سنڌ جو سورهه ڪمانڊر ۽ تاريخي ڪردار لعل بخش جسڪاڻي | # فيبروي 2022
مدد علي سنڌي جو ٻيو بيمثال ڪتاب سنڌ جي سورھ ڪمانڊر ۽ تاريخي ڪردارThe forgotten hero of Sindh Duleh Darya Khan سنڌ جو وسريل ھيرو دولھ دريا خان جيڪو سنڌ جي سما خاندان جي آخري بادشاھ ڄام نظام الدين جو فوجي ڪمانڊر ۽ وزيراعظم ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي سنڌ جي آزادي جي حفاظت ڪندي آخر ۾ سنڌ جي گادي واري تاريخي شھر ٺٽي ۽ ملڪ جي آزادي کي بچاءُ ۽ حفاظت ڪندي جام شھادت نوش ڪيو ۽ تاريخ ۾ امرتا ماڻي. ھي ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ ٽيويھن مقالن تي آڌاريل آھي، جيڪي سنڌ جي وچين دورMedieval تاريخن منجھان چند اھم تاريخدانن جا مضمون ھن شھيد اعظم بابت موجود آھن، اھي شامل ڪيا ويا آھن. باقي جديد تاريخدانن ۽ محققن جا مقالا ۽ مضمون شامل ڪيا ويا. سپھ سالار دولھ دريا خان جي سورھيائي، سچائي ۽ لازوال جدوجھد تي پھريون انگريزيءَ ۾ ضخيم ۽ مدلل ڪتاب سنڌ جي وڏي محقق ۽ سنڌي نثر جي شھزادي مدد علي سنڌي جي تاليف آھي. محمد ابراھيم جويو ٽرانسليشن بيورو، ڪلچر ڊپارٽمينٽ ڪراچي سنڌ طرفان 2021 ۾ ڇپايو ويو. ڪتاب ۾ اڪبر لغاري پبلشرز نوٽ، سيد سردار علي شاھ مھاڳ ۽ مدد علي سنڌي جي ايڊيٽوريل نوٽ سميت سڀئي مختصر مضمون نھايت خوبصورت ۽ تاريخي معلومات تي آڌاريل آھن. ڪتاب جي شروع ۾ ڊاڪٽر احمد حسن داني جھڙي عالم جو ٺٽي جي تاريخ ۽ جاگرافي تي شاندار مقالو جاءِ والاري ٿو ھن ترتيب ۾ دولھ دريا خان جي شخصيت ۽ تاريخي ڪردار تي مير معصوم بکري، مير علي شير قاني، ايم. آر. ھيگ، جي. ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر انصار زاھد خان، خورشيد حسن شيخ، سيد حاڪم علي شاھ، ڊاڪٽر رياض اسلام، سھيل زھير لاري ۽ ياسمين لاري، غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر مانجھي، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، نور احمد جنجھي ۽ پروفيسر اعجاز احمد قريشي جا مقالا جديد تحقيقي طريقي سان ھن ڪتاب ۾ ڏنل آھن. ھنن مقالن ۾ دولهه دريا خان جي سوانح حيات شخصيت ڄام نظام الدين سمي جي سپھ سالار ۽ وزيراعظم جي حيثيت ۾ سنڌ جي چپي چپي ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ارغون حملا آورن دشمنن سان جنگ جوٽي لاڳيتو ٻارھن سالن تائين ڌارين کي ٽوٽا چٻايا ۽ پنھنجي فوجي صلاحيتن وسيلي سنڌ جي سرحدن جي ڀرپور حفاظت ڪئي. دولھ دريا خان جنھن جو اصل نالو مبارڪ خان ھو خان اعظم ۽ دريا خان سندس اعليٰ صلاحيتن کي مڃيندي لقب مليا جيڪي پنھنجي سورھيائي تربيت ۽ اعليٰ ذھانت وسيلي سنڌ جي سخي ۽ امن پسند بادشاهه ڄام نظام الدين سمي جي مثالي قيادت ۾ ھن سورھ سپھ سالار سنڌ ۾ امن آشتي سک ۽ سلامتي قائم ڪيائين. سندس رعب ۽ دٻدٻو ايترو ته ھو جو رات جو ڪو ٻار روئي کيٽو ڪندو ھو ته مائرون چونديون ھيون ”ماٺ ڪر نه ته دريا خان اچئي ٿو“ ٻار ھڪدم ماٺ ٿي ويندا هئا دريا خان جي اھڙي خوف جو تصور پنھنجن لاءِ ڪونه ھو، پر ڌارين حملي آورن ۽ سنڌ جي دشمنن لاءِ ھو. دريا خان دشمنن لاءِ ھر وقت خوف ۽ دھشت جي علامت بڻيل ھو. ڄام نظام الدين دريا خان کي ننڍپڻ کان پُٽيلو ڪري پالي اعليٰ فوجي ۽ سياسي تربيت ڪئي ۽ سنڌي فوج جي قيادت سنڀالي ورتي جو سندس ڏھڪاءُ ملڪان ملڪ پئجي ويو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب دولھ دريا خان کي لاشاري قبيلي سان واسطو ڄاڻائي ٿو. جڏھن ته ھن جو واسطو سماٽ قبيلي جي قبوليو ذات سان ھو جيڪي باغبان پور علائقي موجوده دادو ضلعي ۾ ھو. جتي دريا خان جي اوطاق ۽ قلعي جا تاريخي نشان پڻ مليا آھن ۽ قبوليو ذات جا ماڻھو اڄ به ھن علائقي ۾ رھن ٿا جيڪو دولھ دريا خان جي قبوليو ھجڻ جو تاريخي ثبوت آھي. ھن ڪتاب ۾ اھڙا تحقيقي مقالا ثبوت طور موجود آھن. قديم زماني کان سبي سنڌ جو صوبو ھو ارغونن حملو ڪيو وڏي ويڙھاند ھلي جنھن ۾ شاھ بيگ ارغون جو ڀاءُ مارجي ويو، سندن فوج دولھ دريا خان کان ھار مڃي واپس قنڌار ڀڄي وئي، جيڪو دريا خان جي تاريخي ڪاميابي ۽ فوجي تربيت جو نتيجو ھو. ان کانپوءِ ارغون لاڳيتو سازشون ڪندا آيا ۽ سنڌ تي غاصباڻي قبضي لاءِ ڄام نندي جي وفات کانپوءِ ڪٽڪ ڪاھي سيوھڻ ۽ بکر فتح ڪري ٺٽي تي حملو ڪيو. دريا خان وڏي فوج وٺي ساڃھ ونديءَ سان مقابلو ڪيو، ارغونن ڏٺو ته سنڌ دريا خان جي حياتي ۾فتح نه ٿي سگھندي، تنھنڪري سازش سٽي قرآن پاڪ تي ڳالھين لاءِ دريا خان کي راضي ڪيو. دريا خان جيئن تنبو ۾ داخل ٿيو دشمن اوچتو لڪي وار ڪيو. دريا خان جي شھادت کانـپوءِ ارغونن يارھين محرم کان وٺي 20 محرم تائين يزيدي لشڪر جو ڪردار ڪري ٺٽي شھر جي بيگناھ سنڌي شھرين جو رت وھايو ۽ نسوري ڪربلا ڪري ڏيکاري. دريا خان جي شھادت 20 ڊسمبر 1520 يارھين محرم 927A.H تي ٿي ۽ تاريخدانن ھن کي خرابيءَ سنڌ جو دور سڏيو. ھي وطن، غلاميءَ جي غار ۾ سوا ٻه سئو سالن تائين ڌارين ظالمن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي قبضي ۾ رھيو ۽ 1737 تائين سنڌي سک ڪونه ستا، لاڳيتو قاتلن، دھشتگردن ۽ ڦورن سان ويڙھاند جاري رکي وطن عزيز جي آزادي لاءِ جان مال جون بيپناھ قربانيون ڏنيون ۽ تاريخ ٺاھي. اڄ دولهه دريا خان جي شھادت کي 500 ورھين کان مٿي عرصو گذري چڪو آھي، پر ھو سنڌ جي ننڍي وڏي جي ذھن ۽ روح ۾ سمايل آھي. دريا خان جي لازوال قرباني سورھيائي جا داستان اسان جي وچئين دور جي تاريخ ۽ سنڌي لوڪ ادب جو انمول حصو آھن. سڌريل قومن جي تاريخ بھادر سپاھين، جرنيلن ۽ قومي ھيروز سان اڄ به زنده ۽ جاويد آھي. دولھ دريا خان اڄ به اسان لاءِ انسانيت جي آزادي، عزت ۽ ناموس، امن ۽ آشتي جي اتساھ جو وسيلو آھي. امام علي چيو; ”ماڻھن جا غلام نه ٿيو رب اوھان کي آزاد پيدا ڪيو آھي.“ ڪنھن خوبصورت شاعر چيو:
مون ڪالھ به روپا ماڙي تي،
ھو ھٿ رکيو ھن ڏاڙھي تي.
آئون سنڌ نه ڏيندس سودي ۾،
جيسين ساھ ھوندو ھن دودي ۾.
دودو سومرو، دريا خان، ھوشو شيدي ۽ روپلو ڪولھي سڀ اسان جا ھيرو ۽ تاريخ جي امر ڪردارن طور ھميشه زنده رھندا. چنيسر جا چار ڏينھن، دودو لازوال، ماڻھو باڪمال ٿئي ٿو ڪردار سان. مدد علي سنڌي جا مٿيان ٻئي ضخيم ۽ مدلل ڪتاب سنڌي ادب ۾ تاريخي ۽ تحقيقي طور علمي حيثيت سان خاص جاءِ والارين ٿا. مدد علي سنڌي کي تازو صدارتي ايوارڊ سندس اعليٰ پائي جي ڪم جو حاصلات آھي. جڏھن ته تاج جوئي نه ورتو. قومي سياست ۾ ڏک، صدمان ۽ تڪليفون سھي اڳتي وڌي صحافت، ڪھاڻي ۽ شاعريءَ کي اوج تي رسايو، غلطين کان به وڏي کان وڏو اديب خالي ڪونھي. نياز پنھور چيو، ”عاشقاڻو مزاج رکندڙ مدد علي سنڌي جو ھڪ وڏي ليکڪ هئڻ وارو پاسو سياست ۾ لڪي ويو.“ آئون چوندس ته ايئن ھرگز ناھي، مدد علي سنڌي اسان جي سنڌي ادب جي آسمان تي سورج جيان آب ۽ تاب سان چمڪي ٿو. ھن جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي حيثيت ۽ شخصيت سنڌي نثر جي شھزادي طور اڀري سامھون نروار ٿي بيٺي آھي.