ڪرنٽ افيئرز / حالات حاضره

جمهوريت ۾ رياست انور قاضي May 2021

پوري دنيا ۾ سواءِ چند ملڪن جي حڪومت جو ڪار وهنوار جمهوري طريقن سان هلايو وڃي ٿو پوءِ پارلياماني جمهوري طريقو هجي يا سڌو سنئون صدارتي چونڊ. ان جي نتيجي ٺهندڙ حڪومت نج سياسي اصولن تي هلي عوام لاءِ بهتر کان بهتر قدم کڻي عوام کي ترقي وٺرائين ٿيون. قانون، انصاف، امن، تعليم، صحت ۽ روزگار جا گهڻي کان گهڻا موقعا پيدا ڪرڻ انهيءَ حڪومت جو فرض بڻجي وڃي ٿو. مطلب ته سياسي اڳواڻ عوام جي طاقت تي رياست جي اڳواڻي ڪن ٿا ۽ رياستي ادارا پڻ انهن سياسي اڳواڻن جي پٺڀرائي ڪن ٿا جن کي عوام جي اڪثريت جو اعتماد حاصل هوندو آهي. سياسي ادارا پنهنجي پنهنجي قانوني حدن ۾ رهي سياست ۽ عوام کي ترقي وٺرائين ٿا، ڪورٽون انصاف ڪن ٿيون، قانون نافذ ڪرڻ وارا قانون جو نفاذ ڪندي امن امان ۽ قانون جي عملداري يقيني بڻائين ٿا. انتظاميه جا آفيسر پنهنجو پاڻ کي عوامي حڪومتن اڳيان جوابدار محسوس ڪن ٿا. اهي ملڪ يقينن ترقي ڪن ٿا.

اسان وٽ ايئن نه آهي اسان نالي ۾ جمهوري ملڪ آهيون، پر حڪومت عوام جي مرضي سان نٿي اچي، اچرج جي ڳالهه ته اها آهي سگهاريون ڌريون پنهنجي هٿ سان ٺاهيل حڪومتن سان به سهڪار نٿيون ڪن بس انهن کان ڪمداري ڪرائين ٿيون. اگر ڪمدار کان ٿوري ڀل چُڪ ٿي نه آهي ته ٻيو ڪمدار تيار آهي حڪومت لاءِ نه پر ڪمداري لاءِ، اهڙي ڪڌي ڪاروبار کي هلائڻ لاءِ پاڪستان کي تفرقي جي بارود ڀريل ڍير تي بيهاريو ويو آهي. بس ان بارود کي سڀني کي ڏيکارڻ جي ضرورت آهي جيتري باهه لڳرائڻي آهي لڳائبي، ان کانپوءِ پاڻي به پاڻ کڻي اچبو آهي ۽ ان باهه کي وسائي عوام کي اهو باور ڪرايو ويندو آهي ته ڪمدارن جو حال نه آهي اسان نه هجون ته اوهان پل به زنده رهي نه سگهو ها. عوام کي مختلف نالن ۾ به ورهايو ويو آهي، خاص هٿيار مذهب آهي ان کانپوءِ قوميت جي نالي تي ۽ نسلي بنيادن تي انهن ۾ نفرتن جو ٻج پوکيو ويو آهي، جيڪو هاڻي وڌي وڻ ٿيو آهي، ان وڻ کي پڻ اهي ئي ڌريون تحفظ ڏين ٿيون جن جو انهن ۾ مفاد آهي. افسوس تڏهن ٿئي ٿو ته موجوده ڪمزور حڪومت ۽ ڪمزور وزيراعظم پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه آيو آهي جيڪو پڻ سندن پيداوار آهي پوءِ انهيءَ کي به برداشت ڪرڻ سندن وس ۾ نه آهي ايئن ٿو لڳي بس انهن جي لاءِ حڪومت ٺاهڻ، ان کي پريشان ڪرڻ يا انهيءَ کي ڊاهڻ بس هڪ راند آهي ۽ هو اها راند رهڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهن شايد جو انهن وٽ ٻيو ڪوبه ڪم نه آهي. اسان جي معاشري جي سهپ ۽ رواداري بلڪل ختم ٿي وئي آهي، مذهب جي نالي تي عوام جو نقصان جاني توڙي مالي، جيڪي جانيون ضايع ٿين ٿيون انهن کي ڪهڙو نالو ڏجي جيڪي پوليس وارا پنهنجي فرض جي بجا آوري ڪندي اجل جو شڪار ٿيا انهن کي شهيد چئجي.  اگر سابق وزيراعظم قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي چئي ته مان توکي جوتو هڻندس. اگر هلندي فل ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ جو جج صاحب ڪاوڙجي اٿي هليو وڃي. پوءِ عام ماڻهو کي ڪهڙو ڏوهه ڏيون. جنهن جي وس ۾ صرف ووٽ آهي ۽ ان جي به ڪا اهميت نه آهي. عام ماڻهو هر وقت شديد دٻاءُ ۽ خوف ۾ آهي، معاشي طور، جسماني طور پوءِ اهو ڪهڙو بهتر فيصلو ڪري سگهندو، پوءِ هو مار کائي به شڪر ڪري ٿو بک تي رهي به شڪر ڪري ٿو ته اڄ جو ڏينهن زنده رهيس. عزت نفس نالي ڪابه شيءِ ناهي بس خوف ۽ لالچ، عام ماڻهو کان هر ڪم ڪرائي ٿو. خوف گهڻو ۽ لالچ گهٽ. وري خاص ماڻهن کان لالچ گهڻو ڪڌو ڪم ڪرائي ٿي پوءِ جيڪي خوف ۽ لالچ جو ڪاروبار ڪن ٿا انهن لاءِ آساني ٿيو وڃي. عوام کي عزت، احترام، سهپ ۽ رواداري ڪير سيکاري مطلب ماسڪ پائڻ لاءِ به کيس مار جو ڊپ ڏيڻو پوندو ڄڻ ڪنهن مدرسي جو خطابي آهي.

افسوس عمران خان جي حڪومت جو اچڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو، وڃڻ سمجهه ۾ نٿو اچي. ويچارو ايترو ته فرمانبردار آهي جو جيئن چون ٿا ايئن ڪري ٿو. اڍائي سالن ۾ چار وزير خزانه ٻه ته پ پ کان ورتل پوءِ آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن جي ڪري اهڙي ڪمزور حڪومت به قابل قبول نه آهي. رمضان شريف کانپوءِ بقايا بچيل پي. ڊي. ايم پر سوئي رهي آهي. شهباز شريف کي به عدالتي ڇڪتاڻ کانپوءِ ضمانت ملي اسان جي  عدالتي نظام تي الائي سوال ٿين ٿا. ڇا جج صاحبان نٿا سوچين ته سندن وقار ۽ عدالت جي وقار جو ڪيترو نقصان ٿئي ٿو. عوام جو اڀرو سڀرو اعتماد به عدالت تي نٿو بيهي. ضمانت ٿين وري چار ڏينهن کانپوءِ هڪ جج صاحب جو اختلافي نوٽ تي رد ٿين. وري چار ڏينهن کانپوءِ ٽن ججن صاحبان جو متفقه فيصلو اچڻ ته ضمانت منظور آهي مذاق نه آهي ته ٻيو ڇا آهي.

بهرحال عيد کانپوءِ ڏسون ته پي. ڊي. ايم ڪهڙو ٻوٽو ٿي ٻاري اگر پي. ڊي. ايم نه ته جهانگير خان ترين پاڻ سان چاليهن جو ٽولو “علي بابا وارو نه” صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو پاڻ سان گڏ کنيو ٿو وتي ڪورٽ ۾ به ته ميڊيا ۾ به. ان جي پٺيان به طاقت ڪنهن جي؟ سمجهڻ وارا سمجهي وڃن.

حاصل مطلب ته حڪومت کي يا عمران خان کي سک جو ساهه ناهي کڻڻ ڏيڻو. هي اهو ئي صاحب آهي جنهن جهاز ڊوڙائي ڊوڙائي پي. ٽي. آءِ کي اڪثريت ڏياري ان وقت ايترو خرچ ڪر پيو هاڻي وري بي ايمان آهي. اسان وٽ اصولن جي ترازي مختلف آهي. ڦودني ۾ ڦير به آهي وٽ به کوٽا آهن. هاڻي عمران خان هن سان پهرين جهڙو نه رهيو آهي.

ڪڏهن ايئن هئاس جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا

اڄ ايئن ٿياس جو جت نه نينم پاڻ سين.

محسوس ايئن ٿو ٿئي عمران خان کي هٽائڻ جي تياري مڪمل ٿي چڪي آهي بجيٽ ويجهي آهي ڪورونا جو زور وڌي رهيو آهي ان ڪري ٽن يا چار مهينن کانپوءِ عمران ۾ هٿ پوندا. آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ لڳي ايئن ٿو ته همراهه نه هوندو. پي. ٽي. آءِ حڪومت رهي يا قومي حڪومت اچي اهو فيصلو اڃان ٿيڻو آهي.

ڏسون ٿا آگسٽ به پري نه آهي. بس هڪڙي گذارش آهي ته ٻيلي ڪجهه پاڻ کي به ٺيڪ ڪريو عوام جو حال اوهان جي سامهون آهي.