ادبسماجياتقسطوار ناول

سمر قند قسط ٻئين امين مالوف ترجمو: زاهده ابڙو

قاضي جي ڪشادي ديوان ۾ دور جا شمعدان پري کان خيام مٿان کير جهڙي اڇي رنگ جي روشني وجهي رهيا هئا. جڏهن هو داخل ٿي رهيو هو ته ٻن اڌڙوٽ عمر جي چوڪيدارن کيس ڪلهن کان ايئن پڪڙي ورتو ڄڻ هو ڪو خونخوار چريو هجي ۽ اهڙي حالت ۾ کيس دروازي جي ڀر ۾ انتظار ڪرڻو پيو.

قاضي جيڪو ڪمري جي پرئين پاسي ويٺو هو. هن ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو، هو ڪنهن ڪيس متعلق حڪم ٻڌائي رهيو هو، دعويٰ ڪندڙن سان بحث مباحثو ڪري رهيو هو، هڪ کي دليل ڏيئي رهيو هو ته ٻئي کي ڇنبي رهيو هو. قصي مان ايئن ٿي لڳو ته ڪو ٻن پاڙيسرين جي وچ ۾ پراڻو جهڳڙو هلي رهيو هو، جهڳڙو به پراڻو هو ۽ اجايون شڪايتون ۽ شڪويٰ ۽ خوامخواهه جو بحث لڳي رهيو هو، ابو طاهر اعلانيه پنهنجي بيزاريءَ جو اظهار ڪندي ڪارروائي ختم ڪئي ۽ ٻنهي خاندان جي سربراهن کي هڪٻئي کي گلي لڳائڻ جو حڪم ڏنو اتي جو اتي سندس سامهون، ڄڻ اهي ڪڏهن وڙهيا ئي نه هجن. انهن مان هڪ قدم اڳتي وڌايا، پر ٻيو جنهن جي پيشاني ٿوري ننڍي هئي بدن ۾ ڀريل هو ان ڀاڪر پائڻ کان ٿورو ڪيٻايو. قاضي هن جي منهن تي هڪ زوردار چماٽ هنئي جنهن سبب اتي ويٺل ماڻهو ڏڪڻ لڳا. ان ڀريل بدن واري شخص گول مٽول ڪاوڙيل ۽ چل وِلي ماڻهو مٿان هڪ اڇاتري نظر وڌي جيڪو هن تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي ڏيل کي مٿي کڻي رهيو هو، وري منهن هيٺ ڪري ڇڏيائين، ڳٽي تي هٿ ڦيرايائين ۽ حڪم جي بجا آوري ڪيائين.

انهن همراهن کي موڪلي ابو طالب پنهنجي رضاڪارن کي ويجهو اچڻ جو اشارو ڪيو. انهن جلدي جلدي پنهنجي روداد پيش ڪئي ۽ سوالن جا جواب ڏنا ۽ ٻڌائڻو پين ته انهن ايڏي وڏي مجموعي کي رستي تي جمع ٿيڻ ڏنو ئي ڇو. پوءِ وري زخمي چهري جي بيان ڏيڻ جي واري آئي. هو قاضي جي پاسي جهڪيو ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ هو کيس گهڻي عرصي کان سڃاڻندو هجي ۽ ڏاڍي جوشيلي انداز ۾ خود ڪلامي شروع ڪري ڇڏيائين. ابو طاهر بنا ڪنهن احساس کي ظاهر ڪرڻ جي سڀ ڪجهه ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندو رهيو. پوءِ، ڪجهه دير غور ۽ فڪر ڪرڻ کانپوءِ، حڪم ڏنائين، ”ميڙ کي منتشر ڪيو هر ماڻهو کي چئو ته جيڪا ننڍي کان ننڍي راهه آهي اتان گهر واپس وڃي ۽ حملا آورن سان مخاطب ٿيندي، توهان سڀ به گهر واپس وڃو. سڀاڻي کان اڳ ڪوبه فيصلو ڪونه ٿيندو جوابدار هتي ئي رات رهندو ۽ منهنجا ماڻهو ان جي رکوالي ڪندا ۽ ٻيو ڪوبه نه.“

تعجب جي ڳالهه هئي ته انهن سڀني کي ايئن يڪدم هتان رفو چڪر ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي، زخمي چهري مِڻ مِڻ ڪندي احتجاج ڪرڻ چاهيو، پر پوءِ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو ۽ ان ۾ ئي بهتري سمجهي. هن عقلمندي سان پنهنجي ڪپڙن کي ميڙي سيڙي سنڀاليو ۽ قاضيءَ اڳيان احترام سان جهڪندي پٺئين پير نڪري ويو. جڏهن ابو طاهر عمر سان گڏ اتي اڪيلو وڃي بچيو حاضرين مان رڳو سندس سڃاڻڻ وارا ۽ سندس احترام ڪرڻ وارا ئي باقي بچيا ته هن ڀليڪار جو هڪ پراسرار جملو ادا ڪيو، ”مشهور ۽ معروف عمر خيام نيشاپوري جي آجيان ڪرڻ مون لاءِ احترام جوڳو آهي.“ سندس ڳالهائڻ مان ڪنهن به جذبي جو شڪ شبهو ظاهر نه ٿي رهيو هو هن جي لهجي ۾ نه ٽوڪ هئي نه گرم جوشي، بلڪه بلڪل غير جانبدار رويو هو سندس آواز ڪنهن به جذبي کان خالي هو، هن کي هڪ سدا بهار گل جي شڪل جهڙي دستار پاتل هئي. ڀرون گهاٽا هئس ۽ بنا مُڇن جي اڇي ڏاڙهي هئس، هو خيام کي گهري نگاهه سان ڏسي رهيو هو. سڀ کان وڌيڪ پريشاني جي ڳالهه ته سندس آجيان واري هئي ڇو ته عمر اتي انهن ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بيٺل هو ته جيئن کيس سڀ ڏسي سگهن ۽ مٿس کِلي سگهن. خاموشي سان ڪيترن ئي لمحن جو حساب لڳائڻ کانپوءِ، ابو طاهر وڌيڪ ڳالهايو، ”عمر تون سمر قند ۾ اڻڄاتل ناهين. ڪم عمريءَ جي باوجود تنهنجي علم ۽ فضل جو چوٻول هتي موجود آهي، مدرسن ۾ تنهنجا ڳڻ ڳائجن ٿا ڇا اهو سچ ناهي ته تو اصفهان ۾ ابن سينا جو هڪ مشڪل رسالو ست ڀيرا پڙهيو ۽ نيشاپور واپس موٽڻ تي اکر به اکر پنهنجي حافظي سان ان کي ورجايو؟“

خيام کي اها ڳالهه ٻڌي ڪجهه تسڪين ملي ته سندس مستند ڪارنامي بابت ماوراالنهر (طبرستان) جي ماڻهن کي خبر آهي، پر سندس پريشاني ۾ ڪابه گهٽتائي نه ٿي. شافعي مذهب جي قاضي جي واتان ابن سينا جو حوالو ڪا اطمينان ڏياريندڙ ڳالهه نه هئي ۽ اها ڳالهه به هئي ته اڃان تائين کيس ويهڻ جي لاءِ به نه چيو ويو هو. ابو طاهر پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”تنهنجا رڳو اهي ڪارناما ئي عام ۽ خاص ماڻهن جي زبان تي چڙهيل ناهن، بلڪه ڪجهه عجيب ۽ غريب رباعيون به تو سان منسوب ڪيون پيون وڃن.“ جملو ڪنهن جذبي کان بنهه خالي هو، هو مٿس بهتان نه هڻي رهيو هو، پر کيس ان کان آجو به نه ڪري رهيو هو. هو ته رڳو کانئس آڏي پڇا ڪري رهيو هو. عمر پنهنجي خاموشي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ”اها رباعي جيڪا زخمي چهرو ٻڌائي رهيو هو سان منهنجي رباعين مان ناهي.“

قاضي سندس احتجاج کي بي صبري سان رد ڪري ڇڏيو ۽ پهريون ڀيرو هن جي لهجي ۾ سختي اچي وئي. ”ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي ته تو اهو بيت چيو آهي يا ٻيو ڪو بيت. مون کي اهڙن فحش شعرن جي خبر ملي آهي جو مان انهن کي ٻڌي خود کي مجرم ٿو سمجهان جيترو اهو شخص جنهن اهي بيت شايع ڪيا آهن. مان توتي ڪا سزا لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، پر هي ڪيمياگري وارا بهتان انهن کي هڪڙي ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي سگهجي ٿو پاڻ هن وقت اڪيلا آهيون ۽ پاڻ ٻئي چڱا مڙس آهيون ۽ مان ته رڳو سچ جو طلبگار آهيان.“

عمر کي سندس ان ڳالهه سان ڪابه تسلي نه ٿي هن کي ايئن لڳو ته هو ڄڻ ڪوڙڪي ۾ ڦاسي چڪو آهي ۽ هن جواب ڏيڻ ۾ ٿوري دير ڪئي هو چڱيءَ ريت تصور ڪري سگهيو ٿي ته جلاد جي حوالي ڪيو پيو وڃي ته جيئن سندس هٿ پير ڪٽيا وڃن کيس خصي ڪيو وڃي ۽ پوءِ کيس ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي. ابو طاهر بلند آواز ۾ لڳ ڀڳ رڙ ڪندي چيو، ”عمر، ولد ابراهيم، نيشاپور جو، خيما ٺاهيندڙ، ڇا تون هڪ دوست کي سڃاڻي نٿو سگهين؟“

ان لهجي جي خلوص خيام جا حواس ئي خطا ڪري ڇڏيا. ”هڪ دوست کي سڃاڻڻ کان؟ هن ان موضوع تي ڏاڍو غور ڪيو قاضي جي چهري جو ڳوڙهو مشاهدو ڪيو، سندس ان انداز تي توجهه ڏني جنهن ۾ هو ڏند ڪڍي کلي رهيو هو سندس ڏاڙهي لڏي رهي هئي. هوريان هوريان هن پنهنجو پاڻ کي مڃرائي ورتو هن جي چهري تي جيڪا ڇڪتاڻ هئي اها گهٽ ٿيڻ لڳي هن پنهنجو پاڻ کي پهريدارن جي گرفت کان آزاد ڪيو جن قاضيءَ جو اشارو ڏسي کيس ڇڏي ڏنو هو ۽ هن کي جهلڻ جي ڪوشش نه ڪيائون. هو بنا اجازت جي ويهي رهيو قاضي دوستاڻي انداز ۾ مرڪيو، پر ٻيهر بنا ڪنهن دير وري مٿس جرح شروع ڪري ڏنائين. ”ڇا تون اهو ڪافر آهين جنهن جي ڪجهه ماڻهو تنهنجي متعلق دعويٰ ڪن ٿا؟“

اهو جملو سوال کان ڪجهه وڌيڪ هو ڄڻ آزمائش جي ڪا پڪار هئي جنهن کي عمر نظر انداز نه ڪري سگهيو. ”مون کي پارسائن جي جوش و خروش کان نفرت آهي، پر مون واحد لاءِ ڪڏهن به شرڪ ناهي ڪيو.“

”ڇا ڪڏهن ايئن سوچيو اٿئي؟“

”ڪڏهن به نه، ان جو شاهد منهنجو رب آهي.“

”جيستائين منهنجو تعلق آهي، اهو مون لاءِ ڪافي آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته خالق لاءِ به. پر عوام لاءِ ڪٿي، اهي تنهنجي لفظن تي نظر رکن ٿا، اهي تنهنجي هر ننڍي حرڪت تي به نظر رکي سگهن ٿا- خود منهنجي هر ڪم ۽ حرڪت تي به، هر وڏي ماڻهو جي لفظن ۽ اشارن تي به. توکي ماڻهن اهو چوندي ٻڌو آهي، ‘مان ڪڏهن ڪڏهن اهڙين مسجدن ۾ ويندو آهيان جتي اک ڇنڀڻ لاءِ سٺي ڇانو ملي ويندي آهي.’

”عبادت گاهه ۾ اهو شخص ئي سمهي سگهي ٿو جيڪو پنهنجي مالڪ مان راضي ۽ خوش هجي.“

قاضيءَ جي متضاد رويي ۽ ان ۾ ڀريل شڪ جي باوجود عمر جوش ۾ اچي ويو ۽ پنهنجو بيان جاري رکيو، ”مان انهن مان ناهيان جن لاءِ دين رڳو قيامت جي ڏينهن جو خوف آهي منهنجي عبادت جو مقصد ڇا آهي؟ مان جڏهن هڪ گلاب کي ڏسندو آهيان، مان جڏهن تارا ڳڻيندو آهيان جڏهن ڪائنات جي حسن کي ڏسندو آهيان ته تعجب ۾ پئجي ويندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته ان ۾ ڪيڏو نه نظم ۽ ضبط آهي انسان جيڪا خالق جي حسين ترين صنعت آهي، ان جو دماغ جنهن ۾ علم جي اڃ آهي، سندس دل محبت جي بکايل آهي ان جي سڀني حواسن تي غور ڪندو آهيان.“ قاضي پنهنجي اکين ۾ فڪرمندي کڻي اچي خيام جي ڀر ۾ ويهي رهيو ۽ پدرانه شفقت وارو هٿ سندس ڪنڌ تي رکي ڇڏيائين چوڪيدارن گم سم نگاهن سان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو.

”منهنجا نوجوان ساٿي ٻڌ خدا تعاليٰ توکي اهڙين اڻ لڀ شين سان نوازيو آهي جيڪي ڪنهن به ابن آدم کي ميسر ناهن. ذهانت، بيان جي طاقت، صحت، خوبصورتي، علم جي طلب ۽ زنده رهڻ جي چاهت، مرد به تنهنجي تعريف ٿا ڪن مان ته سمجهان ٿو، عورتن جون آرزو مند آهون به تولاءِ هونديون، مون کي اميد آهي ته هن توکي خاموشيءَ جي دانائيءَ کان به محروم نه رکيو هوندو جنهن بنا باقي پهريان ذڪر ڪيل خوبين جي قدرداني قائم رکي نٿي سگهجي.“

”ته ڇا جيڪو مان سوچيان ٿو ان جي اظهار جي لاءِ پنهنجي پوڙهي ٿيڻ جو انتظار ڪريان؟“

”ان کان اڳ جو تون سوچين ٿو ۽ ان جو اظهار ڪري سگهين تنهنجي ٻارن جا ٻار، انهن جا ٻار پوڙها ٿي چڪا هوندا. پاڻ ڳجهه ۽ خوف جي دور ۾ زندگي جي رهيا آهيون. تنهنجي لاءِ ضروري آهي ته تنهنجا ٻه چهرا هجن هڪ جو رخ عوام جي پاسي هجي، ٻيو تون پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خالق لاءِ رک. جيڪڏهن توکي پنهنجين اکين، پنهنجن ڪنن ۽ پنهنجي زبان جي سلامتي گهرجي ته وساري ڇڏ ته تون انهن جو مالڪ آهين.“ قاضي اوچتو خاموش ٿي ويو ان لاءِ نه ته اهو عمر کي ڳالهائڻ ڏئي بلڪه پنهنجي تنبيهه کي اڃان وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ. عمر پنهنجي نگاهه هيٺ رکي ۽ منتظر رهيو ته ڏسي ته قاضي اڃان ڪهڙا ڪهڙا خيال پنهنجي دماغ مان ظاهر ٿو ڪري.

ابو طاهر ان جي برخلاف هڪ اونهو ساهه کنيو ۽ پنهنجن ماڻهن کي ڏاڍي سخت آواز ۾ وڃڻ جو حڪم ڏنو. انهن جي نڪرڻ کانپوءِ جيئن ئي هن دروازو بند ڪيو هو شاهي عدالت جي ڪنڊ طرف آيو هن هڪ ڪپڙي جو حصو مٿي کنيو جنهن تي گل ٻوٽا ٽانڪيل هئا ۽ اتان هڪ دٻو ڪڍيو جنهن جي مٿان دمشق جي نقاشي ٿيل هئي هن ان مان هڪ ڪتاب ڪڍيو ۽ عمر کي تمام گهڻي گرم جوشيءَ سان پيش ڪيائين، سندس چهري تي پدرانه تبسم پکڙيل هئي جنهن سندس چهري کي نرم ڪري ڇڏيو هو.

اهو ڪتاب ته بلڪل اهو ئي هو جنهن کي هڪ ڏينهن آئون بينجامن او ليسيج (Benjamin O. Lesage) پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ وارو هئس. منهنجو خيال آهي اهو ڪتاب پنهنجي نا هموار ٿلهي چمڙي سميت جنهن جا نقش ڪنهن مور جي پڇ جهڙا لڳي رهيا هئا ۽ اهو پنهنجي پنن سان جن جا ڪنارا پراڻا ۽ نا هموار هئا ان جو ڇهاءُ به بلڪل اهڙو ئي رهيو هوندو. جڏهن خيام گرمين جي ان نه وسرندڙ رات ان کي کوليو هو ۽ کيس صرف 256 خالي صفحه نظر آيا هئا جيڪي اڃان شعرن، تصويرن، حاشياتي تفسيرن يا سوني پاڻيءَ سان پُر نه ٿيا هئا.

ابو طاهر پنهنجن جذبن کي مخفي رکڻ لاءِ ڪنهن دڪاندار واري لهجي ۾ چيو.

”چيني ڪاغذ آهي، نفيس ترين ڪاغذ جيڪو سمر قند جي ڪارخانن ۾ ڪڏهن تيار ٿيو هو. ماتريد علائقي جي هڪ يهودي هن کي هڪ قديم نسخي جي مطابق فرمائش تي ٺاهيو هو هي سڄي جو سڄو توت سان ٺهيل آهي. هن کي هٿ ته لاهي ڏس هن ۾ اهي ساڳيون صفتون آهن جيڪي ريشم ۾ هونديون آهن.“

پنهنجي ڳالهه جاري رکڻ کان پهرين هن ٿورو کنگهي گلو صاف ڪيو.

”منهنجو هڪ ڀاءُ هوندو هو، مون کان ڏهه سال وڏو هو جڏهن هو تنهنجي ڄمار جو هو ته وفات ڪري ويو. هڪ نظم چوڻ تي ان وقت جو حڪمران ساڻس ناراض ٿي پيو ان کي بلخ جلا وطن ڪيو ويو. مٿس عقيدي جي خلاف ڳالهائڻ جو الزام لڳائي ڳالهه کي ڳالهوڙو ٺاهيو ويو اها ڳالهه درست هئي يا نه، اها مون کي خبر ناهي، پر مون کي ان ڳالهه جو ڏاڍو ڏک آهي ته هن هڪ نظم جي پٺيان پنهنجي جان وڃائي ڇڏي، هڪ بدبخت نظم جيڪا مشڪل سان ٻن بيتن جيتري ڊگهي هئي.“

سندس آواز ڏڪي رهيو هو ۽ هو ڳالهائيندو رهيو.

”هن ڪتاب کي تون پاڻ وٽ رک جڏهن به ڪو شعر تنهنجي دماغ ۾ ٺهڻ لڳي يا تنهنجي زبان تائين اچي ان کي روڪي رکجانءِ، هنن ورقن تي ان کي لکي ڇڏجانءِ ۽ جڏهن لکي رهيو هجين ته ابو طاهر کي ياد ڪجانءِ.“

ڇا قاضيءَ کي ان ڳالهه جي خبر هئي ته هو ان اشاري ۽ انهن لفظن سان ادب جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ لڪل راز کي جنم ڏيئي رهيو هو، عمر خيام جي اعليٰ شاعري کي ڳولهي لهڻ لاءِ دنيا کي اٺ صديون انتظار ڪرڻو پوندو دنيا جي سڀني ايجادن مان هن جون رباعيون وڌيڪ عزت ۽ تڪريم واري ڪارنامي واري حيثيت رکنديون. ان کان پهرين جو سمر قند جي هن ڪتاب جي عجيب و غريب قسمت جو حال دريافت ٿئي.

…(هلندڙ)…

***