خاص

سنٿيا رچي کي ٻيهر رحمان ملڪ خلاف سندس بيان نه روڪڻ تي نوٽيس جاري ڪيو ويو

هڪ آمريڪي عورت سنٿيا ڊي رچي ۽ سينيٽر رحمان ملڪ وچ ۾ هڪ قانوني جنگ هلندڙ آهي. ايڊيشنل سيشن جج ناصر جاويد رانا پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر رحمان ملڪ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ رحمان ملڪ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته آمريڪي شهري سنٿيا رچي ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا. رحمان ملڪ جي خلاف سندس بيان تي عمل نه ڪرڻ تي عدالت هڪ آمريڪي شهري سنٿيا رچي کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيو آهي. عدالت 29 جون تي سنٿيا رچي کي رحمان ملڪ جي خلاف ڪو بيان نه ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. جڏهن ته رحمان ملڪ سنٿيا خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي. رحمان ملڪ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته عدالت سنٿيا رچي کي حڪم ڏنو ته ڪو به بدنامي جوڳو مواد شايع نه ڪيو وڃي، پر عدالتي حڪم باوجود سنٿيا رچي ٽوئيٽر تي منهنجي خلاف بيان بازي ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رحمان ملڪ درخواست ڪئي ته عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سنٿيا رچي جي خلاف توهين جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. ٻئي طرف آمريڪي شهري سنٿيا رچي جي وڪيل عمران فيروز ملڪ چيو آهي ته اڃان تائين عدالت کان ڪو نوٽيس ناهي مليو. جيڪڏهن عدالت جو نوٽيس ملي ٿو ته ٻين ڪيسن وانگر هن ۾ به حاضر ٿينداسين. عدالت آمريڪي شهري سنٿيا رچي کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته رحمان ملڪ سنٿيا رچي جي خلاف 50 ارب رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ به داخل ڪئي آهي…..