بلاگ

سنڌ جو ماضي ۽ حال! عبدالغني شر December 2021

وقت جي مسافر اکين صدين جي پنڌ ۾ نه ڪڏھن ڪنهن کي ليئو پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، نه وري ڪڏھن رڪجي سگهيون آھن بس! وقت جي ڪانٽن جي ٽڪ ٽڪ جي هڪ انداز سان صدين جو پنڌ تياڳجي رهيو آھي. ”وقت سان گڏ بدلاءُ جدت پسندي جو ضروري اهڃاڻ آھي.“ جيڪو حالتن پٽاندر احساسن اڳيان ضروري سمجهيو وڃي ٿو. پنج هزار سال قديمي سڌريل تهذيب جا اصلوڪا وارث هن وقت پنهجي قيمتي شين کي هٿن سان ناياب ۽ اڻلڀ بڻائي رهيا آھن. رڳو اسان پنهنجي زراعت کي ڏسون ته اها هن وقت ڪهڙي حال ۾ آھي؟ جيڪا غير معياري ٻج دوائون ٻه نمبر ڀاڻ اسان جي زراعت کي تباهه حال بڻائي ڇڏيو آھي. نه ته ٽيھ پنجٽيھ سال پهرين خاص ڪري چيٽ جي هنن ڏينهن ۾ جڏھن هوائون پنهنجا رخ بدلائينديون هيون ڪتي جا پوکيل فصل ڀيلائي چيٽ جي فصل جي تياري ڪئي ويندي هئي، وونئڻن جي ووڙاٺين جي وڍائي ونگار تي ٿيندي هئي، پوءِ اهي ونگارون ٻني جهلڻ تائين هلنديون هيون، سال جي سفر ۾ چيٽ جي پوکائي جا بيحد خوبصورت منظر ڏسڻ جهڙا هوندا هئا. شام جو ڍڳن کي تيل جو ڍڪ ڏيئي آنڌي جو اٿي ٻني کيڙڻ لاء اڳواٽ تيار ڪيو ويندو هو. ساهر، ڪيڻ، هر، پاڃاري سڀ اڳواٽ ڍڳي گاڏي ۾ موجود هوندا هئا. زمين کي سنوارڻ جا مقابلا ٿيندا هئا. هاري پنهنجي ننڊ ڦٽائي آڌي جو اٿي ڪوڏر ڪلهي تي کڻي سڌائي ۾ سهڻي سلامي وٺندي سج اڀاريندا هئا! ڪتي اڀرندي هئي ته هاري هر سنڀائيندا هئا، ٻنيون کيڙندي کلندي سج اڀاريندا هئا. جڏھن پوکائي جو عمل پورو ٿيندو هو، يعني ٻنو جهلي وٺبو هو ته تڏھن ڳوٺن ۾ شادين جا ڪاڄ سنڀرندا هئا، رٺل مٽن مائٽن کي پرچائي گڏ پاٽوڙي ۾ کارائبو هو. ڏاند گاڏين کي سينگارڻ جا مقابلا ٿيندا هئا. ڄڃ نج سنڌي سهرن جي گونج ۾ سفر ڪندي هئي. خوبصورت رلين جي وڇاڻن تي ڄڃ ويهندي هئي. گهوٽ لانئون لهندا هئا، نج گيهه سان ديڳيون پچنديون هيون. سڀني ڪاڄ وارن کي چُوريون ڪري کارايون وينديون هيون. مذاق مشڪرين ۾ گهوٽ لانئون لهندا هئا، ڪاڄ جي پڇاڙڪن پهرن ۾ پري کان آيل مهمانن کي اوڍاڻيون اوڍائي موڪلايو ويندو هو ۽ پوءِ سياري جي سرد راتين ۾ اوطاقن ۾ ٻرندڙ مچ جي چوڦير ڪانڀ ڪڍي ڪچهريون ڪندي سج اڀاريا ويندا هئا، راڄ ڀاڳ جا چڱا مڙس پنهنجي ڳوٺن کي پنهنجو گهر سمجهي هلائيندا هئا. ڏک سک ۾ هڪٻئي کي اڪيلو نه ڪيو ويندو هو، سڀ ڀائرن وانگي ڀر ۾ بيٺل هوندا هئا. وقت گذرڻ سان گڏ تبديلي جو توازن به بدلبو رهيو، ڏاندن جي جڳهه ٽريڪٽر اچي ويا، زمين جو سڄو ڪم جديد مشين ذريعي ٿيڻ لڳو، مطلب ته اسان جون صدين پراڻيون زرعي روايتون زوال پذير ٿيڻ لڳيون..! ڳوٺاڻا ڪاڄ ويا، رواج ويا هاڻي شادي ڪاڄ شھر جي خوبصورت پارڪن ۾ نمائش ۽ ڪاروبار بڻجي ويا آھن، ڳوٺن جي نيڪ مردن پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل پٺيان شھر ڏانهن رخ ڪري ورتو، ڳوٺن جي مالڪي نه ٿيڻ ڪري ڳوٺ اجڙي ويا، معصوم ٻارن جي تعليم تباهه ٿي وئي!

اهڙن سڀني منظرن کي اکين سان ڏسندي، دل ڏاڍي ڏکاري ٿئي ٿي هن وقت جي ضرورت کي ڏسندي پنهنجي سگهارين صلاحيتن، نت نون  زرعي سڌارن تي عملي ڪم ڪريون، گڏوگڏ پوک جي پنهنجن پراڻن طريقن کي به هٿي ونڊائيندا رهون، جيڪي اسان جي زمين جي اصل سونهن آھن ۽ اسان جي سون ورني هن سنڌ جي خمير سان انصاف به آھي.

***