سنڌي پٽي ۾ ڃ، ڙ، ڱ، ڻ، ء جي حوالي سان : ضرورت ايجاد جي ماءُ؟ : منظور سولنگي

اسان کي تاريخ ۾ زبان لکت ۽ خوشخطي، الفابيٽ، صورتخطي جي متعلق ڪافي روايتون ملن ٿيون. انهن روايتن کي ڇڏيندي اسان جڏهن تاريخ جو اڀياس ڪريون ٿا ته خبر پوي ٿي ته دنيا جون سڀئي شيون انسان جون ٺاهيل ۽ ايجاد ڪيل آهن ۽ چوندا نه آهن ته ”ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي“ جي مصداق. زندگي جي ضرورتن انسان کي انھيءَ ايجاد تي مجبور ڪيو.

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ شبھو نه آهي ته زبان خيال جي اظھار جو سڀ کان پهريون ذريعو آهي، پر اڻپورو، اسان انهيءَ کان ان حد تائين ڪم وٺي سگهون ٿا جيستائين آواز پهچي سگهي ٿو. ان کان علاوه اها قائم رهڻ واري شيءِ نه آهي. ان جي برعڪس لکت قيدن ۽ ڪوٽن ۾ بند قيد نه آهي. هر ماڻهو هر وقت ان مان فائدو ۽ لاڀ پرائي سگهي ٿو. اسان ان کي ايندڙ وقت ۽ نسلن لاءِ به محفوظ ڪري سگهون ٿا ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان کي پهچائي سگهون ٿا. جيئن ته اها ڳالهه واضح آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. جڏهن قديم زماني جي انسان کي ڪن ضروري ڳالهين ۽ يادگيرين کي محفوظ رکڻ ۽ انهن کي ٻين تائين رسائڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته هن پنھنجي سمجهه آهر ڪي نشانيون مقرر ڪيون جن مان ڪي اڄ به موجود آهن، جيئن ڳڻپ لاءِ ليڪن ڪڍڻ جو طريقو ۽ طرف ڏسڻ لاءِ هٿ يا تير جو نشان جيڪي تھذيب جي اولين دور جون يادگار آهن.

بعد ۾ جيئن ته سڀني قومن پنھنجي پنھنجي نموني چٽ ۽ نشان ٺاهڻ جي گهرج محسوس ڪئي. انهيءَ ڪري اسان آساني سان اهو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته تحرير جو فن ڪنهن خاص قوم جي ايجاد نه هو. بلڪه مختلف قومن پنهنجي ليکي لکڻ جي ڪوشش ڪئي. البته بعد ۾ باهمي ميل جول جي ڪري هڪٻئي جي لکت کي به متاثر ڪيو.

زبان ٻوليءَ کانپوءِ انسان جي سڀ کان وڏي ايجاد تحرير جو فن آهي. جنهن تي انساني تهذيب ۽ شائستگي جو دارو مدار آهي. انهيءَ مفيد فن کانسواءِ اسان ڪنهن تهذيب جو تصور به نٿا ڪري سگهون. جيڪڏهن انسان لکڻ جي ايجاد نه ڪئي هجي ها ته اڄ به هنن جي زندگي وحشين وانگي بسر ٿئي ها.

زبان فرض ڪيل آوازي اهڃاڻن جو مجموعو آهي. يعني انهن اڪيلن آوازن جي ترتيب سان جيڪي انسان پنهنجي وات مان ڪڍي سگهي ٿو. انهن مان هزاين ٻٽا يا مرڪب آواز يا لفظ جڙن ٿا. (حرفن نشانين مان اکر جڙڻ). اهي آواز مختلف شين لاءِ انهن جي نالي طور استعمال ٿين ٿا. انهيءَ جو مطلب اهو هوندو ته انساني حافظو هر انهيءَ شيءِ جي تصوير کي تصور جي اک اڳيان آڻي جنهن جو نالو ورتو وڃي ٿو. لفظن جي گهڻي بار بار استعمال سان اهي تصويرون تحت الشعور ۾ ٺهيو وڃن ۽ دماغ کي هر ڀيري انهن جي تصوير ٺاهڻي نٿي پوي.

زبان جيان تحرير جي فن ۾ هڪ فرضي شيءِ آهي. يعني انسان طرفان ادا ڪيل آوازن لاءِ اهڃاڻ يا نشان مقرر ڪيا ويا آهن ۽ انسان ذات کي هڪ خاص طبقي ۾ اها ڳالهه متفق نموني مڃي وڃي ٿي ته فلاڻو نشان فلاڻي آواز کي ظاهر ڪري ٿو. اهڙي نشان کي هِجي وارا اکر يا تهجي حرف چوندا آهن. انهن کي پڙهڻ جي معنيٰ اها آهي ته انسان انهن آوازن کي دهرائي جن جو اهڃاڻ انهن نشانين کي قرار ڏنو ويو آهي.

تحرير جو فن جذبن ۽ خيالن جي اظھار جو هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن جو واسطو ڏسڻ واري حس سان آهي ۽ اها هڪ قائم رهڻ واري شيءِ آهي. زبان جيان تحرير جي فن جون به ٻه صورتون آهن. هڪڙي اها جنهن ۾ اکر ڪتب آندا وڃن ٿا ۽ ٻي اها جنهن ۾ تصويرون ڪتب آنديون وڃن ٿيون انهن کي پڙهيو نه ويندو آهي، پر انهن کي فقط ڏسي سمجهيو ويندو آهي جنهن کي تصويرن ذريعي بصري تعليم جو طريقو چيو وڃي ٿو.

سنڌ جي فتح کان اٺ ورهيه پوءِ سر بارٽل جي ڪوشش سان ۽ مسٽر ايلس جي رهبريءَ ۾ مخدوم ابوالحسن واري سنڌي کي سنواري سڌاري سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ خاص صورتخطي ”عربي سنڌي“ مقرر ڪئي وئي. ان وقت جو سنڌي ادب گهڻو ڪري مذهبي هو جو ملڪ جي وڌندڙ علمي ۽ ادبي ضرورتن جو پورائو نٿي ڪري سگهيو. اها الف- ب واري پٽي هيءَ هئي.

ا ب ٻ ء ت ث ٽ ٺ ث پ

ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ

ڊ ڍ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ

ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ

گهه ڱ ل م  ن ڻ و هه ء ي.

جيئن ته سنڌي صورتخطي 1853ع ۾ انگريز دور ۾ ايجاد ٿي. هن ۾ ڪل 52 حرف آهن. جنهن ۾ 4 نج سنڌي، 3 فارسي، 16 سنسڪرت ۽ 29 عربي ٻوليءَ جا اکر ملايا ويا آهن. حقيقت ۾ هن صورتخطي ۾ ڪل 54 اکر آهن جن مان 52 مفرد ۽ 2 اکر مرڪب آهن. گهه، جهه. ٽٻڪا ڏنل ڪل اکرن جو تعداد 34 آهي جن مان 20 کي مٿان ٽٻڪا ۽ 14 کي هيٺان ٽٻڪا ڏنل آهن. جڏهن ته بغير ٽٻڪن وارا 18 آهن ۽ ڪل 72 ٽٻڪا پوري پٽي الف ب ۾ آهن. ٽٻڪن وارن حرفن کي منقوط ۽ بغير ٽٻڪن وارن اکرن کي غير منقوط چئبو آهي ۽ هن پٽي جي هر حرف ۾ اها اهليت موجود آهي ته هو ______ ۾ اچي لفظ جوڙي ٿو جنهن جي مڪمل معنيٰ ۽ مفھوم هجي ٿو. جيئن ڏسو هيٺ اکرن ۾:

ڃ: ڃوڃڻ-ونگ

ڙ- ڙاڪون- ڦاٽل زمين

ڱ-ڱڱو-ڳاڙهو ٽٽول نوجوان

ڻ-ڻڻو-اهو چڻو جو نه ڳري

ء-ئوئان-ننڍڙي ٻار جو روئڻ

ڃ-مُڃ. ڙ-ماڙي. ڱ-سِڱُ. ڻ-وڻُ. ء-ائُٽُ.

