سنڌ جي آبپاشيءَ جو سترهين صديءَ کان مختصر جائزو

سنڌ جي آبپاشيءَ جو سترهين صديءَ کان مختصر جائزو

سيد عطاءُ الله شاهه

گهڻو پوئتي ڪونه ٿا وڃون سن 1608ع کان شروعات ڪنداسين۔۔ ان وقت سنڌ ملڪ انتظامي لحاظ کان ٽن سرڪارن ۾ ورهايل هو. بکر سرڪار، سيوهڻ سرڪار ۽ ٺٽو سرڪار، سرڪار کي هن وقت جي ڊويزن برابر سڏجي، هر ڊويزن ۾ وري ڳچ سارا پرڳڻا هئا جيڪي هن وقت ضلعا سڏجن هر هڪ ضلعي ۾ وري محاله هئا جيڪي موجوده جوڙ جڪ ۾ تعلقا سڏجن. سمن جي صاحبيءَ کان وٺي سبي پرڳڻو سنڌ ملڪ جو حصو هو. گنداوا جو شهر به سبي پرڳڻي جو حصو هو ارغونن سبيءَ تي چڙهائي ڪري سنڌ کان کسي ورتو جيڪو پوءِ پٺاڻن جي هڪڙي قبيلي ارغونن کان کسي ورتو جن کان مغلن جي هڪ جنگجو امير، مير ابو القاسم فتح ڪري ورتو، مير ابو القاسم سن 1004 هجري مطابق 1595ع ۾ بکر جو يارهون مغليه نواب هو. هن جي اولاد مان سنڌ ۾ رهندڙ امير خاني سيد آهن.. ٺٽي جي بادشاهي مسجد  جي ڏکڻ ۾ امير خاني سيدن جو محلو آباد آهي. مير ابو القاسم جنهن کي اڪبر مغل نمڪين جو لقب ڏنو هو ۽ تاريخ مظهر شاهه جهاني جو ليکڪ يوسف ميرڪ پنهنجي والد کي “پير غلام” لکي ٿو. مير ابو القاسم پنهنجي قبرستان کي صفه صفا جو نالو ڏئي روهڙيءَ لڳ درياهه جي ڪنڌيءَ تي تعمير ڪرايو هو پاڻ اتي ئي دفن ٿيل آهي. مير ابو القاسم جو وڏو پٽ مير ابو البقا لقب امير خان 1054 هجريءَ ۾ مغلن  طرفان ٺٽي جو  ڇهون نواب ٿي رهيو. مير ابو البقا جو پوٽو امين الدين حسين خان عالمگيري دور جي پڇاڙيءَ ۾ سن 1114 ۾ ٺٽي جو ٽيويهون حاڪم هو. سن 1740ع تائين سبي پرڳڻو سنڌ جو حصو رهيو، پر پوءِ نادر شاهه اهو علائقو قلات جي خان کي منتقل ڪري ڏنو هتي اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته سبي سنڌ جو پرڳڻو هو، پر اتي جو انتظام هلائڻ لاءِ الڳ گورنر مقرر ٿيل هو.

ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي، سنڌ جي اقتصادي تاريخ نالي واري ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي جي حوالي سان لکي ٿو ته سنڌ آبپاشيءَ ۾ سڄي هندستان ۾ برک پئي رهي آهي ۽ تاريخي دور شروع ٿيڻ کان وٺي منجهس واهن ۽ واٽر ڪورسن جو هڪ ڪامياب سرشتو پئي رهيو آهي. هندستان جي ٻين صوبن ۾ آبپاشيءَ جو ڪوبه خيال ڪونه ڪيو ويندو هو، پر سنڌ ۾ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ آبپاشيءَ جي سرشتي کي ڏاڍي قابليت سان هلايو ويندو هو.

سنڌ ۾ واهن جو پهريون عظيم معمار ميان نور محمد ڪلهوڙو هو جيڪو پنهنجي والد ميان يار محمد خدا يار خان جي وفات بعد تخت تي ويٺو ميان يار محمد جو تخت گاهه دادو کان ستن ميلن جي مفاصلي تي خدا آباد نمبر ٻه ۾ هو جتي اڄ به سندس يادگار مسجد قائم آهي. ميان يار محمد جو مقبرو مسجد کان اولهه طرف ٿورڙي مفاصلي تي قائم آهي. ميان نور محمد… شاهه نواز خان جي لقب سان سنڌ جو حاڪم ٿيو حالانڪه هو افغان حڪمران نادر شاهه ۽ سندس پٽ احمد شاهه جو ڏن ڀرو هو، پر پوءِ به هن حڪمران سنڌ جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون، هن سنڌو نديءَ جي کاٻي توڙي ساڄي ڪنارن تي واهن ذريعي آبپاشيءَ کي فروغ ڏنو. هن 1719ع ۾ مغلن جي هڪڙي صوبيدار جي حيثيت ۾ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي سندس حڪومت ھيٺ پهرين فقط ملتان کان سيوهڻ وارو ملڪ هو نيٺ 1736ع ۾ ڏکڻ سنڌ تي به قبضو ڪيائين اهوئي سبب آهي جو هن جا ڪارناما گهڻو ڪري اتر سنڌ تائين محدود رهيا. لاڙڪاڻي طرف سندس نالي پٺيان کوٽايل نور واهه، سندس امير شاهه بهاري جو کوٽايل شاهه جي ڪڙ۔۔۔ ڏاتي خان کهاوڙ جو کوٽايل ڏاتي جي ڪڙ، نوشهري فيروز ڊويزن ۾ نصرت خان چانڊئي جو کوٽايل نصرت واهه۔۔ ساڳيءَ ڊويزن ۾ مراد ڪلهوڙي۔۔ باگي خان سيال ۽ عباسي خاندان جي فيروز خان ويراڙ جن جا کوٽايل مراد واهه، باگو واهه ۽ فيروز واهه هئا. انهن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا واهه ڪلهوڙن جي دور ۾ کوٽايا ويا، پر باقي واهن مان آخري ڪلهوڙي حڪمران ميان سرفراز جيڪو خدا يار خان جي لقب سان تخت تي ويٺو ۽ سٺو شاعر به هو جنهن جي مداح ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون ڏاڍي مشهور ٿي۔۔۔ ميان سرفراز حيدرآباد جي سرفراز چاڙهيءَ وٽ دفنايل آهي ۽ اڄ ڪلهه وڏو پير پيو سڏجي کيس پليءَ وارو پير پيو سڏيو وڃي. هن جو کوٽايل سرفراز واهه وڌيڪ مشهور ٿيو. ميان نور محمد جو دور حڪومت سن 1719ع کان سن 1753ع تائين رهيو. ميان نور محمد ساهتي پرڳڻي ۾ موري جي ويجهو دفنايل آهي۔ روايتن موجب ميان نور محمد جي گهرواري گلان جنهن کي ڀٽائيءَ جي دعا سان ميان غلام شاهه ڄائو هو اها گلان ڪلهوڙن جي ٽئي نمبر تخت گاهه خدا آباد ۾ دفنايل آهي اها خدا آباد هالا نوان جي ڀرسان آهي جتي سنڌ جي ٽالپرن واري حيدرآباد جي پهرين چئوياريءَ جي حاڪمن جي ماءُ پنهنجي ٽن بادشاهه پٽن سميت دفن ٿيل آهي. هتي اهو ذڪر به ڪندو هلان ته فقير جي پڙ حيدر آباد ۾ مائي خيريءَ واري مسجد ان بادشاهن جي ماءُ جوڙائي هئي جيڪا ڪجهه سال اڳي نئين سري سان تعمير ڪرائي وئي آهي، جنهن تي ڪتبو اهوئي لڳل آهي. هن مائيءَ جي نصرپور ۾ جوڙايل مسجد اڄ به ان دور واري اوساريءَ سان قائم ۽ آباد آهي.

سنڌو پورالو دريا آهي جيڪو تاريخ جي مختلف دورن کان ذري گهٽ سڄي سنڌ ۾ پنهنجي تبديل ٿيل وهڪرن جا نشان ڇڏيندو آيو آهي. سن 1758ع ڌاري ڪلهوڙن جي بادشاهيءَ ۾  نصرپور وارو وهڪرو ڇڏي وڃي موجوده واٽ اختيار ڪيائين. اڄ به نصرپور وٽ واريءَ جا دڙا دريا جي رخ مٽڻ جي گواهي پيا ڏين. کيساني موريءَ وٽ سڏجندڙ گنگا وارو ڍورو به دريا سنڌ جو ڇڏيل آهي، دريا جو پراڻو وهڪرو شيخ ڀرڪيو تائين نظر اچي ٿو ان کان اڳتي آثار ايترا چٽا ڪونهن. دريا اهو ڦيرو هڪدم ڪونه کاڌو هو، مير علي شير قانع ٺٽوي جي سنڌ جي تاريخ تحفته الڪرام مان معلوم ٿئي ٿو ته سن 1755ع ۾ ميان نور محمد جي وفات بعد سندس اعتماد واري مصاحب ديوان گدو مل جي ڏاهپ سان ميان نور محمد جو وڏو پٽ محمد مرادياب سربلند خان جي لقب سان تخت ڌڻي ٿيو ته هن نصرپور جي ويجهو مراد آباد نالي هڪڙو نئون شهر ٻڌايو جيڪو دريا جي اٿل جي ڪري اڏاوت جي ٻن سالن اندر ئي ٻڏي تباهه ٿي ويو ان بعد ئي سنڌوءَ پنهنجو رخ بدلائڻ شروع ڪيو ۽ موجوده وهڪرو وڃي اختيار ڪيائين، دريا جي رخ مٽڻ جي ڪري اهو سڄو علائقو صفا تڪليف ۾ اچي ويو ماڻهن جي مالي حالت ويهندي وئي.

ميان سرفراز ان علائقي جي زراعت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ هالا کان ٿورو هيٺ سنڌو دريا مان 77 ميل ڊگهو واهه کوٽايو جيڪو سندس نالي سان سرفراز واهه سڏبو هو ۽ اڄ به ان نالي سان پيو سڏجي. هي واهه ايڏو وڏو هو جنهن مان ٻيڙيون به هاڪاري سگهبيون هيون۔۔، هن واهه جا آثار اڄ به نصير واهه سان گڏ ڳوٺ موسي کٽياڻ جي ڏکڻ ۾ نظر اچن پيا… هي واهه سومرن جي ٻڌايل ڳوٺ ڀيئن پور سان بلڪل گهڪو ڏئي مٽي ٿو، ڀيئن پور اهو شهر جنهن ۾ ڪافي تاريخدانن جي راءِ موجب لطيف سرڪار جي ولادت ٿي، جنهن حويليءَ ۾ شاهه جي ولادت ٿي ان دڙي تي شادي شهيد خيرپور ۾ دفنايل لونگ فقير لوڙهي واري جي فقيرن هڪڙي مسجد ٺهرائي هئي جيڪا اڄ به پنهنجي شانائتي ڏيک سان نه صرف قائم، پر آباد به آهي. ڀينئن پور جا ميل کن ۾ پکڙيل آثار اڄ به قائم آهن. سنڌ ۾ آڳاٽن حڪمرانن ۽ سندن مصاحبن جي کوٽايل هزارين ننڍن وڏن واهن مان نڪرندڙ ڪيترن ئي ڪڙين ۽ چاڙهن جا آثار اڄ به ڪيترين جاين تي موجود آهن۔ هن مختصر مضمون ۾ سڀني تي لکڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي انڪري آئون فقط هالا تعلقي جي واهن جو ذڪر ڪندس ياد ڏياريندو هلان ته ارباب غلام رحيم جي حڪومت ۾ حيدرآباد کي چئن ضلعن ۾ ورهائڻ کان اڳ تعلقو هالا موجوده سڄي مٽياري ضلعي تي پکڙيل هو. پاڻ ڳالهه کي سترهين صديءَ کان کنيو آهي ته ان وقت هالا نصرپور پرڳڻي جو هڪڙو انتظامي يونٽ هو. سنڌ جي ڏکڻ ۾ آخري سرڪار ٺٽي ۾ ڪل چار پرڳڻا هئا جن مان نصرپور ۽ نيرون ڪوٽ هڪطرف ۽ ٻئي طرف ٺٽو ۽ چاچڪان پرڳڻو هئا. چاڪر هالا به هڪڙي سب ڊويزن هئي. پنهنجي مضمون جو دائرو نصرپور پرڳڻي جي هالا تائين محدود آهي ان ڪري ان هڪڙي پرڳڻي جو مختصر احوال ڏئي پوءِ پنهنجي مضمون جي طرف هليا وينداسين. نصرپور پرڳڻي ۾ هالا، اڏيرو لال، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ڇاڇرو وغيره اچي ويندا هئا. هالا جنهن کي ڪجهه ليکڪ ان وقت جو ضلعو ڪري لکن ٿا. ان ۾ اي ڊبليو هيوز واري سنڌ گزيٽيئر موجب ننڍا وڏا 94 سرڪاري واهه هئا ۽ ڪلياڻ نالي هڪڙو واهه خانگي هو جيڪو مير احمد خان پنهنجي جاگير جون زمينون آباد ڪرائڻ لاءِ کڻايو هو ۽ ان واهه جي کاٽي به پاڻ پنهنجي خرچ تي کڻائيندو هو. مير احمد خان جي جاگير اٽڪل ٻه هزار ايڪڙ هئي هن واهه جي ڊيگهه ڏهه ميل هئي ۽ منهن وٽ ڏهه فوٽ ويڪرو هو. هالا جي سرڪاري واهن جي ڪل ڊيگهه 1185 ميل هئي جنهن ۾ جروار واهه 132 ميل ڊگهو هو. ٻئي نمبر تي77 ميل ڊيگهه وارو سرفراز واهه هو ساڱرو 42 ميل، علي بحر 32 ميل، لوهاڻو 27 ميل ۽ شاهه واهه به 27 ميل هو، هنن واهن مان ڪيترن ئي واهن ۾ٻيڙيون هاڪاربيون هيون. هالا ۾ ڪابه نئين ڪانه هئي البته سنڌو دريا مان نڪرندڙ گهارا يا شاخون چار آهن جيڪي اصل ۾ گهاري راڻي وڏي جا حصا هئا، پر پوءِ دريا جي اٿلن پٿلن جي ڪري انهن جا منهن ريٽبا ويا ۽ نوان گهارا وجود ۾ ايندا ويا مختلف علائقن ۾ نالا آهن۔ گهارو راڻو، گهارو ڀاڻوٺ، گهارو محمودو ۽ گهارو ڳاهوٺ، گهارو راڻو سنڌو دريا مان پاڻي کڻندو هو ۽ دريا جي اتان اولهه طرف کسڪي وڃڻ جي ڪري دريا جي ڇڏيل وڏي ڍنڍ پراڻي مان گهاري جو منهن هو. ڪجهه سال اڳ تائين به جڏهن دريا جو پاڻي اٿلي بچاءُ بندن سان اچي لڳندو هو۔ پوءِ ڄامشوري ضلعي جي ڳوٺ لاکا ۽ ان جي آسپاس کان ماڻهو اسان واري ڳوٺ امين لاکي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ايندا هئا ته ٻيڙين ۾ دريا مان پراڻي ۾ ۽ اتان وري گهاري راڻي مان ٻيڙيون اچي اسان واري ڳوٺ کان هڪ ميل کن جي مفاصلي تي لنگر هڻنديون هيون اسين ان وقت جوانيءَ جي اوٿڪ وارن سالن ۾ هئاسين. وڃي ٻيڙيون ڏسندا هئاسين، ڪي ڪيترا ڏينهن اسان جا ڳوٺاڻا ان سفر جو احوال ڪندا رهندا هئا جنهن ۾ خاص طور ڪنهن اٽڪاءَ اچڻ وقت ملاحن جون هڪٻئي کي ڪراريون گاريون به ٻڌائيندا هئا ۽ اسان جي گارين جي لغت شاهوڪار ٿي ويندي هئي. اڄ به گهارو راڻو دريا جي اٿل وقت وهندو آهي ته پاڻيءَ جي تک کان ڊپ لڳندو آهي. علي بحر نالي سان سنڌ ۾ ٻيا به واهه آهن، پر پاڻ ان علي بحر جو ذڪر ٿا ڪريون جيڪو کنڊوءَ وٽان سنڌوءَ مان پاڻي کڻندو هو ۽ ڀٽ شاهه جي علائقي وارين ٻنين کي پاڻي ڏئي ٽنڊي آدم جي ڪافي ديهين کي وڃي سيراب ڪندو هو۔ اهوئي واهه هو جيڪو ڀٽ شاهه واري ڪراڙ ڍنڍ کي پاڻي ڏئي پوءِ ٽنڊي آدم وٽ وڃي ونڊ وراهه ڪندو هو هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته ٽنڊو آدم مرين جو ٻڌايل شهر هو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments