بلاگنئون

ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي دنيا تي ڪهڙا اثر وجهندي

آمريڪا جي سياسي گھماگھمي دوران اليڪشن 2024 ۾ نيٺ جھونو ڊونلڊ ٽرمپ ٻيھر ملھ ماري ويو. ھن کان اڳ سندس گرم مزاج رويي اڳوڻي صدر جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ھيون، جنهن آخرڪار عمر جي تقاضا موجب ڪرندي ٿاٻڙجندي پير کوڙيا ۽ اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ھن اليڪشن ۾ گهڻا امڪان ھئا ته ٽرمپ جي ڪاميابي ٿيندي جيڪا سچ ثابت ٿي. اھڙيءَ ريت آمريڪي عوام کي ھڪ دفعو وري پوڙهو صدر ملڪ جون واڳون سنڀاليندي ملي ويو آھي. خبر ناھي ته ڇو آمريڪي ووٽر پنهنجي ملڪ جو صدر ڪنهن نوجوان قيادت کي نٿا چونڊين يا ڪا نوجوان قيادت اڳتي نٿي اچي جنهن جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا، تن بابت ڪنهن ٻئي دفعي ڳالھ کي اڳتي وڌائبو.

ڪملا ھيرس جنهن 226 ووٽ کنيا ھڪ نئين سياسي اڳواڻ طور سامهون آئي، پر ٽرمپ جھڙي شاطر سياستدان آڏو سندس سياسي قد اوترو نه ھو، پر پوءِ به پاڻ ميدان تي ڄمي  مقابلو ڪيو ۽ آمريڪي عوام لاءِ پنهنجو پروگرام پيش ڪيو، جيڪو شايد عوام کي ايترو پسند نه اچي سگهيو، ان لاءِ ھنن ووٽ وسيلي ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ آمريڪا واسطي بهتر طور صدر سمجهندي کيس ڪامياب ڪرايو آھي. ڊونلڊ ٽرمپ تيز مزاج طبيعت جو مالڪ آهي ته ڪٿي ڪٿي پاڻ ٻاراڻيون حرڪتون توڙي مزاح ڪري عوام جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي سندس ھمدرديون وٺڻ واري فن ۾ ڪاريگري رکي ٿو.

آمريڪا جي چونڊن ۾ صدر جي منصب طور ڊونلڊ ٽرمپ 277 ووٽ کڻي شاندار فتح حاصل ڪري ورتي آھي، جيڪو سندس لاءِ ھڪ اعزاز ٿيندو. پاڻ 47 ھون آمريڪي صدر ھوندو. جنهن کي پاڪستان سميت دنيا جي گهڻن ملڪن جي حڪومتن پاران مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، ڪي دوستيءَ وچان ته ڪي خوف وچان بهرحال مبارڪون ڏين پيا.

ٽرمپ ان وقت آمريڪا جو صدر ٿيو آھي، جڏھن دنيا ۾ خاص طور اسرائيل- فلسطين، لبنان- شام، عراق ۽ ايران جي علائقن ۾ جنگ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل ڏسجن ٿا. خاص طور اسرائيل جي بمباري وسيلي فلسطين جي نسل ڪشي ٿيڻ جون دانھون رپورٽ ٿيون آھن. ان سان گڏ ايران مٿان جديد ٽيڪنالاجي وسيلي آمريڪي تعاون سان ايراني ۽ فلسطيني اڳواڻن کي چونڊي چونڊي قتل/شهيد ڪرڻ سميت غزہ ۾ سوين عورتن، معصوم ٻارڙن، مريضن ۽ بزرگن جو خون ڪرڻ اھم معاملو بڻجي چڪو آھي. ٻئي طرف دنيا ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف دانھون چوٽ چڙھيون آھن. تعليمي ماحولياتي مامرن کانسواءِ رکي رکي دھشتگردي جا واقعا رونما ٿيڻ ۽ اسرائيلي ظلمن خلاف دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن خاص ڪري يورپ، برطانيا، آمريڪا ۽ اٽلي وغيره سان گڏ خود اسرائيل جي شهرن ۾ جنگ خلاف مظاهرو ٿيڻ لڳا آھن. دنيا جا امن پسند ماڻهو جنگ کان نفرت ۽ امن سان محبت ڪندي جنگبندي ڪرڻ جي حمايت ڪن ٿا. ڪٿي به تعليم يافتا طبقو نٿو چاھي ته بارود جي اڻ وڻندڙ ڌپ سان ماحول ۾ بارود جو گند ڦهلجي ۽ بيگناھ انسان جنگين جي ور چڙھي ماريا وڃن.

اھڙين حالتن ۾ گڏيل قومن جو ڪردار گهٽجي وڃڻ يا ان جي ڪمزورين سبب دنيا جي دھشتگردي ئي جنگجو ملڪن خلاف قدم کڻڻ کان معذوري ظاهر ٿيڻ لڳي آھي، جنھن جون به آڱريون آمريڪي پاليسين طرف کڄن ٿيون.

ھنن حالتن ۾ صدر ٽرمپ مٿان وڏيون ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون ته پاڻ جنگ کي بند ڪرائي امن کي قائم ڪرائڻ ۾ ھٿي وٺرائي. دنيا جي عوام سندس جنگ کان نفرت ۽ انساني خون جهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ واري اعلان جي انتظار ۾ رھندي، خدا کيس ھدايت جي روشني سان نوازيندو ته جيئن پاڻ دنيا جي خوشحالي امن سلامتي ترقي جهڙا قدم کڻي وڌندڙ دشمنين ۽ بيچينين جو خاتمو ڪرائيندو.

عام راءِ اھا به آھي ته آمريڪي پاليسيون صدر جي تبديلين سان نه بدلبيون آھن، پر اھي “پينٽاگون” جي پاليسين ۽ سندن وسيح النظر قدمن جي مطابق جوڙيون وڃن ٿيون. صدر کي انهن پاليسين جي تابع رکيو وڃي ٿو.

بهرحال دنيا کي صدر ٽرمپ جي ٻيھر صدر ٿيڻ مان گهٽ وڌ جون اميدون آھن ته پاڻ وري دنيا جي انسانن جو عالمي امن ۽ سلامتي جو خيال ڪندي آمريڪا سان گڏوگڏ دنيا جي غريب ملڪن مان بيروزگاري ۽ مھانگائي جو خاتمو ڪرڻ طرف خصوصي ڌيان ڏيندو.

فلوريڊا ۾ جتي فتح جو جشن ملھايو پيو وڃي اتي صدر ٽرمپ جو خطاب نهايت اهميت رکي ٿو جنهن ۾ ھن جمهوريت لاءِ ڪوششن، جنگ جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي تي زور ڏنو آھي.