سنڌ جو ٻڏل يا ٻوڙيل عوام ۽ ان جو نصيب
پاڪستان ۾ آيل تازي برساتي ٻوڏ جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ انتهائي درجي جي تباهي ٿي آهي. ان کان وري وڌيڪ الميو سنڌ سان ٿيو آهي، انهيءَ ڪري جو بلوچستان مٿانهين علائقي ۾ هئڻ ڪري اتان ٻوڏ جو پاڻي نڪري چڪو آهي ۽ اهو به سنڌ ۾ اچي ويو آهي. سنڌ جو خطو ڇو ته گهڻو ڪري ميداني آهي انهيءَ ڪري هڪ مهينو گذرڻ باوجود برساتي پاڻي تمام سست رفتاري سان نڪري رهيو آهي. برساتي آفت جي ڪري سنڌ جو غريب ۽ سفيد پوش عوام تباهه ٿي چڪو آهي. مڊل ڪلاس ڪجهه بچت ۾ آهي باقي امير ماڻهو ته آهن ئي امير ۽ اميرن کي ته ڪجهه به نه ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري جو انهن جو نصيب انهن کي ڪابه تڪليف ڏيڻ نه ڏيندو آهي ۽ انهن جي تڪليفن کي کڻي اميرن جو نصيب غريبن جي زندگي کي پريشان ڪندو آهي ۽ غريب ويچارو نصيب تي خوش هوندو آهي. بهرحال پاڻ هتي نصيب جي ڳالهه کي هڪ پاسي رکون ٿا متان ڪو ڪاوڙجي نه پوي. هن وقت برسات جي ستايلن يا اسين چئون ته هٿ وٺي ڪٽ ڏئي سڄا سارا 24 ضلعه سنڌ جا ٻوڙائيندڙ سنڌ حڪومت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ايتري تباهي ڦهلائڻ کانپوءِ به حڪومت جي اختيار وارين ڌرين کي ڪو شرم ۽ حياءُ به آهي يا نه. محسوس ائين ٿو ٿئي انهن کي ڪوبه احساس نه آهي ان ڪري ئي ته 40 ڏينهن گذرڻ باوجود پاڻي جو نيڪال ڪري نه سگهيا آهن، امداد ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي. عام ماڻهو حڪومت کي بار بار اپيلون ٿو ڪري ته خدارا پاڻي جو نيڪال ڪريو ته جيئن هو پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي باقي بچيل گهرڙن ۽ سامان جو بلو ڪري سگهن. پاڻي جو نيڪال نه ٿيو ته ڪڻڪ جو فصل به نه ٿي سگهندو. ڦٽي ۽ ساري جو فصل ته پهرين تباهه ٿي چڪو آهي. ان کان وڌيڪ خراب صورتحال اها آهي جو بيٺل پاڻي گندو ٿي چڪو آهي، ان ۾ مليريا ۽ گيسٽرو جي بيماري وبا جي صورت اختيار ڪري رهي آهي. ڇو ته جيڪي ٻوڏ متاثر مٿانهين جڳهين ۽ بندن تي خيمن ۾ ۽ عارضي پکڙن ۾ ويٺل آهن، ان بيماري مان تمام گهڻو متاثر ٿين پيا، پر ڪوبه انهن جي پرگهور نه پيو ڪري. گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، ماڻهو بيماري ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. چوپايو مال اڌو اڌ مري چڪو آهي يا بيماري ۾ ورتل آهي، ان جي چاري جو بندوبست نٿو ٿي سگهي، ان ڪري جو هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي. بس ويچارو عوام ان صورتحال کي ڪيئن منهن ڏئي رهيو آهي اها خبر کيس آهي. حڪومت جي نيت صرف پنهنجا پيٽ ڀرڻ جي آهي، سون تي سهاڳو اهو به آهي جو وزيراعظم سنڌ حڪومت جي اهڙي خراب ڪارڪردگي کي به ساراهي پيو عجب نٿو لڳي!!
اسان وٽ پراڻي زماني ۾ چوڻي آهي ته ”ٻڏيءَ جا ٻيڻا“ پر ڪنهن جي لاءِ؟ انهيءَ جي تشريح هن وقت ڪونه ٿا ڪريون صرف ايترو چئون ٿا ته عوام ٻڏي رهيو آهي ۽ حڪمران انهن ٻڏل ماڻهن جي دردن ۽ تڪليفن کي ڪيش ڪرائي پاڻ ٻيڻو نه پر چئوڻو پيا ڪمائين. آخري ڪسر ڪڻڪ جو اگهه وڌائي ماڻهن مان ڪڍي وئي آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته وڏي صاحب جي اسٽاڪ ۾ ٻه لک ٻوريون يعني 5 لک مڻ ڪڻڪ موجود هئي، ان جي موج ڪرائڻ لاءِ اچانڪ اگهه ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. هاڻي ته اٽو به غريب جي رسائي کان پري ٿي ويو آهي، حڪمران صاحب فرمائين ٿا ته حڪومت وٽ زهر کائڻ جيترو به سرمايو نه آهي، ڪاش! اهي زهر کائن ته جيئن عام ماڻهو اٽو کائي سگهي. مذاق جي ڪا حد هوندي آهي ته وزيراعظم هڪ طرف ته چئي پيو ته جڏهن ٻاهرين ملڪن جي دوري تي وڃون ٿا ته دنيا جي ملڪن جا سربراهه اسان کي ڏسي چون ٿا ته فقير اچي ويا آهن، هاڻي امداد جي نالي تي پنندا. ڪلهه واري پريس ڪانفرنس ۾ صاحب موصوف اعتراف ڪندي، عمران خان جي تنقيد جو جواب پڻ تنقيد ۾ ڏيندي فرمايو ته ”ها“ اسين ٻاهر امداد پننڻ وڃون ٿا ۽ ملڪن جا سربراهه اسان کي فقير سمجهن ٿا، پر عمران خان پاڻ جڏهن ٻاهر ويندو هو ته هو به ته اهو ئي ڪم ڪندو هو يعني امداد پنندو هو يا هتان روڪ رقم کڻي اتي ورهائڻ ويندو هو؟ اڳتي فرمائي ٿو ته گذريل 75 سالن کان پاڪستان صرف پِن تي گذارو ڪيو آهي. اسان سندس چيل هرهڪ لفظ سان متفق ٿيندي کانئس صرف ايترو پڇون ٿا ته اگر اسان جي ملڪ جي معاشي صورتحال ايتري خراب آهي ۽ واقعي به آهي، پوءِ اوهان جي سٺي حڪمراني ڪٿي آهي، اوهان ته اڄ به پنهنجي ڪابينا ۾ هڪ مشير جنهن جو عهدو وفاقي وزير جي برابر هوندو شامل ڪيو آهي. هاڻي اوهان کانسواءِ اوهان جي وزيرن با تدبيرن، مشيرن ۽ خاص معاونن جو انگ 73 تي پهچي ويو آهي. هڪ اندازي مطابق هڪ وزير ان جي آفيس، گاڏيون، پيٽرول، گهر، آفيس جو عملو، سندس پگهار، جهازن جون ٽڪيٽون، سيڪيورٽي، سندس ۽ سندس گهر وارن جي مفت ميڊيڪل جي سهولتن جي مد ۾ ان تي حڪومت جو ماهوار هڪ ڪروڙ کان مٿي خرچ اچي ٿو، هاڻي ڏيو منهن! هڪ غريب ملڪ جيڪو ٻوڏ جي آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان جي حڪمراني جي اهڙي روش، انهن جي نيت کي ظاهر ڪري ٿي ته هو عوام لاءِ ڪيترو لاڀائتا آهن ۽ پنهنجي لاءِ ڪيترو فائديمند آهن، مٿان وري ڊار صاحب جن جيئن ويا هئا، ائين ئي واپس آيا آهن. مطلب جڏهن ويا ته وزير خزانه هئا ۽ وزيراعظم جي جهاز ۾ ٻاهر ويا، پوءِ پاڻ ويچارا مسلسل 5 سال علاج ڪرائيندا رهيا ۽ هاڻي جڏهن واپس آيا آهن ته به وزيراعظم جي جهاز ۾ ۽ اچڻ ساڻ ساڳي وزارت جو قسم کڻي چڪا آهن. جڏهن ته هي سٽون لکڻ تائين ڪورٽ طرفان اشتهاري ملزم آهن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڊار صاحب جي ڊڄ کان ڊالر ڪيترو هيٺ ٿو اچي ۽ ڪيستائين هيٺ رهندو؟ ڇو ته ڪجهه وقت پهرين به ڊالر 220 رپين تائين پهچي ويو هو، پوءِ وري واپس اڏامڻ شروع ٿيو هو. ان ڊالر جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ جي فارمولا جي خبر نٿي پوي. چوڻ ورا چون ٿا ته هن ۾ به مافيا جو وڏو عمل دخل آهي ۽ اگر حڪومت انهن سان گڏ ناهي ته پوءِ انهن کي پڪڙي ڇو نٿي؟ عمران خان جون دانهون ڪوڪون بلڪل بجا آهن، پر ان جي نيت تي وري ڪهڙو ڀروسو ڪريون. هڪ ته چار سال جي حڪومت ۾ هن جيڪو ڪجهه ڪيو اسان جي سامهون آهي پوءِ هن وقت جيڪا سندس آڊيو ليڪ ٿي آهي جنهن ۾ هو ۽ سندس ان وقت جو پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان گڏجي هڪ عام رواجي سفارتي سائفر کي کڻي سازش جو بيانيو گهڙيو ان مان ملڪ کي ڪيترو نقصان ٿيو، ان مان سندس سچائي ظاهر آهي ته هو ملڪ سان نه پر صرف پنهنجن مفادن سان ٻڌل آهي. هي سڀ ڳالهيون ميڊيا تي موجود آهن، پاڻ صرف ڪجهه ڳالهين کي ورجايو آهي ته حڪمران ڪهڙو به هجي سنڌ جو هجي يا پاڪستان جو هجي، عمران هجي يا شهباز شريف، زرداري جي ڳالهه ڪهڙي ڪريون، هو ته ٻنهي جو ابو آهي. مطلب عوام اگر دردن ۾ آهي ته انهن حڪمرانن جي ڪري آهي ۽ هنن جو جهيڙو صرف نورا ڪشتي آهي، هو صرف پنهنجي حصي تي وڙهندا آهن عوام جي ڀلي لاءِ وٽن ڪوبه سٺو حل نه آهي جنهن سان عوام جي ڀلائي ٿي سگهي. ڳالهه ته مايوسي جي آهي، پر ايندڙ ويجهي مستقبل ۾ پاڪستاني عوام خاص طور سنڌ جي عوام جي ڏکن ۾ ڪابه گهٽتائي نظر نٿي اچي. وسوارا به هنن ئي حڪمرانن سان گڏ آهن ۽ انهن کي به عوام جي ڏکن جو احساس ناهي. عمران خان جو واپس اچڻ جو امڪان گهٽ نظر اچي ٿو. ڇو هڪ ته وسوارا ان تي ڪافي ڪاوڙيل به آهن ۽ ٻيو ته شهباز شريف انهن جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪابه گهٽتائي نه پيو ڪري ۽ هو شهباز شريف مان مطمئن آهن، ان ڪري ئي اسحاق ڊار کي گرين سگنل مليو آهي ۽ هو پاڪستان ۾ واپس اچي ويو آهي ۽ هاڻي ڳالهيون اهي پيون هلن ته بلڪل جلد نواز شريف صاحب به خير سان چاڪ چڱا ڀلا ٿي پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به وقت لينڊ ڪري سگهن ٿا ۽ اسان کي ان جي استقبال جي پرزور تياري ڪرڻ کپي. زرداري صاحب ته هميشه کان هنن جو آهي، رهيو مولانا صاحب ان کي به پنهنجو حصو ملي ويو آهي ۽ اڳتي به ان کي مايوس نه ڪيو ويندو. رهيو عمران خان اهو ته اڳ ۾ ئي حڪومت ۾ شامل آهي. پنجاب، ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ سندس حڪومت آهي. هيليڪاپٽر هن جي هيٺان آهي روز جلسا ڪندو وتي ٿو جيڪو وڻيس ٿو اهو چوندو ٿو وتي ڪير به کيس روڪي ڪونه ٿو. باقي سندس ويجهي مستقبل ۾ پي ايم ٿيڻ مشڪل نظر اچي ٿو. ان لاءِ ڪيتري به ڪوشش ڪري چڪو آهي، پر اها ڪوشش ڪامياب نه پئي ٿي ۽ هن جون تقريرون سندس مايوسيءَ جو اظهار آهن. چوڻ جو مطلب ته ڪوبه سياستدان حڪومت کان پري ناهي ۽ سندس خرچ عوام جي ٽيڪسن سان ئي پورو ڪيو وڃي ٿو. بس اسان عوام ئي آهيون جن جون پريشانيون هن وقت تائين نه ختم ٿيون آهن نه ئي ختم ٿينديون، پاڻ آهيون تاڙيون وڄائڻ وارا، جلسن ۾ نعرا هڻڻ وارا، نچڻ وارا ۽ نصيب تي راضي رهڻ وارا سو پنهنجو نصيب اهو ئي آهي. الائي ڪڏهن سمجهنداسين؟
***

