بلاگ

سنڌ جو ابن بطوطه: مـٺـل جـسـڪـاڻـي امداد سهتو

چوندا آهن ته جوانيءَ جو سفر تعليم ۽ پيريءَ جو سفر تجربو آهي (بيڪن). ڪوبه ماڻهو سفر جي تعليمي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهي. سفر ڪتابن کان بهتر سيکاري ٿو. سفر صحتمند واڌ ويجهه لاءِ به ضروري آهي. ٽيگور جو چوڻ آهي ته دماغي صحت ۽ ڪتابي راشن چرپر بنا ڪلاسن جي جيل جهڙين ديوارن پويان هڪ هنڌ بيٺل اسڪول ۾ حاصل نٿو ٿي سگهي.

سفر ڪنهن به تخليقي ذهن رکڻ واري جي لاءِ نون خيالن جي راهه هموار ڪندو آهي. نئين جاءِ، نوان ماڻهو، انهن جا ڌار ڌار طور طريقا ۽ اتان جون جاگرافيائي، سياسي، سماجي ماحولياتي حالتون هڪ ليکاري کي مشاهدن جو موقعو ڏين ٿيون. هو جڏهن پنهنجي انهي احوال کي ڪوري ڪاغذ تي بيان ڪري ٿو ته پڙهندڙن کي انهن مشاهدن ۽ تجربن ذريعي ڄاڻ ملي ٿي.

مٺل جسڪاڻي هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي. زرعي مهارت کان وٺي نثر نويسيءَ تائين، ايئن چوڻ ۾ ننڍ وڏائي نه ٿيندي ته هن هر ميدان ۾ پورهيو ڪري پاڻ پتوڙيو آهي ۽ پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي. سنڌي ادب ۾ الطاف شيخ جا ڪيئي سفر ناما ڇپيل آهن. سندس اندازِ بيان ايترو ته سادو، سليس ۽ ڄاڻ سان ڀرپور هوندو هو جو ڪچي عمر ۾ به خرچيءَ جا پئسا گڏ ڪري نيو فيلڊس جي آئوٽ ليٽ تان خاص طور وڃي الطاف شيخ جا اهي ڪتاب وٺندا هئاسين.گهڻي وقت کان وٺي سائين الطاف شيخ جا به نوان ڪتاب نظر مان نه گذريا آهن. هاڻي مٺل جسڪاڻي جو ڪتاب جڏهن هٿ ۾ آيو آهي ته انهيءَ گهڻي حد تائين اهي سڪون لاٿيون آهن.

پنهنجي ڪتاب سفر بخير ۾ مٺل جسڪاڻي سفر جي شروعات هڪ اهڙي شهر کان ڪئي آهي، جنهن لاءِ چوڻي آهي ته “جنهن لاهور نه گهميو سو ڄڻ ڄائو ئي ناهي.”

پهرئين ئي ڏينهن مٺل لاهور کي خوب لتاڙيو هو، جنهن ۾ هن عجائب گهر ۽ اتي حاجت گهر ڏسي حيدرآباد جي راڻي باغ، عيدگاهه کي ياد ڪرڻ، اتي داتا دربار جي فقيرن کان وٺي شاهي قلعي جي امير امرائن کي اکين ۾ جاڳائي خوب ڳالهيون ڪيون آهن. هو جڏهن رات جي پنڇيءَ کي سمهاري موٽي اچي ٿو ته لڪشمي چوڪ جي مشهور ڀت جي تصور سان سندس وات پاڻي ٿئي ٿو. ٻن ڏينهن ۾ مٺل وسان ڪري لاهور کي خوب لتاڙيو آهي.

لاهور کان علاوه پنڊ دادن خان ۾کيوڙه لوڻ جي کاڻ، ڊوميلي، راولپنڊي، اسلام آباد، ڪوهه مري، ايوبيا ۽ مظفر آباد ڪشمير بابت هن ڪتاب ۾ ڏنل ڄاڻ ۽ مشاهدي منهنجي به ذهن ۾ گهڻي حد تائين اتي جا ماڻهو، ڪجهه دوست ۽ سندن بابت مشاهدو تازو ڪري ڇڏيو آهي.