ڪهاڻي نيڪيءَ جون گوريون ليکڪ: ڪرشن چندر ترجمو: منصور شيخ | # فيبروي 2022
ڇاهي! مون ڪافي حيرت ۽ گهٻراهٽ ۾ هن کي ڏسي چيو. ڇو ته هو ڪجھ عجيب قسم جو ماڻهو پئي لڳو. هو چپ چاپ منهنجي گهر جي ننڍڙي باغيچي ۾ آيو هو. جتي مان ۽ منهنجي گهر واري نيرن کانپوءِ صبح جو اس کائڻ لاءِ ويٺا هئاسين.
هن جو منهن ڪافي لٿل هو ۽ چهري تي پگهر جا ٻه ٽي ڦڙا چمڪي رهيا هئس. هن جي وڏين وڏين خوفناڪ اکين ۾ ڪجھ اهڙي گهٻراهٽ هئي ڄڻ هو ڪو ڏوهه ڪري آيو هجي يا ڪو گناھ ڪرڻ ويندو هجي. هن جو لباس به بيحد عجيب هو. هن کي سفيد جبو پهريل هو. هن جي پيرن ۾ به سفيد چپل هئي. پنهنجي هٿن ۾ هڪ سفيد ٿيلهو کنيو بيٺل هو، پر هن جي لباس ۾ سڀ کان عجيب ڳالھ اها هئي ته هن جي ڪلهن تي ٻه پر نڪتل هئا. انتهائي شفاف سفيد نازڪ پر… ٻنهي ڪلهن تي بيچيني سان ڦڙ ڦڙ ڪري رهيا هئا.
ڇا اهي پر اصلي آهن؟ مون هن کان پڇيو.
جي نه… هن پنهنجي منهن تان پگهر اگهندي چيو.
هي پر نائيلون جا آهن…
ڇا نائيلون هاڻي جنت ۾ به پهچي وئي آهي… منهنجي زال هن کان پڇيو.
جي نه هن پنهنجي ڀيڙيل چپن سان ڦڪي مرڪ مرڪندي چيو مان جنت کان ناهيان آيو، مان اعجاز ڪيميڪل جو سيلز مين آهيان. هي پر اسان جي ڪمپني جا ٽريڊ مارڪ آهن. صبح صبح سان هي سيلز مين ڳلي پئجي ويو. منهنجو ساھ اندر ئي اندر گهٽجڻ لڳو پنهنجي بچاءُ جي ڪا به صورت نظر نه پئي آئي. ڇاڪاڻ ته هو منهنجي سامهون بيٺو هو. ان ڪري مجبوريءَ ۾ مون کي پڇڻو پيو.
ڇا وڪڻندو آهين؟
نيڪيءَ جون گوريون وڪڻندو آهيان.
نيڪيءَ جون گوريون مون حيرت مان رڙ ڪري هن کان پڇيو.
منهنجي گهرواري به هن کي حيرت مان ڏسڻ لڳي ۽ ڪاوڙ مان هن کي چوڻ لڳي…
هي ڪهڙو مذاق آهي؟
هي مذاق نه پر حقيقت آهي… هن نهايت ٿڌو ۽ سنجيده ٿي جواب ڏنو. اسان جي ڪمپني جي ڪجھ سائنسدانن وڏي جاکوڙ کانپوءِ هماليه جي پهاڙن مان هڪ اهڙي جڙي ٻوٽي حاصل ڪئي آهي جنهن جي پاڙ ۾ هڪ اهڙو حيرت انگيز مادو حاصل ڪري ورتو آهي جنهن جي کائڻ سان ماڻهو نيڪ ٿي وڃي ٿو. نيڪ! منهنجي زال وڏي حيرت مان هن کان پڇيو. ڇو جو ان کي يقين نه پئي آيو. ها ڀاڳ ڀري هي اهوئي چئي رهيو آهي. مان هن کي سمجهائي رهيو هئس. تون چپ ڪر، توکان ڪير ٿو پڇي. منهنجي زال مون کي هٿ جو اشارو ڪري هن بحث مان ٻاهر ڪڍڻ پئي چاهيو.
ڪهڙي نموني جي نيڪي. هن سيلز مين کان پڇيو.
هو چوڻ لڳو.
هر طرح جي نيڪي. ماڻهو جو ذهن خوبصورت ۽ نيڪ ٿي ويندو آهي. هڪدم هن جي دل ۾ ٻين جي لاءِ نيڪ ۽ سٺا خيال اچڻ لڳندا آهن. انسان جي سموري فطري خود غرضي، ڪميڻائپ ۽ بي ايماني ختم ٿي ويندي آهي. هيءَ دوا ايتري ته اثر واري آهي جو ان کي کائڻ کانپوءِ ماڻهو ڪڏهن به چوري ناهي ڪندو. ڪنهن جو قتل ڪري نه سگهندو، ڪنهن تي حملو ڪري نه سگهندو ڪنهن لاءِ خراب سوچي نه سگهندو.
ته پوءِ ان جو مطلب ته مون هن کي چيو، جيڪڏهن سموري دنيا جا ماڻهو اها دوا کائين ته دنيا مان برائي جو نالو ختم ٿي ويندو. ڪڏهن ڪنهن تي ظلم نه ٿئي، ڪڏهن ڪنهن جو حق نه کاڄي، ڪڏهن ڪٿي به جهيڙو نه ٿئي. نظرياتي طور تي ته اهو ممڪن آهي، هن پنهنجا پر ڦڙ ڦڙائيندي چيو، پر عملي طور تي ممڪن ناهي. ڇو ته هيءَ ٻوٽي تمام ناياب آهي ۽ هن جي پاڙ مان خمير تمام گهٽ نڪرندو آهي.
ته ڇا اهو ممڪن ناهي ته هن نيڪيءَ جي ٻوٽيءَ مان اهو خمير الڳ ڪيو وڃي ۽ پوءِ ان جو ڪيميائي مطالعو ڪري بلڪل اهڙو ئي خمير نيڪيءَ جو خمير مصنوعي طريقي سان تيار ڪيو وڃي.
اسان جي سائنسدانن ڪوشش ته تمام گهڻي ڪئي آهي، پر اڃان تائين ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ناهن سگهيا. هو خمير ته ٺاهي وڃن ٿا، پر نيڪي وچ مان ئي ڪٿان گم ٿي وڃي ٿي ۽ هٿ نٿي اچين ان ڪري ته هي نيڪيءَ جون گوريون قيمتي آهن.
ڇا قيمت آهي انهن جي؟ منهنجي زال هن کان پڇيو. چوويهن رپين ۾ ٻن گورين جو سيٽ آهي، هن پنهنجي ٿيلهي ۾ هٿ وجهي هڪ ننڍي شيشي ڪڍي، هن مان ٻه گوريون چمڪندي نظر اچي رهيون هيون سفيد رنگ جون گوريون، مٽر جي ڌاڻي جيتريون گوريون، سيلز مين منهنجي زال جي سامهون اها شيشي لوڏڻ لڳو.
وڃ… وڃ هليو وڃ مون تنگ ٿيندي هن کي چيو نه گهرجن اهي اسان کي.
چوويھ رپيا ته تمام گهڻا آهن منهنجي زال هن کي چيو.
چوويھ رپيا ته ڪجھ به ناهن، نيڪيءَ جي گورين لاءِ… سيلز مين چيو… ماڻهو ته ھزار نه پر لک خرچ ڪندا آهن نيڪ بڻجڻ جي لاءِ… هو اسڪول کوليندا آهن، چندو ڏيندا آهن، مندر ٺهرائيندا آهن، تقريرون ڪندا آهن، اخبارن ۾ پنهنجون تصويرون لڳرائيندا آهن، دشمنن سان هٿ ملائيندا آهن، احمقن جي پٺيءَ تي هٿ ٺپيندا آهن، ڪنهن عقيدي تحت نيڪ بڻجڻ جي لاءِ پاڻ کي الٽو ٽنگڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن، پر پوءِ به نيڪ ناهن بڻجي سگهندا، پر هيءَ دوا چوويهن رپين ۾ توهان کي نيڪ بڻائي سگهي ٿي. ان جو ڪهڙو ثبوت آهي؟ مون هن کان پڇيو.
هن وري پنهنجي ٿيلهي ۾ هٿ وجهي پهرين شيشيءَ کان به ننڍي شيشي ڪڍي جنهن ۾ واريءَ جي ذرن کان ٿورا وڏا صاگو داڻن کان ٿورا ننڍا گول داڻا ڀريل هئا. هن شيشيءَ جو ڍڪڻ کولي پنهنجي هٿ جي تريءَ تي ٻه داڻا ڪڍي رکيا ۽ مون کي ڏيکاريندي چوڻ لڳو. هن مان هڪ داڻو کائو، وري منهنجي زال کي به مخاطب ٿيندي چيو هڪ داڻو توهان به کائو… کائو… هي سيمپل جون گوريون بلڪل مفت آهن، نموني طور دوا جو جادو ڏيکارڻ لاءِ آهن. کائو… ۽ کائڻ کانپوءِ ٻن منٽن ۾ توهان هن جو اثر ڏسجو.
منهنجي زال جلدي ۾ هڪ داڻو کڻي پنهنجي وات ۾ وجهي ڇڏيو. ٻيو داڻو نه چاهيندي به پنهنجي زال جي چوڻ تي مون به کڻي پنهنجي وات ۾ وڌو.
داڻو وات ۾ پوڻ سان ئي ڳري ختم ٿي ويو. عجيب ڪوڙو ۽ لوڻاٺو هو. پوءِ هڪ عجيب ڳالھ محسوس ڪيم ايئن لڳو ڄڻ رت جو دورو هلڪو ٿيندو پئي ويو. پنهنجا اعصاب جسم جي تھ ۾ محسوس ڪرڻ لڳس، دل به عجيب طرح سان پگهرجڻ لڳو، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچڻ لڳا، پنهنجي زال کي ڏسندي بيساخته چوڻ لڳس.. پياري! مان تنهنجو گنهگار آهيان. گذريل ويهن سالن کان مان توکي طلاق ڏيڻ لاءِ سوچيندو رهيو آهيان، پر همت نه پئي ٿئي. منهنجي زال پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو، مان محسوس ڪندي هئس پيارا! ۽ دل ئي دل ۾ توکي ڪمينو ۽ خود غرض سمجهندي هئس، اهو سوچيندي هئس ته هي حوس پرست انسان منهنجي جوانيءَ جا ويھ سال مزو ماڻي مون مان ڪراڙپ ۾ هاڻي جان ڇڏائڻ چاهي ٿو، ڪيترائي ڀيرا منهنجي دل چاهيو ته توکي گهٽو ڏيان.
مون به هن کي روئيندي چيو مان ته توکي هڪڙي ڀيري گهٽو ڏيئي ئي چڪو هئس، پر منهنجا هٿ ڏڪي رهيا هئا، جاني مان تنهنجي لائق ناهيان.
نه تون تمام سٺو آهين هوءَ مون کي ڀاڪر ۾ وجهي چوڻ لڳي، خراب ته مان آهيان مون توکي ڪڏهن به سک نه ڏنو، پنهنجي چئن ڀينرن جي پڙهائي جو خرچ توکان وٺندي رهيس ۽ تون چرين وانگر بغير لالچ جي اکيون بند ڪري منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو رهين.
نه نه مان به لالچي هئس جاني، مون اقبال جرم ڪندي چيو ته تنهنجي چئن ئي ڀينرن جي مان بغير لالچ جي مدد نه ڪندو هئس منهنجا هنن سان تعلقات بنا لالچ جي نه هئا. شايد تون نٿي ڄاڻي، پر هاڻي ته هنن جون شاديون ٿي ويون آهن هاڻي ڪجھ چوڻ ته نه گهرجي… پر.
ڪجھ نه چئو منهنجي زال منهنجي وات تي هٿ رکي چيو، مان سڀ ڄاڻان ٿي ۽ سڀ خبر هوندي به توکي معاف ڪريان ٿي… تون چاهين ته تون پنهنجي زندگيءَ جي وڏي خواهش به پوري ڪري سگهين ٿو تون چاهين ته مان هاڻي جو هاڻي هڪ خالي ڪاغذ تي پنهنجي صحيح ڪري ڏيان جنهن کي ڏيکاري تون مون کي آسانيءَ سان طلاق ڏيئي سگهين ٿو. هوءَ ڪاغذ کڻڻ لاءِ جيئن ئي اندر ڪمري ۾ وڃڻ لڳي ته مون هن کي ٻانهن کان جهلي چيو نه جاني ان جي ضرورت ناهي هاڻي اهو خيال مان هميشه لاءِ دل مان ڪڍي ڇڏيو آهي… هاڻي ته هاڻي ته…
هي ڇا!
هڪدم مان ۽ منهنجي زال حيرت مان هڪٻئي کي ڏسڻ لڳاسين. دوا جو اثر ختم ٿي ويو ۽ اسان ٻئي هڪ ڀيرو ٻيهر زال مڙس بڻجي وياسين، خشڪ روائتي ۽ بيزاري مان پنهنجي زال کان پري ٿي ويس، مان گهٻرايل ۽ شرمندو ٿيندو ڪرسيءَ تي ويهي رهيس… ڪجھ پريشان ٿيس… هي پنجن منٽن لاءِ مون کي ڇا ٿي ويو، مون پنهنجي زال کي ڏٺو هوءَ به ڪنڌ جهڪائي يقينن اهوئي سوچي رهي هئي. سون جهڙي دوا جو اثر صرف ٽي منٽ رهندو آهي سيلز مين چيو. ها پوري کائڻ سان هن جو اثر ٽي ڪلاڪ رهندو آهي.
نيڪيءَ جا ٽي ڪلاڪ ته ڇا، پر ٽي منٽ به وڏا ٿيندا آهن مون چيو. مان ته ڊڄي وئي آهيان تنهنجي هن دوا کان، مون کي نه گهرجي اها دوا.
منهنجي زال چيو،
منهنجي خيال ۾ توکي ان جي ضرورت پوندي، ڪڏهن ڪڏهن توتي وحشت جو اهڙو دورو پوندو آهي جو مان ڊڄي ويندي آهيان وٺي ڇڏ توکي ان جي ضرورت آهي.
ضرورت ته توکي به آهي، مون هن کي چيو، ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ته بدڪلامي ڪندي آهين جو سڄو پاڙو بيهي ٻڌندو آهي، مان سمجهان ٿو… مان تنهنجي لاءِ ٻه گوريون وٺي ڇڏيان.
۽ مان تنهنجي لاءِ… ٻه گوريون… منهنجي زال چيو.
جڏهن سيلز مين اسان کي نيڪيءَ جون ٻه شيشيون ڏيئي اٺيتاليھ رپيا وٺي چڪو هو ته مون هن کان پڇيو،
هي گوريون ڪڏهن کائڻ گهرجن ۽ پرهيز وغيره به ٻڌائي ڇڏ.
ڪنهن به پرهيز ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو. جڏهن توهان نيڪ بڻجڻ چاهيو ته هڪ گوري کائي ڇڏجو يا ڪنهن ٻئي کي کارائي ڇڏجو جنهن کي ان جي ضرورت هجي، پر ان جو خيال رکجو ته خالي پيٽ تي ان گوري جو اثر ناهي ٿيندو.
تون ٺيڪ ٿو چوين مون کلندي هن کي چيو، نيڪي هميشه پيٽ ڀرڻ کان پوءِ ئي ڪئي ويندي آهي.
ڪجھ ڏينهن ۾ شهر ۾ ڪجھ اهڙا واقعا ۽ حادثا ٿيا جو ايئن محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ نيڪيءَ جون گوريون هرهنڌ پنهنجو اثر ڏيکارڻ لڳيون هجن.
هڪ هٽ واڻئي اعلان ڪيو ته هو اٽي ۾ ڪاٺيءَ جو ٻورو ملائي وڪڻندو هو. ڪاٺيءَ جي ٻوري وڪڻندڙ اعلان ڪيو ته هو ڪاٺيءَ جي ٻوري ۾ مٽي ملائي وڪڻندو هو، نتيجي ۾ ماڻهن ٻنهي واپارين سان بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.
هڪ انجڻ ڊرائيور نيڪي جي گوري کائي پنهنجي فائرمين کي چيو، پنجويهن سالن کان مان هيءَ گاڏي هلائي رهيو آهيان ۽ تون هن ۾ پنجويهن سالن کان ڪوئلو وجهي رهيو آهين، مان اهو ظلم برداشت نه ڪندس هاڻي مان ڪوئلو وجهندس ۽ تون گاڏي هلائيندين.
فائرمين به نيڪيءَ جي گوري کاڌي هئي، هو به ڪجھ تلخ لهجي ۾ چوڻ لڳو، توکي مون تي رحم ٿو اچي ۽ مون کي هن انجڻ تي رحم ٿو اچي. ٿورو سوچ ته پنجويهن سالن کان اهائي هڪ انجڻ هن گاڏيءَ کي ڌڪي رهي آهي هن جا نٽ بلٽ ڍرا ٿي چڪا آهن، پر سرڪار هن کي آرام نٿي ڏئي ڪيڏو وڏو ظلم آهي. تون بلڪل ٺيڪ ٿو چوين انجڻ ڊرائيور چيو، واقعي هن انجڻ کي رٽائر ٿيڻ گهرجي، مان اڳئين اسٽيشن تي پهچي هن گاڏيءَ کي روڪي ڇڏيندس. اڳئين اسٽيشن تي پهچي ڊرائيور گاڏي بيهاري ڇڏي. انجڻ کي گاڏيءَ کان الڳ ڪيو ويو، ڊرائيور ۽ فائرمين ڪراڙي انجڻ جي بيوسيءَ تي روئڻ ويهي رهيا ۽ ڪنهن به طرح سان مسافرن جي چوڻ باوجود گاڏي کي اڳيان وٺي وڃڻ لاءِ تيار نه ٿيا. هڪ مسافر کيسو ڪٽيندڙ کي سڏ ڪري پنهنجو ٻٽون ڏيئي ڇڏيو.
هڪ فلمي اداڪار پنهنجو ڪارو ناڻو ظاهر ڪيو انڪم ٽئڪس واري وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڇو ته ٻنهي کي نيڪيءَ جون گوريون کاڌل هيون.
هڪ وزير نيڪيءَ جي گوري کائي پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ اهو اعلان ڪيو ته هن فراڊ ڪندي هن وقت تائين ٻه ڪروڙ گڏ ڪيا آهن ۽ اهي سڀ پئسا سوئٽزرلينڊ جي بئنڪ ۾ جمع آهن نيڪيءَ جي گوري کائڻ کان ٺيڪ ٽن ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن هن کي هوش آيو ته هن پستول جي گولي کائي ڇڏي.
آخري واقعي کان حڪومت متاثر ٿي سخت قدم کڻڻ تي مجبور ٿي پئي. پارليامينٽ مان بل پاس ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪوبه شخص نيڪيءَ جي گوري وڪڻندي يا خريد ڪندي پڪتو ويو ته ان کي ٽي سال سزا ڏني ويندي. حڪومت اعجاز ڪيميڪل ورڪس جي بلڊنگ ضبط ڪري ڇڏي. گورين کي سمنڊ ۾ اڇلايو ويو سائنسدانن کي جلاوطن ڪيو ويو، تڏهن وڃي ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيو. نيڪيءَ جي خلاف حڪومت جي قانون نافذ ٿيڻ کي ست مهينا ٿي ويا هئا ته مون وٽ وري اهو ساڳيو فرشتو آيو، پر هاڻي هن جا، پر غائب هئا هو ڪجھ مٽيل پئي لڳو ٿيلهو به وٽس نه هو. هاڻي ڇا ڪندو آهين مون هن کان پڇيو نيڪيءَ جون گوريون اسمگل ڪندو آهيان، هن آهستي جواب ڏنو ۽ پنهنجي ڪاڪڙي ۾ هٿ وجهي هڪ رٻڙ جي ٿيلهي ڪڍي ان ٿيلهي ۾ زپ لڳل هئي هن زپ کولي ان مان نيڪيءَ جون گوريون ڪڍيون.
پري ڪر، مون کي نه گهرجن تنهنجون اهي نيڪيءَ جون گوريون. مون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
ھو وڏي رازداريءَ سان منهنجي اڳيان جهڪيو ۽ جهڪي آهستي چوڻ لڳو، هاڻي اسان جي سائنسدانن برائيءَ جون گوريون دريافت ڪري ورتيون آهن، برائيءَ جون گوريون… مون حيرت مان پڇيو… جي ها، هن کلندي چيو. هن وري پنهنجي ڪاڪڙي ۾ هٿ وجهي رٻڙ جي هڪ ٻي ٿيلهي ڪڍي ان جي زپ کولي مون کي ٻيون گوريون ڏيکاريون.
هنن گورين کائڻ سان توهان تي نيڪيءَ جي ڪنهن به گوريءَ جو اثر نه ٿيندو. هو وڏي فخر مان چوڻ لڳو…
تمام سٺو، مون خوش ٿيندي هن کي ڏسي چيو،
ته پوءِ نيڪيءَ جون گوريون کائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هن چيو، توهان پاڻ برائيءَ جي گوري کائو ۽ ٻين کي نيڪيءَ جون گوريون کائڻ جي تلقين ڪريو ان سان بزنس ۾ هميشه فائدو ٿيندو.
گهڻا پيڪيٽ ڏيان.
***

