سنڌي ٻوليءَ جو يگانو ڪهاڻيڪار ۽ عظيم ليکڪ: علي بابا : مرتضيٰ ناز

علي بابا سنڌي ٻوليءَ جو عظيم ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ناول نگار هو، جنھن اڄ کان 50 سال اڳ موهن جي دڙي جي تھذيب تي ”موهن جو دڙو“ ناول لکيو، جيڪو سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. جڏهن ته سندس لکيل ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياهه“ 1978ع ۾ جرمنيءَ جي ميونخ شھر ۾ ٿيل ڊراما فيسٽيول ۾ دنيا جي 89 ملڪن مان ٽئين نمبر بھترين ڊرامي جو ايوارڊ حاصل ڪيو هو. اهو پاڪستان جو پھريون ڊرامو هو، جنھن بين الاقوامي ايوارڊ حاصل ڪري سموريءَ دنيا ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو هو. جنھن تي پاڪستان جي سرڪار علي بابا کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض 1987ع ۾ حسن ڪارڪردگيءَ جو صدارتي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، پر پاڻ اهو ٺڪرائي ڇڏيائين ۽ انتھائي غربت جي باوجود سموري زندگي ڪنھن به سرڪاري امداد جي لالچ نه رکيائين.

علي بابا جي پھرين ڪھاڻي، ڊسمبر 1960ع ۾ ٽماهي ”مھراڻ“ ۽ سندس آخري ڪھاڻي، 2016ع ۾ شايع ٿي. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“، 1983ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو پڻ سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. سندس ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”آيل ڙِي اولاڻا“ 1984ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ سندس ٻنهي مجموعن ۾ شامل ڪھاڻين ۽ نين ڪھاڻين تي مشتمل مجموعو ”منھنجون ڪھاڻيون“ جي عنوان سان 1994ع ۾ شايع ٿيو. ان جو ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن طرفان شايع ٿيو. علي بابا جو مشھور ناول ”موهن جو دڙو“ پھريان ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ قسطوار شايع ٿيندو رهيو. جڏهن ون يونٽ واري زماني ۾ ”روح رهاڻ“ رسالي تي بندش وڌي وئي ته ان ناول جون باقي قسطون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ شايع ٿيون. اهڙيءَ طرح اهو ناول ڪتابي صورت ۾ پھريون ڀيرو 1985ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو مڪمل نه هو. ان کانپوءِ ان ناول جا وڌيڪ ڇاپا به شايع ٿيا. علي بابا ٻارن لاءِ هڪ ناول ”سنڌ باد جو سفر“ به لکيو، جيڪو 1993ع ۾ شايع ٿيو. مجموعي طور تي علي بابا پنھنجي اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تي مشتمل ادبي سفر دوران 300 جي لڳ ڀڳ ڪھاڻيون، 100 ٽي وي ۽ ريڊيو جا ڊراما ۽ ٻه ناول لکيا. ان کان علاوه پاڻ ”اروڙ جي جنگ“ بابت هڪ اڻپورو ناول ۽ پنھنجي آتم ڪٿا به لکي، جيڪي گم آهن. علي بابا شاعري به ڪئي. سندس مشھور گيت ”اسين ماڻهو لاڙ جا…“ سموريءَ دنيا ۾ شھرت حاصل ڪري چڪو آهي. علي بابا جي وفات کانپوءِ سنڌ جي ثقافت کاتي پاران 8 آگسٽ 2017ع تي سنڌ الاجي ڄامشوري جي تعاون سان علي بابا جي پھرين ورسي ملهائي وئي. ان موقعي تي ثقافت کاتي پاران علي بابا جي شايع ڪرايل ناولن ”سنڌ باد جو سفر“ ۽ ”موهن جو دڙو“ جي نون شايع ٿيل ڇاپن جو مھورت پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي پھريون دفعو ثقافت کاتي پاران شايع ڪيل علي بابا جي ناول ”موهن جو دڙو“ جا ٻئي ڀاڱا گڏ شايع ڪري سندس ناول کي مڪمل صورت ۾ شايع ڪيو ويو، جنھن کي علي بابا جي لکڻين سان پيار ڪندڙن پاران ساراهيو ويو. ان سان گڏ 8 آگسٽ 2017ع تي ئي علي بابا جي پھرين ورسيءَ جي موقعي تي ثقافت کاتي ۽ سنڌ الاجيءَ طرفان ڄامشوري ۾ علي بابا جي نالي سان ڪارنر قائم ڪيو ويو، جنھن جو افتتاح سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکارين شوڪت حسين شورو، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر رسول ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اسحاق سميجي ڪيو. ان ڪارنر ۾ علي بابا جا ڪتاب ۽ استعمال جون شيون رکيون ويون. علي بابا جي وفات کانپوءِ ڊاڪٽر اسحاق سميجي پاران 2017ع ۾ سلسليوار ”سارنگا“ جو علي بابا نمبر شايع ڪيو ويو، جنھن ۾ علي بابا بابت هند سنڌ جي برک ليکڪن پاران علي بابا جي شخصيت ۽ فن بابت لکيل مضمون ۽ مقالا شامل ڪيا ويا. ان صورت ۾ مواد توڙي معيار جي لحاظ کان علي بابا جو خاص نمبر شايع ڪري، کيس بھترين خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ان کان علاوه ڊاڪٽر اسحاق سميجي پاران 2017ع ۾ علي بابا جي ڪھاڻين جي اڳ شايع ٿيل ڪھاڻين جي مجموعن کان رهجي ويل، پر مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل ڪھاڻين تي مشتمل ڪھاڻين جو مجموعو ”جنم ڀومي شمشان ڀومي“ روشني پبليڪيشن پاران شايع ڪرايو ويو. ان کان علاوه ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي تحقيق ۽ ترتيب هيٺ سنڌ جي ثقافت کاتي پاران 2017ع ۾ ئي علي بابا جي سمورين شايع ٿيل ڪھاڻين تي مشتمل ڪھاڻي ڪليات ”علي بابا جون ڪھاڻيون“ جي سري هيٺ شايع ڪرايو ويو. ان ڪليات ۾ علي بابا جون فقط ان وقت تائين هٿ اچي سگهيل ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون. جڏهن ته ان ڪليات کان علاوه علي بابا جون ڪيتريون ئي ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪھاڻيون اڃان تائين شايع ٿيڻ کان رهيل آهن. علي بابا جي وفات کانپوءِ کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ادبي رسالن، مخزنن ۽ اخبارن پاران پڻ سندس بابت مواد شايع ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ٽماهي ”تخيل“ ۽ ماهوار ”سنڌيا“ پاران پڻ سندس بابت خاص ڪارنر شايع ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح علي بابا جي وفات کانپوءِ سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه پاران علي بابا جي نالي کي يادگار بڻائڻ خاطر سندس ڪوششن سان سنڌ اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرائي، علي بابا جي اباڻي شھر جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪوٽڙيءَ جو نالو علي بابا جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. ان جو نوٽيفڪيشن 22 سيپٽمبر 2016ع تي جاري ڪيو ويو.

ان کان علاوه علي بابا جي وفات کانپوءِ سندس شخصيت ۽ فن جي ادبي اهميت کي اجاگر ڪرڻ خاطر شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جي سنڌي شعبي پاران علي بابا تي تحقيقي مقالي لکڻ تي محترم غلام مرتضيٰ نانگور (مرتضيٰ ناز) کي 2016ع ۾ ايم فل جي ڊگري ڏني وئي. ان کان علاوه ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران پڻ ڪنھن محققه کي علي بابا جي شخصيت ۽ فن تي تحقيقي مقالي لکڻ تي ايم فل جي ڊگري ڏني وئي آهي.

سنڌ جو هي يگانو ڪھاڻيڪار ۽ عظيم ليکڪ 8 آگسٽ 2016ع تي سنڌ کان وڇڙي ويو، پر سندس لکڻيون سنڌي ادب جو اهم سرمايو آهن، جيڪي هر دور ۾ سنڌ جي نئين نسل ۾ پنھنجي ٻولي، تاريخ، تھذيب ۽ وطن سان محبت جو جذبو پيدا ڪنديون رهنديون.

 اي سنڌ جا عظيم ليکڪ! تون پنھنجي لازوال لکڻين جي صورت ۾ هميشه زنده رهندين.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments