”سنڌي شاعريءَ جي ڪهڪشان جا ستارا“ جو اڀياس وسيم سومرو اپريل 2022

شهرجي سانجهيءَ تي ستارا هئا يا نه مون کي خبر ناهي، پر سڪرنڊ روڊ پهچندي، منهنجي آڏو ٻه ستارا چمڪندي، مون ضرور ڏٺا هئا، هڪ حنيف سومرو ۽ ٻيو راشد لکمير!

اسان جي اکين جي خاموش مکا ميلي ۾ ٻه چار لمحا پوپٽ جيان ڪيئن اڏامي ويا خبر ئي نه پئي. بس هنن جو ڏنل ڪتاب، ”سنڌي شاعري جي ڪهڪشان جا ستارا“ مون هٿن ۾ محسوس ڪيو.

مون محسوس ڪيو ته منهنجي هٿن ۾ هي سائين عبدالحڪيم ارشد جو ڪتاب نه هو بلڪه هن جا معصوم هٿ هئا، جن کي الائي ڪيترا ڀيرا مون حرڪت ۾ ڏٺو هو. هٿ ملائيندي، ڀاڪر ڀريندي، پني تي ڪجھ لکندي. سائين کاٻي هٿ سان لکندو هو. مون وٽ ڪابه اهڙي تصوير ناهي، جنهن ۾ هو ڪجھ لکندي نظر ايندو هجي، پر تصور جون سوين هزارين تصويرون منهنجي ذهن ۾ اڃان به زنده آھن، جن کي ڪنهن وقت به البم جيان کولي مان ڏسي سگهان ٿو.

گهر پهچي مون پهرين ٿڌو ساھ ڀريو ۽ پوءِ ڪتاب جي ورقن کي کوليو.

مون ڪتاب جا ورق ورايا ته اهي تيز هوا ۾ ڪنهن کلندڙ ڪتاب جي ورقن جيان کلندا ويا.

ڪتاب جي پهرئين صفحي کان آخري صفحي تائين مون پنهنجي نظر کي پکيڙي ڇڏيو.

ايئن منهنجي پهرين نظر فهرست تي پئي ۽ مون پيش لفظ پڙھڻ شروع ڪري ڇڏيا. خاموشي جا ڪِن هفتن کان منهنجي مٿان لٿي هئي، اها وڌيڪ گهري ٿيندي وئي هتي هي پيش لفظ نه هئا ڪو محبت نامو هو، جنهن جي سٽ سٽ ۾ پيار سان گڏ جذبي جي اٿل هئي ۽ لفظ لفظ ۾ ڪو ٻرندڙ ڏيئو هو، جنهن ۾ انساني تاريخ جي اونداھ گهري ٿي، اندر گهيري رهي هئي. پيش لفظ پڙهڻ بعد مون پنهنجي موبائل جي مئسينجر تي راشد لکمير جو نالو ڳوليو، ڳولي مون هي لفظ لکڻ شروع ڪيا…

اوهان جا پيش لفظ پڙهي منهنجا نيڻ آلا ٿي ويا، جنهن تي ڪن هفتن کان خاموشي لٿل آھي، وڌيڪ خاموش ٿي ويو آھيان. ايترا گهرا ۽ ڳوڙها لفظ، جن ۾ درد سمنڊ جي تکي سير جيان وهندڙ آھي.

پيش لفظ پڙهي مون کي ايئن لڳو ڄڻ راشد به انهن مزدور غلامن جيان سڄو ڏينهن، ڪنهن اهرام ٺاهڻ لاءِ پٿر ڍوئي ڍوئي لفظن جي پريان اميد جو لهندڙ سج ڏسي رهيو آھي ته سڀاڻي جو سج ساڳيو اڀرندو يا مختلف!

عالم انسانيت کي هميشه سڀاڻڪي سج بابت ڳڻتي رهي آھي، اڄ جيڪا سڀاڻڪي سج جي جنم ماءُ آھي، اها جيڪا مون سوين ڀيرا سائين عبدالحڪيم ارشد سان ڪالھ ۾ بدلائي هئي. اها اڄ سائينءَ جي لکيل ڪتاب ”سنڌي شاعريءَ جي ڪهڪشان جا ستارا“ جي مهورتي تقريب جو جهومر ٿي اڳيان آئي آھي ۽ مان سراپا خوش آھيان. هن ڪتاب ۾ مون سميت جن جن به شاعرن جي شاعريءَ تي سائين عبدالحڪيم ارشد پنهنجي نگاھ جي پيار جي ورکا ڪئي آھي، اُها گلاب جي سرخ پنن جهڙي مهڪندڙ ۽ سانوڻ ۾ وسندڙ مينهن جي هڳاءُ جهڙي من موهيندڙ آھي.

سائين ارشد جنهن تي به لکيو ۽ جڏهن به لکيو سدائين دل جي حضور سان لکيو ۽ عقيدت ۾ نيڻ نمائي لکيو. هو سمجهندو هو ته سڀ جز هڪ ڪل جو حصو آھن، سڀ لهرون ساڳئي ساگر جو روپ آھن، رڳو انهن جا درشن ڌارو ڌار آھن، ايئن مون کي به سائين عبدالحڪيم ارشد جا لکيل هي سڀ ليک هڪ اهڙو آئينو لڳن ٿا، جنهن جا ڏيک الڳ الڳ آھن. هو لکي ٿو ”راشد جي شاعري سندس با شعور ذهن ۽ زنده ضمير جي آواز جو پڙاڏو آھي. هو جڏهن به قوم کي ڪنهن ڏچي ۾ ڏسي ٿو ته سندس روح مان هڪ رڙ نڪري ٿي وڃي“

سائين ٻئي هنڌ لکي ٿو ”جڏهن منهنجي دل تي ڪو ٻوجھ ۽ ذهن تي مونجھ تري ايندي آھي ته ھن انقلابي، صوفي ۽ سماج جي غلط ريتن رسمن ٻنڌڻن ۽ بندشن کان باغي شاعر سان سور سلي پنهنجي اڃايل روح جي تسڪين ڏيندو آھيان“

ها اهو سچ آھي ته سائين ارشد واقعي هڪ اڃايل روح هو، جنهن کي مون هميشه فڪري عمل ۾ سرگردان ڏٺو ۽ هي به سچ آھي ته سائينءَ جي نثر جي ڇوليءَ ڇوليءَ جو پنهنجو ڇوھ ۽ لهر لهر جي پنهنجي لئه آھي!

سندس نثر جو هي نمونو ڏسو! جيڪو هن خاڪي جويي جي شاعريءَ تي لکيو آھي. ”خاڪيءَ جي شاعرانه رچنائين ۾ سونهن ئي سونهن پئي جرڪي، خاڪي ان حسن جي عشق ۾ پنهنجو پاڻ کان گم نينهن جي نشي ۾ گم آھي. سندس پير پلصراط تي آھن، هن جي آڏو پهاڙن جو پنڌ آھي.“

منهنجو نظرياتي استاد خاڪي جويو سنڌي ادب ۾ هڪ عظيم پورهيت جي علامت رهيو آھي، ان بابت هڪ ٻئي هنڌ سائين ارشد هينئن ٿو لکي: ”مان مڃان ٿو ته خاڪي مئڪسم گورڪي ناهي پوءِ به خاڪيءَ ئي ڏانهن ڏسندي الائي ڇو مون کي مئڪسم گورڪيءَ جي لڱ ڪانڊاريندڙ زندگي ياد اچي ويندي آھي.“ ان ساڳئي مثال کي هڪ ٻئي هنڌ سائين ارشد هينئن ٿو رقم ڪري، ”خاڪيءَ خلا ۾ ويهي ڪو نه لکيو آھي، آئون کيس سنڌ جو گورڪي سڏيندو آھيان. ڇو ته هن زندگيءَ جي تتل آويءَ مان پچي، پڄري، لال ٿي پوءِ لکيو آھي.“

سائين مير محمد پيرزادي جي شاعريءَ تي لکندي سائين ارشد پنهنجي دل جي ڪيفيت کي هينئن بيان ڪري ٿو:

جڏهن به آئون زندگيءَ جي رستي تي هلندي هلندي پنهنجو پاڻ کي اٻاڻڪو، وياڪل ۽ ويڳاڻو محسوس ڪندو آھيان ته بي اختيار منهنجا نيڻ منهنجي جيءَ ۾ جهومندڙ انهيءَ گلدستي ڏانهن کڄي ويندا آھن ۽ انهن ساٿ سنگت جي سرهاڻ جون لهرون جڏهن منهنجي شعور، منهنجي تصور ۽ ذهني سطح کي ڇهنديون آھن ته مون کي هڪ عجيب سڪون، سرُور ۽ خوشي محسوس ٿيندي آھي.

هن سڄي گلدستي ۾ اڄوڪي محفل جي مور مانواري مير محمد پيرزادي جي سڳنڌ نهايت نياري آھي. اڳتي لکي ٿو: ”هڪ سٺي سرجڻهار تي سندس مزاج جو رنگ، سندس تخليقي عمل مان ئي پرکي سگهجي ٿو. مير محمد پيرزادو جيئن ته نفسياتي طور تي هميشه سنجيده، غير جذباتي ۽ متوازن شخصيت جو مالڪ آھي، ان ڪري سندس معتدل مزاج جو اهو اعتدال سندس تخليقي عمل ۽ فني ڪاوشن تي نهايت نمايان آھي.“

سچ پچ هنن سٽن جي آرسيءَ ۾ جڏهن سائين مير محمد پيرزادي جي صورت کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته سائين اسان کي هوبهو ايئن نظر اچي ٿو، جيئن سائين ارشد کيس منعڪس ڪيو آھي.

هي هڪ طويل ڪتاب آھي، جنهن جو مهاڳ تاج جويي لکيو آھي. تاج جويو منهنجو سونهون ۽ ساڳي چوياريءَ جو چنڊ آھي. اها مون لاءِ سچ ته اچاري ڳالھ آھي ته هن ناياب ڪتاب ۾ سائين عبدالحڪيم ارشد جي تاج جويو جي شاعريءَ تي راءِ شامل ناهي.

تاج جويو لکي ٿو ته اسان جا سينيئر شاعر گهڻو ڪري نون شاعرن کي داد ڏيندي بخل محسوس ڪندا آھن ۽ سندن وڌندڙ وکن ۾ ڏانوڻ وجهڻ جي ڪوشش ڪندا آھن…

ارشد نون شاعرن جو نه رڳو اتساهيندڙ آھي، پر انهن جي لڪل صلاحيتن کي ظاهر ڪري کين اڳتي وڌڻ جو ڏس به ڏيندو آھي.

بلڪل ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي، سائين ارشد سدائين اسان جي اندر جي شاعر جي پنهنجي روح جي اڇل سان آجيان ڪئي ۽ اسان جي شعري واٽ تان مشڪلاتن جا پٿر ڀري ڪيا، جي منهنجو مهربان ۽ سٻاجهو ساٿي علي خان چانڊيو، منهنجو هٿ سائين ارشد جي هٿ ۾ نه ڏي ها ته اڄ مان بحيثيت وسيم سومرو شاعر به نه هجان ها.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments