون. جلد ئي سندس ڪال آئي، ”تو وٽ ايترا به پئسا ناهن جو ڪال ڪري سگهين يا مون کان خوف ٿو ٿيئي ٽهڪ ڏيندي طنز ڪيائين.“

توهان جي پهرين ڳالهه سهي آهي مان به هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو، ”اڄ ڪافي حد تائين تنهنجو خوف ختم ٿي ويندو هينئن ڪر جو سپر مارڪيٽ اچ اتي ويهي ڪنهن ڪافي شاپ تي ڪچهري ڪريون ٿا.“

ماحول ۾ ٿڌ وڌي رهي هئي سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ اسلام آباد ۾ گرمي ختم ٿي ويندي آهي ۽ سردي آهستي آهستي پرڙا کوليندي آهي.

سپر مارڪيٽ پهچي جويريا کي ڪال ڪيم جنهن ڪافي شاپ جو ٻڌايائين اتي وڃي پهتس. اڄ کيس هلڪي نيري رنگ جي جينس، ڪاري فل سليوز شرٽ، گهري ڳاڙهي لپ اسٽڪ ۽ اهائي تيز خوشبو لڳل هئي.

دروازي کان داخل ٿيس ته هٿ لوڏي اشارو ڪيائين.

”ڪيئن آيو آهين منهنجو مطلب آهي ته ڪا سواري اٿئي“ مرڪندي پڇيائين.

”ها يونيورسٽي دوران هڪ پراڻي موٽرسائيڪل ڪنهن دوست امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ خوشيءَ ۾ گفٽ ڪئي هئي ان تي آيو آهيان“

”سچل آهين، سادو آهين. مون سان صاف ٿو ڳالهائين شايد ان ڪري دل گهريو ته توسان دل جون ڳالهيون ڪريان خبر اٿئي اسڪول ۾ عمار جيڪو ميٿ پڙهائيندو آهي ان هڪ ڏينهن مون تي لائين هڻندي چيو ته پاڻ ميرئيٽ ۾ ڊنر ڪري سگهون ٿا. اتي ويهي گپ شپ ڪيون مان عمار کي چيو ته ميلوڊي فوڊ اسٽريٽ ۾ تون دال چانور کائي سگهين ٿو باقي ميرئيٽ جي ڊنر جو بل ڀريندين ته سڄو مهينو ڇا ڪندين؟ اصل ۾ هن جي مون کي خبر هئي ته ڪير آهي، ان لاءِ هرو ڀرو پاڻ کي وڏو ماڻهو يا امير ماڻهو ثابت ڪرڻ عجيب حرڪتون ۽ ڳالهيون ڪندو آهي ان لاءِ بلڪل به پسند ناهي. جويريا هلڪي مرڪ وکيريندي چيو.

”شايد ايئن هجي، پر مان جوئي آهيان سو ئي آهيان ڪوڙ ڳالهائيندو آهيان، پر گهٽ اهو به پڪڙجي پوندو آهي“ مان به مرڪندي چيو. ”مون کي ان ڪافي شاپ جي ڪئپيچينو پسند آهي ڪافي به ساڳي هجي ٿي، پر جيڪڏهن ان کي ٺاهڻ وارو ٻيو ڪو هجي ته ذائقو تبديل ٿي ويندو آهي“ جويريا پنهنجي منهن ڳالهائي رهي هئي.

”ها صحيح آهي! مون کي ڪافي جي ذائقن جي ايتري خبر ناهي ان لاءِ جيڪو به آرڊر ڪندينءَ ٺيڪ آهي تنهنجي پسند منهنجي پسند“ منهنجي آخري جملي تي اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺائين اکين ۾ ڪجهه حيرت ڪجهه خوشي ۽ ڪجهه اجنبيت هيس، عورت کي مرد ڪجهه عرصي جڏهن خود مختار ڪري ٿو ته اسان جي سماج جي عورت پاڻ کي هڪ نئين روپ ۾ ڏسي ٿي کيس خوشي ۽ محبت جو اڻ لکو احساس ٿئي ٿو“

پوءِ تون به اها ڪافي پي جيڪا مان پيئندس مرڪندي آرڊر ڏنائين.

”خبر اٿئي سارنگ تنهنجي شخصيت ۾ شائستگي آهي سختي ۽ اوپرائي ناهي- مان توسان پنهنجي تصور ۽ خوابن جون ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿي پنهنجي آدرش جون. مان ۽ عمران هتي اڪثر ڪافي پيئڻ ايندا هئاسين ۽ هن ئي ٽيبل تي ويهندا هئاسين ۽ هو ان ڪرسيءَ تي ويهندو هيو جنهن تي تون ويٺو آهين. هڪ ڀيري عمران به مون کي ايئن چيو هو ته جيڪا تنهنجي پسند اها منهنجي پسند- سندس سڀاءُ به توسان ملندڙ جلندڙ آهي تو ۾ ۽ هن ۾ ڪافي هڪجهڙائي آهي جويريا کي غور سان ٻڌي رهيو هئس ۽ سندس چهري تي لهندڙ ۽ چڙهندڙ رنگن کي ڏسي رهيو هئس.

”عمران اڄڪلهه هتي ناهي نيوزيلينڊ ويل آهي اتي اسڪالرشپ تي پڙهي ٿو پنهنجو روزانو رابطو ٿيندو آهي خبر اٿئي اهو ٻڌي حيرت ٿيندئي ته پاڻ صرف اي ميل تي رابطو ڪندا آهيون. خبر ناهي ڇو؟“ ايئن لڳو ڄڻ جويريا ڪنهن مونجهاري جو شڪار هجي سندس چهري تي اڻ لکي ڳنڀيرتا هئي سندس جذبن ڏهه منٽ اڳ واري جويريا کي بلڪل تبديل ڪري ڇڏيو هو مان سندس ايتري سنجيدگي ڏسي ٿورو پريشان ٿي رهيو هئس، شخصيت ۾ ايترو بدلاءُ منهنجي لاءِ ناقابل يقين هو.

”فون تي بلڪل به ناهيون ڳالهائيندا مان اي ميل ڪندي آهيان پوءِ جڏهن منهنجي دل چاهيندي آهي ته جواب ڏيندو آهي نه ته ڀلي ڏينهن لڳي وڃن سندس ڳالهيون منهنجي لاءِ ڪجهه سمجهه کان ٻاهر هيون.“

”جيئن ڪلهه صبح جو هڪ اي ميل ڪئي هئائين ته اڄ منجهند تائين جواب نه آيو هو پوءِ دل چيو ته توسان ملڻ سان پهرين عمران جو جواب اچي ته ڏس سندس محبت ڀريو جواب آيو“ اوچتو ڄڻ خواب مان جاڳي پئي ۽ مرڪندي پنهنجي پرس مان موبائل فون ڪڍي اي ميل ڏيکاريائين اي ميل ۾ عمران لکيو هو ته سندس پڙهائي سٺي پئي هلي نيوزيلينڊ زبردست ملڪ آهي سندس خيال آهي ته شاديءَ کانپوءِ ٻئي اتي رهن کين نيوزيلينڊ جو ويزا هوندو ته پوري دنيا ڏسي سگهندا ۽ خوش رهندا.

جويريا ٽهڪ ڏيندي چيو ڏس ڪيترو پيار ڪري ٿو مون سان- ڳالهه ٻڌ! تنهنجي انگريزي ادب ۾ ڊگري ٿيل آهي نه ان لاءِ تنهنجي انگريزي ته شاندار هوندي، هن اي ميل جو جواب تون مون کي زبردست انگريزي ۾ لکي ڏي جيئن ادبي انگريزي پڙهي حيران ٿي وڃي فون منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيائين.

سندس فرمائش مون کي عجيب لڳي، پر نه چاهيندي به فون ورتم جويريا جي لفظن کي لکي فون هٿ ۾ ڏنومانس- اي ميل پڙهي سندس چهري تي ايئن مرڪ پکڙجي وئي جيئن بارش کانپوءِ گلاب ڌوپجي مرڪندو آهي. ”ان جو مطلب آهي ته توسان ويجهڙائپ وارو فيصلو درست آهي خوبرو انسان، خوبصورت لفظن جو جادوگر ۽ هڪ حسين ڇوڪري واهه ڇا ته زبردست ميلاپ آهي“ سندس ڳالهيون بظاهر ته سمجهه ۾ ايندڙ هيون، پر انهن پٺيان لڪيل سوچ کي سمجهي نه پيو سگهان ايتري ۾ ڪافي اچي وئي ”تون سڄي عمر پڙهائيندين يا ٻيو ڪجهه ڪرڻ جو به سوچيو اٿئي“ ڪافي جي سرڪ ڀريندي پڇيائين ”نه مان مقابلي جي امتحان جي تياري ڪريان پيو ۽ پرڏيهي معاملن واري کاتي ۾ دلچسپي رکان ٿو هتي نوڪري جو مقصد صرف ايترو ڪمائڻ آهي جو مان گهر وارن تي هاڻ وڌيڪ بار نه وجهان“ مان ڪافي پيئندي ٻڌايو.

مون کيس پنهنجي ڳوٺ جو سڄو پسمنظر ۽ ڳوٺ جون حالتون ٻڌايون منهنجون ڳالهيون ٻڌي سندس چهري تي اڻ لکي سنجيدگي ڇانئجي وئي. چهري تي سوچ جو ڳوڙهو تهه چڙهي ويس، پر ڳالهيون ٻڌندي يڪدم چهري تي مرڪ پکيڙي هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيائين.

”اها خوشنصيب هوندي جيڪا تنهنجي جيون ساٿي ٿيندي. خبر اٿئي! عورت کي مرد کان سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شيءِ کپندي آهي، اها آهي سچائي، سچائي اهڙو مضبوط رشتو آهي جيڪو هر رشتي کي امرتا بخشي ٿو. تون سچ ڳالهائين ٿو توکي اهو ٻڌائيندي ڪوبه عار محسوس نٿو ٿئي ته تنهنجو پيءُ هڪ عام ڪرياني جو دڪان هلائيندو آهي.

تنهنجو ڀاءُ ريڙهي تي سبزي کپائيندو آهي. پنهنجي باري ۾ ايترو سچائي سان ٻڌائڻ هاڻ اهڙا انسان گهٽ رهيا آهن ”تڏهن ته تون منهنجي ويجهو اچين ٿو“

ڪافي ختم ڪئي ته ويٽر کي بل آڻڻ لاءِ چيو.

”نه نه اهو ڪيئن تون منهنجو مهمان آهين اڄ بل مان ڏينديس، ٻئي دفعي تون ڀرجان هي ڪو آخري دفعو ٿوري ٿا ملون، هاڻ ته اهي سلسلا هلندا رهندا ۽ توکي گهڻا دفعا منهنجو بل ڀرڻ جو موقعو ملندو.“ جويريا کلندي چيو.

ٻاهر نڪتاسين شام جا پاڇا گهرا ٿي چڪا هئا ۽ اسلام آباد جي مخصوص موسم مارگلا جي پهاڙين تان آئي هئي گهر ڪيئن ويندينءَ ”سامهون گاڏيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته هوءَ منهنجي شهزادي بيٺي آهي گهڻو لگزري ناهي مهانگي به ناهي، پر جام وفادار آهي دوکو به ناهي ڏيندي، هلندي هلندي بيهندي ناهي ان لاءِ پياري آهي مرڪندي موڪلايوسين.

جويريا هاڻ اڪثر اسڪول ختم ٿيڻ کانپوءِ ترسندي هئي ڪاريڊور ۾، ڪلاس ۾ يا وري ٽيچرس ڪامن روم ۾ ڪجهه دير لاءِ سهي، پر ڪچهري ٿيندي هئي اهو روزانو جو معمول ٿي ويو هو مون کي هٿ ۾ پنهنجو موبائل فون ڏيئي ڇڏيندي هئي ۽ عمران جي اي ميل پڙهي ان جو جواب پاڻ ئي لکڻ لاءِ چوندي هئي- شروع ۾ اي ميل موڪلڻ کان اڳ پاڻ هڪ دفعو ضرور ڏسندي هئي، پر هاڻ اهو به نه ڪندي هئي.

عمران ۽ جويريا جو اي ميل تي رابطو رهندو هو ٻنهي جي هڪٻئي سان شديد محبت هئي عمران جي اي ميل ۾ اڪثر جدائي جو ذڪر هوندو هو، پر ان لاءِ پريشان ۽ بيقراري جو مان به جويريا جي طرفان جواب اهڙو لکندو هئس جنهن ۾ اڻ کٽ چاهتن ۽ ڪڏهن نه جدا ٿيڻ جو اظهار هوندو هو.

شروع ۾ مون کي ٿورو عجيب محسوس ٿيندو هيو ۽ هٻڪ محسوس ٿيندي هئي، پر هاڻ ايئن لڳندو هو ڄڻ منهنجي روٽين جو حصو هجي.

ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ مان ئي عمران هجان. جويريا مون سان زندگيءَ جون گهڻيون شيون ونڊيندي هئي کيس کاڌي ۾ ڇا پسند آهي ڪهڙو رنگ کيس ناهي وڻندو، ناشتي ۾ اڄ ڪهڙي شيءِ پچائي هئائين. مون محسوس ڪيو هو ته سندس شخصيت ۾ ڪافي  ڦيرو اچي ويو هو جيئن مسلسل جدوجهد دوران انسان جي چهري تي دٻاءُ جا آثار نظر ايندا آهن لفظن ۽ حرڪت ۾ ٿڪاوٽ جو احساس ٿيندو آهي، پر جڏهن اوهان مقصد حاصل ڪري وٺندا آهيو ته هڪ اڻ لکي تازگي چهري تي نظر ايندي آهي. جويريا جي چهري تي اها تازگي نظر اچڻ لڳي هئي. سندس سڀاءُ ۾ خوشگوار تبديلي اچڻ لڳي هئي ان تبديلي کي اسڪول جي ٻين ساٿين به محسوس ڪيو هو ان جو اظهار ته هڪ ٻن مون سان به ڪيو ته جويريا جي شخصيت مٿان جيڪي پر اسراريت جا تهه هئا اهي تنهنجي ڪري آهستي آهستي لهڻ شروع ٿي ويا آهن.

نومبر جو پهريون هفتو هو ٿڌ وڌي رهي هئي جويريا سان ڪافي ويجهڙائي ٿي وئي هئي ان لاءِ کيس رات جي ماني جي دعوت ڏيڻ ۾ مون کي ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿي هن به جلد ئي پروگرام اهو طئي ڪيو ته سندس گاڏيءَ تي منال وينداسين اسلام آباد جو نظارو ڪنداسين ماني کائينداسين ۽ جام ڪچهري ڪنداسين. جويريا جي گاڏي هئي ته پراڻي پر مضبوط هئي منال جي چاڙهين تي چڙهندي رهي مارگلا جي پهاڙين ۾ سيءُ جام هو چوٽيءَ تي پهتاسين رونق لڳي پئي هئي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهياسين جيستائين ماني اچي تيستائين هيڏانهن هوڏانهن جو حال احوال ڪرڻ ۾ لڳي وياسين. جويريا کي چيو ته مان کيس پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي تون به ته ٻڌائي نه.

اکين ۾ نهاريندي چيائين سڀ ڪجهه ٻڌائينديس توکان ڪجهه لڪائڻو ٿورئي آهي ۽ مرڪي پئي. سندس مرڪ ۾ اڻ لکي خوشي ۽ کيچل هئي، جيڪا منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئي.

اصل ۾ مان پنجاب جي هڪڙي ننڍڙي شهر جلال پور جي آهيان. بابا هڪ ڪاليج ۾ پڙهائيندو آهي. امان پڙهيل لکيل ناهي، پر هر ماءُ جيان اسان سان جام پيار ڪندي آهي. پنج ڀينر ڀائر آهيون. مان سڀ کان ننڍي آهيان. جلال پور جو ماحول گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو آهي. پنجاب جي هر ننڍي شهر وانگي ان لاءِ زندگي گذارڻ ۾ ڪو رس چس ڪا نواڻ ناهي. بابا منهنجي شادي جلال پور ۾ ئي ڪاليج جي هڪ استاد جي پٽ سان ڪرائڻ پئي چاهي جيڪو پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيندو هو، پر منهنجا ته آدرش هئا ۽ خواب آهن مان انهن جي ساڀيان چاهيان پئي پنهنجا آدرش بچائڻ لاءِ مون بغاوت ڪئي، بابا کي صاف انڪار ڪري ڇڏيو ان ڏينهن کانپوءِ منهنجي پيءُ مون سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي مان گهران زوري نڪري آيس هتي هڪ سهيلي هئي ان سان پئي رهيس اسلامڪ يونيورسٽي مان سوشيالاجي ۾ ماسٽرز ڪئي ۽ اسڪول ۾ پڙهائي پنهنجو خرچ پورو ڪندي رهيس. هن اسڪول ۾ نوڪري ملي وئي هڪ ان ساڳئي سهيلي سان فليٽ ۾ رهندي آهيان امان سان فون تي ڳالهائيندي آهيان باقي ٻيو ڪوبه ناهي ڳالهائيندو. ”جويريا! عمران سان تنهنجي ملاقات ڪٿي ٿي هئي؟“ منهنجي سوال تي ٽهڪ ڏيندي چيائين،

”عمران کان سڙين ته نٿو“

”نه نه بس ايئن ئي پڇيو تو ايترو پنهنجي باري ۾ ٻڌايو آهي سوچيو ته هي به ٻڌائي ڇڏ.“

”عمران اصل ۾ هڪ آدرش آهي، خوابن جو شهزادو عام انسانن ۽ روين کان مختلف جيڪو جلال پور جي پرائمري استاد کان بلڪل مختلف آهي عمران هڪ سحر انگيز شخصيت آهي جنهن کي مون ننڍپڻ کان پنهنجي سوچن ۽ ساهن ۾ سمايو آهي، جنهن کي مون پاڻ ارپيو آهي، هڪ سحر انگيز خواب آهي جنهن کي توسان ضرور ملائينديس لڳي ٿو ته توسان جلد ئي ملائينديس ساڻس ملي حيران ٿي ويندين.“ جويريا پنهنجي منهن ڳالهائيندي رهي ۽ ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪنهن خواب ۾ هجي.

ماني آئي ته کيس خوابن مان جاڳايم ان رات جويريا ۾ هڪ نئين تبديلي محسوس ڪئي هيم واپسيءَ تي تمام گهڻي خوش هئي ۽ ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيئي رهي هئي ايئن پئي لڳو شايد کيس پنهنجي منزل ملي وئي هئي.

اسڪول ۾ ڏينهن ڪافي سٺا گذرڻ لڳا هئا، ڊسمبر اچي ويو هو موسم ۾ شديد ٿڌ هئي، جويريا سان روز ملندو هئس ڏينهن گذرندا رهيا جويريا ۽ مون ۾ ويجهڙائپ وڌندي رهي. هاڻ ننڍي وڏي پريشاني ۽ خوشي مون سان ونڊيندي هئي، پر سندس شخصيت ۾ ڪجهه عجيب هو جيڪو منهنجي سمجهه کان مٿي هو. جيئن ماکيءَ ۾ هلڪو سرڪو ملائي پيئجي ته هڪ نئين ذائقي جو احساس ٿيندو آهي جيڪو نه مٺو هوندو آهي ۽ نه کٽو هن جي شخصيت به اهڙي هئي سمجهي نه سگهيس ته هوءَ کليل روشن ڏينهن آهي يا جهڙالي موسم.

ان ڏينهن شديد بارش پئي هئي بادلن سان آسمان ڍڪيو پيو هو مارگلا جي پهاڙن تان هوا جڏهن هيٺ لهي جسم مٿان ٽڪرائجي پئي ته ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ برف ٿي لڳي اسڪول جيئن ئي ختم ٿيو ته روزانو جيان ٽيچرز روم ۾ ويهي رهيس جويريا ۽ مان گهرن ڏانهن وڃڻ کان پهرين اتي ويهي ٿوري دير لاءِ ڪچهري ڪندا رهياسين. اڄ جيئن ئي آئي ته چيائين منهنجي طبيعت صحيح ناهي جلد گهر ٿي وڃان جيڪڏهن حالت بهتر نه ٿي تون اچي وڃجانءِ مون کي ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکارجانءِ.

اهو ائين چئي هلڪي مرڪ سان تيز روايتي خوشبو  پکيڙيندي هلي وئي. سندس رويو ڪافي مختلف هو شايد ڪنهن ذهني دٻاءُ ۾ هئي.

مان به گهر لاءِ نڪري آيس روڊ، رستا آلا هئا ۽ هلڪي بارش به پوي پئي گهر اچي معمول مطابق رڌ پچاءُ ۾ لڳي ويس، پر مسلسل جويريا جي باري ۾ سوچي رهيو هئس ته کيس اڄ ڇا ٿيو ويٺي ڇو نه؟ سندس رويو مٽيل ڇو هيو.

رات جي ماني کائي رهيو هئس ته اوچتو موبائل فون تي گهٽي وڳي نمبر ڪو اوپرو هو هيلو مان جويريا جي سهيلي پئي ڳالهايان، سندس طبيعت خراب آهي اوهان کي سڏايو اٿس گهر جي ايڊريس اوهان کي مئسيج ڪئي آهي.

فون بند ٿي ويو. ڀڳل گرهه اتي ئي ڇڏي نڪري پيس رستي ۾ هزارين خيال ۽ وسوسا اچن وڃن پيا عجيب ٻڏتر هئي ايئن خيالن جي ٻوڏ ۾ لڙهندو ترندو وڃي جويريا جي فليٽ تي پهتس. گهٽني وڄائي ته جويريا جي سهيلي در کوليو، ٻاهر نڪرندي چيائين ته مان ٻاهر پئي وڃان جويريا ڪمري ۾ آهي.

اندر گهڙيس ته اونداهي ڪمري ۾ صرف ٽيبل ليمپ ٻري رهي هئي هوءَ سامهون بيڊ تي ڪمبل ۾ پاڻ کي ويڙهيو ويٺي هئي.

”اچي وئين سارنگ مان توکي تڪليف نه پئي ڏيڻ گهري، پر مان اڄ شديد ذهني ڪشمڪش ۾ آهيان مان جنهن آدرش کي ٺاهيو هو اهو ٽٽي پيو آهي“ سندس آواز ۾ ڏک هو.

”ڊاڪٽر ڏانهن هلون“ مان کيس چيو، ”ها هلون ٿا بس ٿوري ڪچهري ڪريون“ ”اصل ۾ عمران کان اڄ دوري ٿي وئي آهي مون کيس اي ميل ڪئي آهي ته پاڻ هاڻ رابطي ۾ نه رهنداسين هي منهنجو آخري پيغام آهي.“ جويريا جي آواز ۾ ٺهراءُ ۽ ڪرب هيو.

”سارنگ توکي هڪ راز ٿي ٻڌايان، عمران هڪ فرضي انسان هيو جيڪا منهنجي ذهن جي تخليق هيو هڪ آدرش. جنهن کي مون سان شديد محبت هئي. هو مون تان پنهنجي جان واريندو هو“

جويريا جي ڳالهه ٻڌي مان به پريشان ٿي ويس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته چوڻ ڇا پئي چاهي.

”پر توهان روز هڪٻئي سان رابطو ڪندا هئا ۽ مان اي ميل لکي ڏيندو هئس“

مان کانئس پڇيو.

”اهي اي ميل مان پاڻ کي پاڻ لکندي هئس ۽ انهن جو جواب توکان لکرائيندي هئس، چيم نه عمران هڪ آدرش هيو ۽ فرضي ڪردار“

سندس اها ڳالهه ٻڌي منهنجي حيرانگي جي حد نه رهي توسان رابطو ٿيو عمران جي جڳهه آهستي آهستي تو وٺڻ شروع ڪئي تنهنجي سڀاءُ ۽ صاف گوئي توڏانهن ڇڪيندي رهي تون سچو آهين ۽ وڻندڙ به تو هڪ آدرش کي ٽوڙي ڇڏيو سارنگ هڪ حقيقت ٿي منهنجي سامهون آئين خيال، حقيقت جي اڳيان بي مقصد آهن- تون منهنجو مقصد آهين. منهنجو هٿ پڪڙ مون کي پنهنجو ڪري ڇڏ جويريا جي آواز ۾ هاڻ پختگي هئي، پر مان سندس ڳالهيون ٻڌي بلڪل پريشان ٿي ويس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته کيس ڇا جواب ڏيان سندس ڳالهيون ۽ اظهار منهنجي وهم ۽ گمان ۾ به نه هيو مان ڪوبه فيصلو نه پيو ڪري سگهان. ”سارنگ هي اڄوڪي سرد شام منهنجي زندگيءَ ۾ وري نه ايندي پاڻ شاندار زندگي گذارينداسين منهنجون سڀ سچايون صرف تو لاءِ آهن منهنجي حقيقت تون آهين مان خوش رهڻ ٿي چاهيان اهو خوش رهڻ تو سيکاريو آهي مون کي پنهنجي زندگيءَ سان جوڙ.“ جويريا پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏنو سندس هٿ برف جيان ٿڌو هو، پر اکين ۾ اميدن جا ڏيئا ٻري رهيا هئا.

مان الجهيل هئس ذهني ڪشمڪش ۾ هئس ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيس ۽ فليٽ کان ٻاهر هليو آيس. ٻاهر شديد ٿڌ هئي، پر منهنجو بدن ٻري رهيو هو، اڀا اڀا ساهه کڻڻ لڳس واپس گهر ڏانهن ويس رستي ۾ هزارين خيال، سوچون ورائي ويون هيون. ان رات سمهي نه سگهيو هئس- جويريا سان گذاريل  هڪ هڪ لمحو ياد آيو پهرين ڏينهن کان وٺي آخري اڄوڪي شام تائين. مان ساڻس گذاريل ان سڄي وقت جو ڪنهن نفسياتي ماهر وانگر تجزيو ڪرڻ لڳس ۽ مون کي لڳو ته هوءَ ڪنهن نفسياتي مريض وانگر منهنجي اڳيان بيٺل هجي، پر سندس علاج صرف ۽ صرف پيار هو، ڀروسو هو. مون سوچي ورتو ته جويريا کي پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي ڪندس.

صبح جو اوجاڳيل اکين سان اسڪول پهتس، پر جويريا نظر نه آئي سڄو ڏينهن انتظار ڪيو اسڪول ختم ٿيڻ بعد سندس فليٽ تي ويس سندس سهيلي ٻڌايو ته تنهنجي وڃڻ کانپوءِ سڄي رات سڏڪندي رهي هڪ منٽ لاءِ به نه ستي هئي صبح جو بنا ٻڌائڻ جي هتان هلي وئي ڪجهه ضروري سامان ۽ ڪپڙا کڻي.

”پر ڪيڏانهن وئي“ منهنجو ساهه منجهڻ لڳو ”مون کي نه ٻڌايائين پر شايد واپس ڳوٺ هلي وئي هوندي“ سندس سهيلي چيو. مان ويڳاڻين اکين ۽ ڳرن قدمن سان واپس هليو آيس.