ڪافي ڏينهن کان اها اڻ تڻ پئي رهي آهي ته 2008ع ۾ جڏهن مان پنهنجي اسڪول جي دوستن سان ٿر جي ياترا تي ويو هئس ته اتي ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ هڪ چشمو پيو وهي ته ڪجهه دوست ڪاسٻو ويا ته ڪي اتي ئي رهي پيا. ان دوران مون اهي لفظ اتان جي ڪنهن ماڻهو جي واتان ٻڌا هئا. ان زماني ۾ جواني جي ڪري هن طرف ڌيان نه ڏيئي سگهيس. حالانڪه اهي لفظ مستقل دل ۽ دماغ ۾ پيهجي ويا. وقت گذرڻ سان گڏ ذهن ۽ دل تان لهي ويا، پر مٽجي نه سگهيا ته اسان وٽ اسان جي ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ به آهن. ذهن تي گهڻو زور ڏيڻ ۽ ان جي باري ۾ مختلف ڪتاب ڏسڻ اديبن سان ڪچهريون ڪرڻ جي دوران به مون کي اهڙي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سڀ ماڻهو يا ڪتاب، لڪير جا فقير، معنيٰ ڪنهن به ان طرف ڌيان نه ڌريو آهي. اتفاق سان منهنجي ڪليگ برادرم اعجاز چانڊيو جي والده هن فاني دنيا کي خيرآباد چئي باقي دنيا طرف رواني ٿي وئي. ان جي دعا گهرڻ حاضر ٿيس ۽ ڪچهري ڪندي ڪندي مٿيون مسئلو زيرِ بحث آيو ۽ مون ان کي چيو ته اسان وٽ ڪي اهڙا حروف آهن جن سان لفظ نٿا جڙن ان دوست مون کي موبائل تي اهي لفظ موڪليا ۽ ڏٺم ته بلڪل اهي ساڳيا لفظ هئا جيڪي مون هڪ غريب ٿريءَ کان ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ ٻڌا هئا، پوءِ خوشيءَ جي حد ئي نه رهي.

ايئن پئي ڀاسيو ته ڪو خزانو هٿ چڙهي ويو اٿم. منهنجي خيال ۾ اهڙا خزانا هنن لفظن تان قربان ڪري ڇڏجن. اسان جي ٻولي جي الف- ب 52 اکري يا 54 اکري چئجي ۽ اسان جي ٻولي جي 52 حرفن ۾ ئي اها طاقت ۽ قوت موجود آهي. جو اهي لفظ حرفن جي اڳواڻي ڪري سگهن ۽ مهڙ ۾ اچي حرفن سان لفظ ٺاهين جن جي معنيٰ ۽ مفهوم بلڪل چٽو ٿئي ٿو. اهي لفظ مشڪور ڦلڪاري جي ڪتاب ”سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه“ مشڪور ڦلڪارو ۾ موجود آهن.

اها هن ٻوليءَ جي تمام وڏي خاصيت چئجي. ان حوالي سان اسان جي ٻولي امير ترين ٻولين مان هڪ آهي. محترم قارئين ٻولين جو معاملو البته سنگين قسم جو هوندو آهي. ان ۾ ڪابه هيرا ڦيري نٿي ڪري سگهجي. ايئن نه ٿئي جو ”ڪينگر کان اُٻنگ ڳورو ٿي پوي“ سوچ جو سلسلو هلندو رهيو، پر جڏهن مالڪ سائين مهرباني ڪري ٿو ته رستا خود بخود کُلي وڃن ٿا. ٿيو ايئن ته 6.6.2021 تي بحريا ٽائون ڪراچي خلاف ڌرڻي ڌڻين جي تحريڪ جي دوران مان به سوشل ميڊيا جو حصو بڻيل هئس ۽ هر پوسٽ کي شيئر پئي ڪيم ۽ ماحول ايترو وڻندڙ لڳو ڄڻ ته سنڌ جاڳي پئي آهي ۽ هر طرف ”ڱڱا جوان“ ڳڀرو ڳاڙها ڳٽول جوان نظر پئي آيا جن کي ڏسي ڪري دل کي فرحت ۽ روح کي راحت پئي ملي ۽ ان ڏينهن اهو سلسلو ختم ٿي ويو ته ڪا سنڌ گدڙن کاڌي آهي. هي ڌرتي شينھن جوانن جو ديس آهي. جيڪي پنهنجي ماءُ ڌرتي تي ڌارين جي قبضي خلاف هڪ ڇٽ ٿي بيٺا آهن. انشاءَ الله ڪاميابي اسان جا قدم چمندي ۽ حق وارن جي هميشه جيت ٿيندي آهي. اهو اسان جي قرآن ڪريم ۾ به حڪم آيل آهي ته پنهنجي حقن جي لاءِ وڙهو، پوءِ جي وڙهندي اوهان مري وڃو ته شهيد جي لسٽ ۾ شامل ٿيندو ۽ اهو سلسلو ايستائين هلندو رهندو جيستائين هن ڌرتي تي ڪوبه دشمن نه رهندو. انهن ڳڀرو جوانن جا نعرا ٻڌندي ذهن ۾ خيال آيو ته ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ جيڪي لفظ مون ٻڌا هئا ۽ انهن جو ثبوت به هڪ دوست وٽان ملي ويو. نون معاملن کي اڳتي وڌائجي. معزز پڙهندڙ حضرات ان عمل کي اڳتي وڌائيندي مون هن وقت جو سنڌي الف- ب قائدو گهرايو. اهو ڏسڻ جي لاءِ ته واقعي اسان جي ٻوليءَ ۾ اها اهليت آهي جو هن جا سڀ حروف مھڙ ۾ اچي لفظ ٺاهي سگهن ٿا. مون اهو قائدو ڏٺو ۽ اهي حروف جن جي باري ۾ اسان کي هي ٻڌايو ويو آهي ته هي حروفن سان ساڳي آواز وارو لفظ نٿو بڻجي سگهي، کي غور ۽ فڪر سان ڏٺم. تڏهن ته پنھنجي خوشيءَ جي حد ئي نه رهي جڏهن پنھنجي فارمولي تحت 52 حرف مھڙ ۾ اچي هم آواز لفظ ٺاهڻ جي صلاحيت رکن ٿا، پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته اهي لفظ ته ابوالحسن ٺٽوي جي الف- ب ۾ آهن ته خدا آباد جي خط واڻڪي ۽ ٻين خطن ۾ بلڪه هن وقت ۾ ان کي پراڻي زماني جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پڙهايو وڃي ٿو. جيئن ته اسان جي ٻولي جي عربي سنڌي الف- ب ابوالحسن ٺٽوي جي سنڌي آڌار تي ٻڌل آهن ۽ ان کي سنواري سڌاري پٽي تيار ڪئي وئي. جنھن ۾ ان وقت جا ٻه انگريز ۽ اسان جي سنڌ جا 8 عالم حضرات شامل آهن. ان کانپوءِ جان جيڪب ان کي سنواري سڌاري هڪ پٽي جي صورت صوبي جي اسڪولن ۾ چارٽ ٺهرائي موڪليا ته جيئن ان کي پاس ڪرايو وڃي. ان کانپوءِ اسان جي ناليرن اديبن جي آڏو اها الف- ب جي پٽي هلندي رهي ۽ هلي رهي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان طرف ڇو نه ڌيان ڏنو ويو ته اسان جي ٻوليءَ جي هر حرف مھڙ ۾ اچي لفظ ٺاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو جنھن جي معنيٰ ۽ مفھوم به آهي، پر اسان کي پڙهايو ويو آهي ته سڀني حرفن ۾ اها صلاحيت موجود نه آهي. بلڪل ايئن جيئن انگريز چئي ويا. اڳتي ڪنھن به قسم جي ڪا تحقيق نه ٿي. ان معاملي ۾ سنڌ اندر ڪافي اديبن ٻولي ۽ الفابيٽ تي پي. ايڇ. ڊيون به ڪيون آهن، پر انھن به انھن حرفن ڏانھن ڌيان نه ڏنو آهي. جيڪڏهن الف ب قائدو پڙهبو ته اسان جي ڪتابن ۾

ڃ_مُڃ هن ۾ ”م“  جو آواز اچي ٿو. نه ”ڃ“ جو.

ڙ_ ماڙي_ هن ۾ به م جو آواز اچي ٿو، نه ”ڙ“ جو.

ڱ_سڱ_هن ۾ س جو آواز اڳ اچي ٿو. نه ”ڱ“ جو.

ڻ_وڻ_ هن لفظ ۾ و جو آواز اڳ اچي ٿو. نه ”ڻ“ جو.

ءِ_ائٽ_ هن ۾ ا جو آواز اچي ٿو. نه ”ء“ جو.

هاڻي جڏهن تارو لکڻو آهي ته ان ۾ ت جو آواز اڳ اچي ٿو.

بلا بدڪ کي لکڻو هوندو ته ب جو آواز اڳ اچي ٿو. نه ل جو نه الف جو.

سواءِ مٿين اکرن جي ٻيا سڀ حرف پنهنجي لفظن اڳيان اچي لفظ ٺاهين ٿا. پر ڃ_ڙ_ڱ_ڻ_ ء مددي لفظن جي طور تي اچن ٿا، پر اڳ ۾ نٿا اچن بقول اسان جي الف- ب پٽي جي. ان معاملي ۾ ٿوري گهڻي ڊڪ ڊوڙ ڪئي اِجهو هي ڏسو ڃ ڙ ڱ ڻ ء پاڻ لفظ ٺاهين ٿا.

ڃ_ڙ_ڱ_ڻ_ ء مان لفظن جو ٺهڻ:

ڃ_ڄڃ_ (ڄ؟) = ڃوڃڻ (صحيح)

ڃوڃڻ

ڍڳي يا مينهن کي ڏهڻ وقت رسي، کي جا پوين ٽنگن ۾ وڌل، ٻڌل ونگ يا ڌِنگ کي سڏبو آهي (ڃوڃڻ).

بيت- ڃوڃڻ:

ڃُوڃڻ چني آءُ تون، من ٿئي مشڪور،

ڇو ٿو پڇائين پور، اٿ ته ماڙيون آجپو.

ڙ_ ماڙي (م ؟×) = ڙاڪون (صحيح)

ڙاڪون: درياهه جي پيٽ ۾ پيل واري ۾ ڦوٽ يا ڏار

بيت: ڙاڪون:

ڙاڪون سِندو پيٽ مٿان، کارو پيو پائي،

کپر ٽن کائي، جن ٻڌا ڊئم ڊوهه سان.

ڱ_سڱ (س؟×)= ڱڱو (صحيح)

ڱڱو_ڳڀرو_ڳاڙهو ڳٽول_ڳاڙهو رنگ.

ڱڱو نالي راجا ڏاهر جي فوج ۾ هڪ بھادر سنڌي پهلوان هو.

بيت:

ڱڱا پٽ ڄايا، مائون مرڪڻ لئه،

ڪونڌر ڪڏي آيا، ساک کڻي ٿڃ جي. (م. ڦ)

ڻ_وڻ (و ؟×)= ڻڻو (صحيح)

ڻڻو_چڻو، جيڪو ڪيترو به ڪاڙهڻ سان نه ڳرندو هجي.

بيت:

ڻڻو، چَڻو ۽ نينهن، ڪاڙها سھن ڪڙهڻ جا؟

پڇن راتيان ڏينهن، الڪو رکي نه آڳ جو. (م.ڦ)

(ء) الف ننڍڙو. اِئٽ = ( ا ؟× ) ئوئان ئوئان (صحيح)

ئوئان، ئوئان- ننڍڙي صغير ٻار جي روئڻ جو آواز. ننڍڙي ٻارڙي جو روئڻ.

بيت:

ئوئان ئوئان ئوئان، دردن جي ٻولي،

جيجل جي لولي، احساس آدميت جو. (م. ڦ)

 مٿين لکڻي مان ظاهر ٿيو ته اهي حرف جن لاءِ (ڃ) جي لاءِ مُڃ لکيو اٿن. واڻ جنھن مان (م) جو آواز اچي ٿو نه ڪي (ڃ) جو. جڏهن ته ڱ جي لاءِ ساڳيو ئي آواز جو لفظ اسان وٽ ڃُوڃڻ بيٺو آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي (مڃ) کي ڪڍي ڃُوڃڻ، ونگ جي تصوير ڏني وڃي ۽ اهو مينهن ڏهڻ مهل ان جي پوئين ٽنگن ۾ رسي جي ٽڪري يا رئو وغيره ٻڌل ڏيکاريو وڃي ته بهتر ٿيندو ۽ ٻار آساني سان اها ڳالهه سمجهندو ۽ صورتخطي به درست ٿي پوندي.

وري اچون ٿا ”ڙ“ تي:

ڙ- حرف جي لاءِ اسان جي پٽي ۾ (ماڙي) وڏي جاءِ، ٻھاڙ جاءِ جي تصوير رکي وئي آهي جاءِ ته درست آهي، پر ماڙي جي هِجي ڪجي ٿي ته (م) جو حرف پهريون اچي ٿو جڏهن ته حرف آهي ”ڙ“ جو ۽ ماڙي ۾ ”م“ جو آواز اچي ٿو. هن حرف لاءِ هم آواز ئي لفظ گهربل آهي. ماڙي بلڪل غلط آهي. ”ڙ“ جي لاءِ لفظ موجود آهي ”ڙاڪون“ درياهه جي پيٽ ۾ سڪي وڃڻ بعد واري ۾ پيل ڦوٽ يا ڏار ته پوءِ اسان جي الف- ب پٽي ۾ شڪل ۾ ماڙي جي جاءِ تي ڙاڪون لکيو وڃي ۽ درياهه جي پيٽ ۾ سڪل واري ۾ پيل ڦوٽ يا ڏار جي تصوير ڪڍي ڏني وڃي جا بلڪل درست آهي.

ڏسو ڱ= کي سڱ لکيو ويو آهي. جڏهن ته هن ۾ ڱ جي جاءِ تي ”س“ جو آواز اچارجي ٿو جو بلڪل غلط آهي. ان جي جاءِ تي ڱ جو آواز اچڻ کپي ۽ اهو لفظ به موجود آهي.

ڱڱو- ڳڀرو- ڳاڙهو ٽٽول، ڳاڙهو رنگ اسان ڪنهن ڳڀرو جوان لاءِ عام ڪري ايئن چوندا آهيون ته يار ڏس ته هي همراهه ته ڳاڙهو ڳٽول لڳو پيو آهي. معنيٰ بھادر، همت ڀريو، صحتمند جوان ٻيو هيئن به چوندا آهن ته گرمي جي موسم ۾ ڪنن جي پاپڙين مان رت ٿي ٽمي وهڻ جي ڪري چئبو آهي ته پاپڙين مان رت ٿي ٽميس. پاپڙيون گرمي جي ڪارڻ بلڪل ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن اها صفت جي نشاني آهي. سڱ جي جاءِ تي ڳاڙهي ڳٽول بھادر جي تصوير ڏيڻ کپي جا بلڪل تز آهي يا ڪنھن انب وغير جي جنهن جو رنگ ڳاڙهو هجي ڏني وڃي.

ڻ- کي ڏسو ان جي لاءِ وڻ لکيو اٿن جو بلڪل غلط آهي. هن ۾ (و) جو اچار اچي ٿو. جڏهن ته ”ڻ“ جو آواز اچڻ گهرجي. (ڻڻو) اهو چڻو جيڪو ڪيتري به ڪاڙهڻ سان نه ڳري.

ء- ننڍڙو جي لاءِ اِئٽ جو اچار لکيو ويو آهي هن ۾ الف جو آواز اچي ٿو جڏهن ته ”ء“ ننڍڙي جو آواز گهربل آهي. ان جي لاءِ به سنڌي ٻوليءَ جي هر گهر ۾ اهو آواز گونجي ٿو. ئوئان، ئوئان ننڍڙي ٻار جي روئڻ جو آواز. ”ئوئان، ئوئان“ جڏهن ٻار ڄمندو آهي يا ان کي امڙ آڍيندي آهي ته اهو ٻار ئوئان ئوئان ڪري روئندو آهي. هي هڪ ڏک جي روئڻ جو آواز آهي. ان جاءِ تي ابهم ٻارڙي جي روئڻ جي تصوير ڏني وڃي ته بهتر ٿيندو ۽ ٻوليءَ ۾ اهڙا هزارين لفظ به جڙي ويندا. منهنجي وسوارن کي اها استدعا آهي ته فورن هن طرف ڌيان ڏيو ۽ پنهنجي ٻولي لغت ۾ هزارين لفظن جو واڌارو ڪريو.

واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم اعليٰ اختيارين جو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments