بلاگ

سنڌي ادب جو محقق ۽ نقاد: ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ذوالفقار علي جلباڻي May 2021

سنڌ جي ادبي تاريخ ۾، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جو نالو نشانبر طور نظر اچي ٿو. الهداد ولد محمد علي ٻوهيو، سنڌ جو مشهور ۽ معروف اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نقاد ٿي گذريو آهي. پاڻ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڪري، سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقي ۾ احترام واري نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو سنڌي زبان ۽ ادب جا لڳ ڀڳ ٽيهن سالن جي عرصي تائين مسلسل گهڙا ڀريا آهن. الهداد ٻوهيو جي ولادت تاريخ اٺين آگسٽ 1934ع تي ڳوٺ پيچوھا ۾ ٿي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ، انگريزي تعليم وڳڻ مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ جو امتحان پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1953ع ۾ پاس ڪيائين ۽ اهڙيءَ طرح سن 1955ع ۾ انٽر پاس ڪيائين. سال 1957ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي اي ۽ سن 1966ع ۾ ايم اي انگريزي ادب ۾ پاس ڪيائين. الهداد ٻوهيو نوڪريءَ جي شروعات گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ انگريزي استاد جي حيثيت ۾ سن 1958ع کان ڪئي. جيئن اسان چئي آيا آهيون ته ڊاڪٽر ٻوهيو جون علمي ۽ ادبي حوالي سان ڪيتريون ئي خدمتون آهن. هن هڪ ڪهاڻيڪار، ناول نگار، شاعر، نقاد، محقق، تعليمدان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر جي حيثيت سان ڪيتريون ئي خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي جيڪو ڪجھ لکيو ويو آهي انهيءَ ۾ سنڌي زبان جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ اضافو ٿيو آهي. الهداد ٻوهيو جون اهي لکڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ رسالن جهڙوڪ: ٽماهي “مهراڻ” ماهوار “نئين زندگي” ماهوار “ساڃاھ” “پارس” ۽ باک اخبارن ۾ مختلف پهلوئن تي ملن ٿيون. الهداد ٻوهيو سن 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌ جي نامياري عالم، استاد ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر غلام علي الانا مرحوم جي نگراني هيٺ “سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج” جي عنوان سان پي. ايڇ. ڊي جي سَنَدَ ورتي. ڊاڪٽر ٻوهيو جي ڇپيل ڪتابن ۾ “سنئون سڌو رستو” (ناول) “چونڊ ڪڻو ڪڻو” (شاعري) “تنقيدون” (1980ع)، “ادب جا فڪري محرڪ” (1984ع) ۽ “علم تحقيق” (1990ع) پڻ شايع ٿيا. ڊاڪٽر ٻوهيو جي مذڪوره تصنيفات ۾ جيڪي علمي ۽ ادبي ڳالهيون ۽ معلومات شامل ڪيل آهي تن کي پڙهندڙن پڙهي انهن جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جي لکڻين ۾ تخليق، تحقيق ۽ تنقيد جا اعليٰ معيار قائم ڪيل آهن. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پنهنجي تحريرن ۾ سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي تهذيب، تخليقي ادب، سائنسي تحقيق جا اصول، مشرقي ۽ مغربي تنقيدي معيارن کي سامهون رکي مفيد معلومات ڏني آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جي مٿانهين ڪردار، علمي ادبي خوبين ڪري سنڌ جي عالمن، علمي، ادبي حلقي وارن سندس تحريرن ۾ عالمي ليول جا معيار ڏسي سندس لکڻين کي پسند فرمايو ۽ اسين سندس اهڙي مڃتا کي ڏسي ايئن چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نٿا ڪريون ته ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جون تحريرون فني ۽ فڪري حوالي سان سنڌي ادب جي ميدان ۾ اوچي پنڌ تي نظر اچن ٿيون. اڄ جي دور جا نوجوان محقق، نقاد جيڪڏهن الهداد ٻوهيو جي تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي پورهئي جو گهرائي سان مطالعو ڪندا ته اهي ادبي دنيا جا اهڙا تخليقڪار، محقق ۽ نقاد ٿي اڀرندا جو ٻين توڙي پنهنجي همعصر دور جي اديبن ۽ شاعرن جي تخليقي ڪماليات ۽ جماليات جي خوبين ۽ خامين جي چڱي نموني پرک ۽ اوک ڊوک ڪري سگهندا ته ٻئي طرف هُو مقامي ۽ عالمي ادب جي معيارن کي به سمجهي سگهڻ جي قابل ٿي ويندا ته جهڙي نموني ۾ الهداد ٻوهيو سنڌي ادب لاءِ هڪ جذبي ۽ سچائي سان جيڪي خدمتون سر انجام ڏنيون آهن انهيءَ ڪم جي طريقيڪار پسمنظر ۾ وقت ۽ حالتن مطابق پنهنجي دور جي ادب کي تنقيدي سراڻ تي چاڙهي اُن جي لڪل پهلوئن کي اجاڳر ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا. انهيءَ مطالعي ۽ قابليت جي بنياد تي اهو پڻ چئي ۽ ٻڌائي سگهندا ته اسان جي دنيا ڪيترن ئي اسمن تي مشتمل آهي انهيءَ طرف ڌيان ڌرڻ کانپوءِ شاھ ڪريم جي سٽ وانگر ته: “اَکيُون اُنين سندِيون، کڏا ڪَرؤن پڇن.” اهي ماڻهو ادبي دنيا ۾ وهندڙ سمنڊ جي پاتار مان پيهي قيمتي موتي سوجهي ٻاهر آڻيندا ۽ پنهنجي دور ۾ جيڪو جيڪو ادب تخليق ٿي رهيو آهي تن جي جوهر کي سمجهي سگهندا. شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ فني فڪري گهاڙيٽن، موضوعن ۽ لفظن جي درست استعمال کي بحث هيٺ آڻيندي ڄاڻڻ گهرندا ته هن صنف ۽ هن موضوع ۾ ڪهڙي مقصد کي آڏو رکيو ويو آهي. هتي انهيءَ ڳالھ جو افسوس ڪرڻو پوي ٿو ته ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جي قلمي پورهئي کي انهيءَ نقطهءِ نظر سان اسان جي اديبن، شاعرن، محققن ۽ نقادن نه پڙهيو آهي ۽ نه ئي ان جي تحريرن کي جاچيو، پرکيو، پروڙيو ۽ نه ئي ان کي علمي ۽ عملي بنيادن تي سندس تحريرن کي آڏو رکي تن مان ڪي مثالي حوالا آڏو آڻي انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪا اوک ڊوک ڪئي وئي آهي، اهي سمورا پهلو بلڪل خالي نظر اچن ٿا. اڄ تائين هي به خال نظر اچي ٿو ته سندس تحريرن کي نوجوان نسل سان متعارف نه ڪرايو ويو آهي، مطلب ته سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج تي جيڪو اُن جي قلمي پورهئي جو حق آهي، انهيءَ کي موجوده نسل سان متعارف نه ڪري وڏو ادبي نقصان ٿي رهيو آهي. اڄ جيڪو سائنسي دور آهي انهيءَ جون پنهنجون تقاضائون آهن. هڪڙي طرف بي پناھ ترقي ٿي رهي آهي ۽ انهيءَ جي بدولت انساني دماغ حيرت انگيز ايجادون ڪري پاڻ جهڙي انسان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. موجوده دور ۾ اهو به ڏسجي ٿو ته انهن ايجادن انسانن جي قدر ۽ قيمت جو ملھ گهٽايو آهي. غربت ۾ پيڙهيل ۽ اٻوجھ انسانن جو ڄڻ ته ڪوبه اوهي واهي ڪونهي. سنڌ ۾ روزانو انسانن جي خودڪشين جا واقعا ۽ انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي، سا به ڳالھ حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هڪ انسان چنڊ تي رهڻ جا سانباها پيو ڪري ته ٻيو انسان ڌرتيءَ تي رهي به بکيو ڏکيو گذاري رهيو آهي. انهيءَ ۾ سائنسدانن جو ڏوھ ناهي معاشري جي درست تربيت ڪونه ٿي آهي جنهنڪري اڪثر ماڻهن مان احساس وارو جذبو موڪلائيندو پيو وڃي اهڙا هاڃا ڏسي پوءِ به ڪو همدردي وارو جذبو نظر نٿو اچي. انهيءَ سموري صورتحال کي ڏسي ايئن چئي سگهجي ٿو ته انسان جي روحاني ترقي گهٽجندي پئي وڃي ۽ مادي ترقي عروج ڏانهن آڏام ڪري رهي آهي ۽ گهڻي قدر جيڪو مٿئين طبقي وارو سماج آهي تن جو تعداد ته ٿورو آهي جيڪو مختلف حربن سان مسڪينن، هارين ۽ مزدورن جي ڦرلٽ پيو ڪري. هن وقت حيدر بخش جتوئي نظر نٿو اچي جنهنڪري هاري، مزدور ۽ پورهيت طبقو جيڪو صحت، تعليم ۽ روزگار کان محروم ٿيندو پيو وڃي، اها ڦرلٽ ڪمزور طبقي جي ٿي رهي آهي. اسان جو سماج جيڪو دولت جي رنگن روپن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ سماجي قدر ختم ٿي رهيا آهن ۽ انهن قدرن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جي تحريرن ۾ سمايل فڪر کي سمجهڻ جي ضرورت درڪار آهي جتان انساني قدرن جي بحالي وارو عمل شروع ٿئي ٿو. سنڌي ادب ۾ الهداد ٻوهيو جي مجموعي خدمتن جي اڀياس ۽ عملي سرگرمين مان اهو ڏسي سگهجي ٿو ۽ موجوده معاشري کي انهيءَ روشنيءَ ۾ ڳولي سگهجي ٿو ۽ موجوده دور جي حالتن ۽ واقعن جي روشني ۾، معاشري ۾ پيش ايندڙ ويڳاڻپ کي خوشيءَ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ جو پيچيده معاملن جو حل ڊاڪٽر ٻوهيو جي تحريرن ۾ موجود آهي. انفرادي يا اجتماعي جنهن سان جهڙي روپ ۾ جيڪا نا انصافي ٿي رهي آهي تنهن کي روڪي به سگهجي ٿو، ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح، سو الهداد ٻوهيو جون تحريرون مددگار بڻجن ٿيون. موجوده حالتن ۾ روز مره جيڪو ٿي رهيو آهي انهن پيش اچڻ وارن واقعن کي انهيءَ روشنيءَ ۾ تپاسي سگهجي ٿو. الهداد ٻوهيو پنهنجي هڪ مضمون “مستقبل جي ادبي تحريڪ” ۾ لکي ٿو ته: “اسان ٿا چئون ته ادب کي پنهنجو سچو پچو، حقيقي ۽ قابل قبول ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن اڄ سوڌو ادا نه ڪيو آهي. انهيءَ ڪري اسان ته چئون ٿا ته اها شاعري، اها ڪردار نگاري ۽ اها مضمون نويسي، جنهن ۾ انساني سڀاءُ ۽ انساني زندگيءَ جي مقصد ۽ ان جي حقيقي ترجماني نه ڪئي وئي آهي، سا نه ته جماليات سان انصاف ٿي ڪري ۽ نه نفسيات سان. ان ڪري اسان ته دعوت ئي اها ٿا ڏيون ته اسان کي گهرجي ته اسان سچو پچو، حقيقي ۽ زنده انسان پنهنجي اڳيان رکون ۽ ان جي سڄي ساري ڪردار کي اهڙيءَ ريت لکون جو معلوم ٿئي ته اسان جو ڪردار ڌرتيءَ تي رهڻ وارو، ڪم ڪار ڪرڻ وارو، گوشت پوست وارو سوچيندڙ ۽ پيداواريءَ ۽ خالق جو هڪ فرد آهي.” (افسانوي ۽ فڪري ادب: مرتب- جامي چانڊيو، 2007: 457، 458) هن وقت اسان جي ادب جو اهڙو ئي ڪردار هئڻ گهرجي، جتان اسان کي پنهنجي معاشري جا معاملا ۽ مسئلا ۽ انهن جو حل نظر اچي. الهداد ٻوهيو پنهنجي مضمونن ۽ مقالن واري عمل ۾ هن ئي معاشري کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڀلي اها معلومات اڄ کان ڪي ٽيھ يا پنجٽيھ سال اڳ جي ئي صحيح، پر اُن مان پنهنجي معاشري جو چٽو عڪس نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر ٻوهيو جون تحريرون جن کي پڙهي محسوس ٿئي ته هن جي تحريرن ۾ سموري معاشري جو عڪس آڏو گُهمي ٿو. هن معاشري کي هڪ نبض شناس حڪيم جي حيثيت سان ڏٺو، پرکيو ۽ پروڙيو آهي، جيڪي واقعا ڏک يا خوشيون کڻي اچن ٿا تن کي پنهنجي تحريرن جو موضوع بڻائي انهن واقعن جا سبب پيش ڪيا ويا آهن. الهداد ٻوهيو جي تحريرن ۾ سندس ماحول ۽ سماج کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو تجزيو ۽ تجربو ٻئي ملن ٿا ته انهيءَ کي ڪيئن تپاسيو ويو آهي. ڊاڪٽر ٻوهيو جنهن معاشري ۾ رهي ٿو انهيءَ وسيع تجربن جي بنياد تي ثابت ڪيو آهي ته معاشري جي لاچاري، اڻ ڄاڻائپ، سادگي ۽ بي وسي اها آهي ته مسڪين ۽ لاچار ماڻهو ڪاڏي وڃن ۽ ڪهڙي طرف ڪاهين، اُن بابت لکي ٿو ته: “اسان جي سماج ۾ عدل ۽ انصاف جي ادارن(Institutions)  جو فقدان هميشه رهيو آهي. اسان هن ڪمزوريءَ کي سنڌي سماج جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري سمجهون ٿا ۽ اهائي ڪمزوري آهي، جنهنڪري سنڌي سماج اڄ سوڌو پٺتي پيل سماج آهي.

هن ڪمزوريءَ جا نتيجا هيٺ ڏجن ٿا:

(1) غير محفوظ هجڻ جو تصور.

(2) زالن، ٻارن، ٻنين ۽ مال جي باري ۾ وڏي چنتا ۽ فڪر.

(3) صداقت ۽ وسيلن هوندي بي همتيءَ جو مظاهرو.

(4) دٻيل ۽ هيسيل سوچ ۽ غير ضروري فڪر.

(5) سماجي تبديليءَ جي سست رفتاري.

(6) معاشي ناانصافي ۽ معاشي پسماندگي.

(7) ڀرم ۽ وهم جو رجحان. (الهداد، 1978: 207)

اهڙي طرح معاشي پس ماندگي، معاشري جا ڏوراپا، طعنا، ميار، ٽوڪ ۽ پٽ پاراتو، سڏ يا ڪانڌ، هڪل بيزاري، حالتن سان ٺاھ، مذهب ۽ خدا جو تصور، مصيبت ۽ آفت جو تصور، سوڀ ۽ هار جو تصور، طبقاتي ڇڪتاڻ، وطنيت ۽ سنڌيت، عورت ۽ مرد جا لاڳاپا، وڏ ننڍائي، لڏپلاڻ، دوستي ۽ دشمني، موت ۽ زندگي، دعا، قضيي وغيره جهڙا بحث هيٺ آندا آهن. الهداد ٻوهيو جي شخصيت اسان جي منجهيل مسئلن جو حل ٻڌائيندي ڪيترن ئي رخن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هڪ ئي وقت استاد، آفيسر، شاعر، تعليمي ماهر، نفسياتي ۽ سماجي علم جو ڄاڻو، محقق ۽ نقاد جي حيثيت ۾ جيڪي تخليقي ۽ تحقيقي نثر جا عمده لاجواب ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا آهن تن مان الهداد ٻوهيو جو اهو سمورو فڪر پسي سگهجي ٿو. الهداد ٻوهيو جو ڪيترو ئي ادبي پورهيو آهي، پر سندس هڪ ڪتاب “ٻوهيي جون تحريرون” جنهن کي سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو آهي انهيءَ ڪتاب جي اڀياس مان ان جي تنقيدي، تحقيقي، تخليقي بصيرت اڳيان اڀري اچي ٿي. جيئن اسان مٿي ڄاڻايو آهي ته هُو هڪ ماهر لسانيات به هو اُن جي سموري خدمت کي ڏسي ايئن چئجي ٿو ته الهداد ٻوهيو سنڌي ادب ۾ هڪ تعليمي ماهر سان گڏوگڏ هڪ قابل دانشور جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هُو علمي، عملي، ادبي فلسفياڻي فڪر جو ڄاڻو هو، انهيءَ ڪري سندس تحريرن ۾ جيڪي ماهراڻيون ۽ معلوماتي ڳالهيون بيان ٿيل آهن تن کي پڙهي ساراهڻ کان رهي نٿو سگهجي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جي سموري حياتي اوڻهٺ سالن تي مشتمل هئي، انهيءَ زندگي ۾ جڏهن کان هوش سنڀاليائين تڏهن کان قلم ۽ قرطاس کي ساٿي بڻائيندي سموري زندگي علم ۽ ادب، شعر ۽ شاعري، تحقيق ۽ تنقيد کي موضوع بڻائيندي ٻوليءَ جي واهه جي خدمت ڪيائين ته ٻئي طرف تعليم جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيائين. سنڌي ادب ۽ ٻولي بابت بي شمار ليڪچر ڏنائين، انهيءَ ۾ هن پاڻ کي پنهنجي همعصرن تعليمي ماهرن ۽ اديبن سنڌي ٻوليءَ جي بهترين اديب طور ثابت ڪري ڏيکاريو. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جي علم ۽ ذهانت جو اندازو سندس پي ايڇ ڊي مقالي “سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج” مان لڳائي سگهجي ٿو، جڏهن سندس تحقيقي مقالي جو اڀياس ڪجي ٿو ته هُو اسان کي جنهن انداز سان سنڌي ٻوليءَ جي فلاسافي بابت جيڪي خيال ڏنا آهن سي اسان جي سوچ ويچار ۾ پختگي آڻين ٿا. هي سمورو مقالو پنجن ڀاڱن تي مشتمل آهي، انهن پنجن ڀاڱن ۾ ڪي باب رکيا ويا آهن، تن جي سري هيٺ مواد کي ورهائي جيڪا قيمتي معلومات ڏني وئي آهي تنهن مان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جي علمي، ادبي ۽ فڪري بصيرت جو اندازو ٿئي ٿو ته هُو وسيع مطالعو رکندڙ عالم هو، تحقيق هيٺ رکيل مواد جي معلومات مان اها ڳالھ عيان نظر اچي ٿي ته هن تحقيقي ڪم جي پيشڪش دوران جيڪي ماخذ آڏو رکي تحقيق پيش ڪئي آهي تن جي وڏي اهميت معلوم ٿي رهي آهي. هن ٿيسز جي ڀاڱي پهرين ۾، مکيه عنوان آهي: “سماج- ٻولي ۽ ڪلچر” جنهن ۾ پنج باب رکيل آهن. باب پهرين ۾ انساني سماج ۽ ان جي پسمنظر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ٻئي باب ۾ سماج- ان جي اپٽار ۽ جوڙجڪ کي ذڪر هيٺ آندو ويو آهي ۽ اهڙي طرح باب ٽئين ۾ ٻولي- ان جي وصف ۽ ڪارج کي بيان ڪيو ويو آهي. باب چوٿين ۾ ڪلچر جي وضاحت ۽ ڄاڻ ڏني وئي آهي ۽ تهڙي طرح باب پنجين ۾ سماج جي ڪن عموعي ڌارائن کي آڏو رکي معلومات ڏني وئي آهي. ڀاڱي ٻئي ۾ جنهن جو مکيه عنوان آهي: “سنڌي ٻوليءَ جو ادب ۽ ان جو سماجي اڀياس” مذڪوره عنوان جي سري هيٺ: باب پهريون: ادب- ان جي وصف ڪارج بابت معلومات ڏنل آهي. باب ٻيو: لوڪ ادب. باب ٽيون: جنهن جو مکيه عنوان آهي، “روز مره واري سنڌي ٻولي ۽ ان جو سماجي اڀياس” (سنڌي ٻولي سنڌي سماج جي سچي تصوير). اهڙي طرح ڀاڱي چوٿين ۾ اشارن واري ٻوليءَ جو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. هن مقالي جي پنجين ڀاڱي جو عنوان آهي: “علم معنيٰ ۽ ان جي سماجي حيثيت” کي نروار ڪيو ويو آهي. هي سموري ٿيسز ٽي سئو ستونجاھ صفحن تي مشتمل آهي. هن مقالي ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جا سمورا لوازمات سمجهائڻ جي ڀلي ڪوشش ڪيل آهي ته ٻئي طرف انسان جي ذهني ۽ فڪري ڪارج کي آڏو رکي تن مکيه ڪارڻن کي سماجي ڪيفيات جي روشنيءَ ۾ نروار ڪيو ويو آهي ته هن معاشري ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڪيئن ۽ ڪهڙي روپ ۾ ٿي رهيو آهي؟ انهيءَ جو حل ڪهڙو آهي سڀ ڪجھ هن مقالي جو موضوع آهي. انساني سماج ۽ ان جي پسمنظر کي سمجهائڻ لاءِ، ڊاڪٽر ٻوهيو جبلتي پيار، محنت، سمجھ، ماحول سان لاڳاپو، ضرورتن بابت لکي ٿو ته: “انسان جي سڀني تجربن جو بنياد، هن جي حياتيءَ جي دائري ۾ هن جو ضرورتون آهن جن ۾ هن جي جسماني (Physical) ۽ حياتياتي(Biological)  ضرورتن جو وڏو سامان شامل آهي.” (الهداد، 1978: 1) اهڙي طرح هن موضوع ۾ ٻولي جو دائرو، موت ۽ زندگيءَ جو تصور، ٻوليءَ جو مواد، زمين سان لھ وچڙ، پٿرن سان لھ وچڙ، جنهن ۾، ارتقائي جائزي هيٺ پهريون پٿر وارو زمانوEolithic  ٻيو پٿر وارو زمانوPaleolithic  وچون پٿر وارو زمانوMesolithic  پويون پٿر وارو زمانو (يا نئين پٿر وارو زمانو) Neolithic پتل وارو زمانوBronze age  لوهه وارو زمانو Iron age دورن جي هيءَ ورهاست زمين جي مشاهدي جي بنياد تي ٿي آهي، پر وقت جي مشاهدي تي چئي سگهجي ٿو ته اٽڪل ٽيھ هزار سال قبل مسيح جي پراڻي دور جي تهذيب جي معيار تي پهتي هئي. (الهداد، 1978: 5) اهڙي طرح ٻوهيو صاحب ڊارون جي سماجي نظريي ۽ روسي نظريي کي آڏو رکيو آهي. اهڙي طرح ڏاڪي به ڏاڪي پنهنجي تحقيق جي اوساري کڻندي مختلف رخ ڏيندي اڳتي وڌائيندو رهيو آهي. نسل، ڪلچر، فرد، گروھ، سماج، جديد طبقي، سماجي طبقي جو مفهوم، طبقي جي تاريخي حيثيت کان ويندي طبقاتي شعور کي تحقيق جي بحث هيٺ رکيو ويو آهي ۽ ايندڙ موضوعن تي ڪيل بحث ۽ ڪڍيل نتيجن کي آندو ويو آهي. هن مقالي ۾ ادب يا لٽريچر بابت بحث ڪيو ويو آهي ۽ عالمي ادب جي روشنيءَ ۾ لفظ “ادب” جو سنڌي ٻوليءَ واري مفهوم کي زير بحث آندو ويو آهي. مختلف حوالن کانپوءِ اهو به سمجهايو ويو آهي ته “جهڙيءَ ريت اسان جي ادب جو نئون نظريو اسان کي ادب جو هڪ واضح وڏو ۽ ويڪرو ۽ يقيني تصور ڏئي ٿو، اهڙي ريت نتيجي طور اهو اسان کي تنقيد جو هڪ وڏو نظريو به ڏئي ٿو.” (الهداد، 1978: 78) اهڙي طرح ادب جو تاريخي پسمنظر ذڪر هيٺ آندو ويو آهي. اهڙي نوعيت جي تحقيق پيش ڪرڻ ڪري اسان کي الهداد ٻوهيو وڏن ماهرن جي قطار ۾ نظر اچي ٿو. الهداد ٻوهيو جي ڪم جي مطالعي کانپوءِ، هڪ تاثر ذهن ۾ جڙي ٿو ته هن جي تحقيق جو طريقيڪار ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج ميمڻ، ڪاڪي ڀيرو مل، پروفيسر علي نواز جتوئي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻين ماهرن جي ڪم سان مشابهت رکي ٿو، پر انهيءَ ڪم جي هوبهو پيروي نه ڪئي وئي آهي، پر ان ۾ نواڻ نظر اچي ٿي جنهن ۾ هن پنهنجي نئين عمارت کڙي ڪئي آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جي فڪري ۽ فني تحريرن مان جيڪو لهجو نظر اچي ٿو، سو محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم جويي وانگر بلند ۽ خطيباڻو هو ته ٻئي طرف منفرد به آهي. ٻوهيو صاحب پنهنجي مختصر سفر ۾ ڪيترن ئي ادبي صنفن جي چونڊ ڪري هڪڙي سچائي ۽ جذبي سان جيڪو علمي، ادبي معلومات تي مبني ڪم پڙهندڙن کي ڏنو آهي، تنهن مان مقامي فڪر ۾ عالمي فڪر جو رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهيءَ لاءِ سندس ڪتاب “ادب جا فڪري محرڪ” جڏهن مطالعي هيٺ رکون ٿا ته هو سڀ کان اول انسان بابت خيالن جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته: “انسان پنهنجي هزارن سالن جي تاريخ ۾ جيڪي ذهني توڙي عملي واڌارا ڪيا آهن، سواءِ ڪنهن غلطي ڪرڻ جي نه ڪيا آهن. گهڻو ڪري واڌاري جي هر صحيح وک تمام گهڻين آزمائشن ڪرڻ ۽ غلظ وِکُن کڻڻ کانپوءِ کنئي وئي آهي.” (الهداد، 2013: مهاڳ) مذڪوره ڪتاب ۾، جيڪي عنوان رکيا ويا آهن سي آهن: زنده سماج سوچي ٿو جي فڪر کي آڏو آندو آهي ۽ اهڙي طرح سُک ۽ سُور جو رجحان، فڪري تحريڪون، ادب، تاريخ ۽ اسين، اشتراڪ، تنظيم ۽ اديب، سوچيندڙ سماج جون خصوصيتون: مسئلو، فيصلو، اڳواڻي ۽ قدرن جي وضاحت ڪئي وئي آهي. تهڙي طرح ادب جي فڪري پسمنظر کي هنن عنوانن ۾ بيان ڪري ٿو، سي آهن: ادب ۽ فڪر، ادب انسان جو اوائلي دور، لکڻ جو هنر، اوائلي دور جا فڪري رجحانات، قرون وسطيٰ جو فڪري ادب ۽ جدت پسنديءَ جو رجحان. اهڙيءَ طرح مذڪوره ڪتاب ۾ روم ۽ يونان جو عظيم ادب ڪيئن تخليق ٿيو، ان لاءِ يوناني شعر جنهن بابت چيو ويو آهي ته: “يونان جي شاعري دنيا جي پهرين مڪمل ۽ مستند شاعري آهي ۽ ارسطو توڙي ان دور جي ٻين دانشورن اُن شاعريءَ کي اڳيان رکي پوءِ “علم نقد” يا ادبي تنقيد جو بنياد وڌو آهي.” (2013: 74) انهيءَ لاءِ ڪن اديبن شاعرن جي احوال کي ذڪر هيٺ آندو ويو آهي، ان لاءِ هن جيڪي عنوان رکيا آهي، سي آهن: يوناني نثر جو ذڪر، حضرت سقراط، حضرت ارسطو، عظيم هومر، انجيل سڳورو، انجيل جي ادبي حيثيت ۽ ان کانپوءِ جيڪي عنوان رکيا ويا آهن سي آهن: مشرق جا عظيم ڪتاب، برهمڻن جا ويد، گوتم ٻڌ جا مذهبي صحيفا، ڪنفيوشس ۽ سندس ڏاهپ، زرتشت، قرآن حڪيم، روم ۽ مشرق. مذڪوره عنوانن کان علاوه هن ڪتاب جا ٻيا موضوع آهن: حياتياتي فڪر جا پهلو جن ۾: نظريو ۽ فڪر، عمليت ۽ ڪردار، جبر ۽ اختيار، ڊارون مئڪڊوگل جا انقلابي خيال، سماج پسنديءَ جي جبلت ۽ ڊاڪٽر ٽراٽر، معاشري جي اوسر جو حياتياتي تصور، فڪر جو ٻيو طريقو. ٻين موضوعن ۾: ارتقا جو نظريو، ڊارون جي فڪر جا ادبي رجحان… اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ ادبي فڪر جا تاريخي رجحان، فڪر ۽ فلسفو، ويهين صدي ۽ عقلي ڇنڊ ڇاڻ جو دور، ادب ۽ ڪرداريت ۽ سماجي تبديلي، مطلب ته يارنهن ئي مکيه عنوانن جي اندر ننڍا ننڍا عنوان هن ڪتاب جي علمي ۽ ادبي حيثيت کي اجاڳر ڪن ٿا، جيڪو ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جي فڪري معلومات پيش ڪرڻ جو ثمر آهي. ٽي سئو اوڻيهن صفحن جو هي ڪتاب تحقيقي، تنقيدي، فني ۽ فڪري، تاريخي ڄاڻ سان لاجواب شهپاري جي حيثيت ۾ سنڌي ادب ۾ خاص اهميت رکي ٿو. هن ڪتاب جي معلوماتي مقصد ۾ جا ڳالھ نظر اچي ٿي ته شعر فهمي، نثر گوئي جي جمالياتي پهلوءَ کي تاريخ جي روشني ۽ تسلسل ۾ رکڻ مان مراد هي آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪا معلومات ڏني وئي آهي سا هڪ دور جي گذري وڃڻ کانپوءِ ٻيو دور ان جي آجيان ڪري ٿو. جيڪو گذريل زمانو آهي اهو هلندڙ ۽ ايندڙ دور لاءِ جيڪو سامان مهيا ڪري ٿو. وڏن وڏن شاعرن ۽ اديبن جو ڪلام ۽ ڪارنامو زماني جي تبديل ٿيڻ کانپوءِ به انهن ناميارن عالمن جي ڇڏيل ورثي کي ڪا ڪٽ نٿي چڙهي، اهو ڪلام يا ڪارنامو هر دور ۾ ايئن ئي اهميت ۽ افاديت رکي ٿو، جيئن انهن جي پنهنجي دور ۾ هو. اسان کي اڄ به انهن ماڻهن جا ڪم ۽ ڪارڪردگيون سٺيون لڳن ٿيون ۽ انهن کان مدد وٺون ٿا: جرمني جي ڏاهپ کان ڪير انڪار ڪندو؟ سنڌ دنيا کي جيڪو تصوف ڏنو، آرٽ، ڏنو، اٽو (ڪڻڪ) ۽ لٽو ڪپھ به ڏني، پر جيڪا شڪايت آهي، سا هي آهي ته ماڻهن کي انصاف نه مليو. “آڳاٽي ۽ اوائلي دور ۾ يونان جي مفڪرن کانسواءِ، سينٽ آگسٽائين، سينٽ بٽيو ۽ روم جي ڪن مفڪرن سماجي تبديلي جو ڪم ڪيو. مذهب- خاص طرح ٻڌ ڌرم، مسيحت، اسلام- پنهنجو پاڻ فڪري تحريڪن جيان اڀريا، موجود رهيا ۽ توڙي جو پوءِ انهن جي نالي يا آڙ ۾ ڪي خوني تحريڪون به اُٿيون، پر انهن جي اهنسا پيار، امن ۽ سلامتيءَ وارا بنيادي تصور قائم ۽ موجود رهيا.” (2023: 29) ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو علم ادب جو اڃارو انسان هو، ان جي دلچسپي جو هڪ هي به پهلو آهي ته وقت بوقت تعليمي سيمينارن ۾ شريڪ ٿي ماهراڻي نموني تعليم تي ڳالهائڻ ۽ تعليم جي ترويج ۽ واڌاري لاءِ ڪوشان رهيو. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جو وصال به انهيءَ عشق ۾ ٿيو جو 16 جولاءِ سن 1994ع تي ٽنڊوآدم ۾ هڪ سيمينار ۾ خطاب ڪري رهيو جو اچانڪ کيس دل جو دورو پيو ۽ انهيءَ دوري ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين. اڄ سندس وفات کي لڳ ڀڳ ستاويهن سالن جو عرصو گذري چڪو آهي، ليڪن سندس علمي ۽ ادبي ڪم کي جهڙي طرح منظر عام تي آڻڻ گهربو هو، سو اسان نه آڻي سگهيا آهيون. ٻوليءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جون ڪيتريون ئي خدمتون آهن جن ۾ سندس پي. ايڇ. ڊي مقالو عنوان “سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج” جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي نهايت ئي اهم تحقيقي ڪتاب آهي، جنهن بابت دل چوي ٿي ٿي ته اُن جي هڪ هڪ نقطي ۽ نصيحتي فڪر کي آڏو رکي ان تي گهڻي کان گهڻو لکجي، پر مضمون ۾ گنجائش ڪونهي! مذڪوره ڪتاب جي مطالعي ۽ معلومات مان جا ڳالھ آڏو اچي ٿي ته محقق هن مقالي کي وڏي محنت ۽ مشقت سان تيار ڪيو آهي. مذڪوره مقالي ۾ جهڙي طرح، ڊاڪٽر ٻوهيي سنڌي ٻوليءَ جي فلاسافيءَ کي نهايت قيمتي معلومات سان آراسته ڪري پيش ڪيو آهي، تهڙي طرح موجوده دور ۾ اهڙي تحقيق جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو ٻوهيي مرحوم جيڪا قيمتي ۽ مفيد معلومات هن مقالي ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهن ۾ سندس سنجيدگي، سچائي وک وک تي نظر اچي رهي آهي. سنڌي ادب ۽ زبان ۾، جيڪڏهن موجوده دور جي تحقيق تي نگاھ وڌي وڃي ته اڄ اسان وٽ تحقيق جي شعبي ۾ اهڙي نوعيت جي تحقيق جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي. هن وقت الهداد ٻوهيي جهڙن محققن ۽ نقادن کي ڪٿان آڻجي جو نوجوان نسل جي تربيت ڪن. اسان کي موجوده صورتحال کي ڏسي صدمو پهچي ٿو ته جيڪي عالم صحيح معنيٰ ۾، سنڌي ٻولي ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو رکن ٿا تن کي ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هن وقت جيڪا لسانيات جي نالي سان تحقيق پيش ٿي رهي آهي اُن ۾ ڪيترائي مونجهارا آهن. اهي مونجهارا ڪيئن حل ٿيندا سو هڪڙو سوال آهي؟ اسان کي ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، مرزا قليچ بيگ، جارج ابراهم گريئرسن، ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، پروفيسر علي نواز جتوئي، محمد ابراهيم جويو، پوپٽي هيرا ننداڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي، سُنيتي ڪمار چئٽرجي، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، ليلو رُچنداڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سراج ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر حامد علي خانائي، پرفيسر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، محمد عمر چنڊ، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، داد محمد ‘خادم’ بروهي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، تاج جويو، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر شازيه پتافي، رياضت ٻرڙي، ڊاڪٽر جوکيي، ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ جهڙن عالمن جي لساني ڪم جو گهڻي کان گهڻو اڀياس ڪرڻو پوندو ۽ ڪن نوجوانن ۾ عتيق الرحمان ميمڻ، امر فياض ٻڙڙي وغيره جهڙن عالمن جي ڪم کي مدنظر رکڻو پوندو. دل جي ڳالھ آهي ته هن وقت ٿورا ماڻهو آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جا خواهان آهن باقي اڪثريت اهڙن ماڻهن جي نظر اچي ٿي جن وٽ تربيت ڪونهي جن وسيلي هُو ٻين ماڻهن کي ڪجھ پنهنجي علم مان ڏئي سگهن ۽ ڏيڻ لاءِ انهن وٽ صرف نقصان ڪرڻ آهي. هن وقت سنڌي ادب جي تحقيقي ميدان کي اهڙن محققن جي گهرج آهي جيڪي الهداد ٻوهيي وانگر پنهنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي سنڌي ادب جي وسيع دامن جو فني، فڪري ۽ نظرياتي بنيادن تي تاڃو پيٽو جوڙين. هن وقت جيڪي ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن تن وٽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا رٿابندي ڪرڻ وارا گس ڪونهن! ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪا تحقيق ٿي رهي، سا موجوده دور جي ضرورت پٽاندر حالتن جي ابتڙ آهي. اسان کي هن وقت سائنسي بنيادن تي پنهنجون تحقيقون پيش ڪرڻ جي ضرورت درڪار آهي. اڄ جيڪا به تحقيق ٿي رهي آهي سا هن دور جي تقاضائن جي ابتڙ آهي. ڇاڪاڻ جو جڏهن پراڻي تحقيق کي آڏو آندو ويندو آهي ته انهيءَ جو تاڃو پيٽو به نئون اُڻيو ويندو آهي، جيڪو نٿو جوڙيو وڃي.

***