بلاگنئون

سنڌ جي 2640 بند پيل اسڪولن جو ذميوار ڪير آهي؟

اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪوبه معاشرو تعليم کان بنا ترقي ڪري سگهي. تعليم به معياري تعليم. دنيا جي ترقيءَ سان ٺهڪندڙ تعليم نه ڪي مدي خارج تعليم. پنهنجي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ تعليم جي حالت اهڙي آهي جو ان تي سواءِ افسوس جي ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ جنهن صوبي جا 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر هجن، انهن ٻارن جو ۽ سنڌ صوبي جو مستقبل اسين روشن ڪيئن ٿا ڏسي سگهون؟ اسان 70 لک اڻ پڙهيا ٻار ايندڙ 10 سالن ۾ سماج کي سونپي رهيا آهيون. انهن ٻارن وٽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ وارو پرامن هٿيار يعني تعليم نه هوندي ته پوءِ باقي سماج جي تباهيءَ جا سڀ هٿيار انهن جي هٿن ۾ هوندا، جن سان هو پاڻ کي تباهه ڪندا، پنهنجي سماج کي تباهه ڪندا، پنهنجي صوبي کي تباهه ڪندا ۽ پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪندا. انهن هٿيارن ۾ ڌاڙا، ڦرون، ڪلاشنڪوفون، نفرتون، نشو، چوريون ٺڳيون سڀ شامل آهن. اهي سڀ سماج مخالف سسٽم جو حصو بڻجي سماج کي نقصان پهچائيندا. ڇو ته انهيءَ سسٽم انهن کي تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم ڪيو آهي. انهيءَ ڏوهه جا پيرا کڻون ٿا ته اهي پيرا حڪومتي ايوانن تائين پهچن ٿا ۽ انهن حڪومتي ايوانن ۾ گذريل 15 سالن کان واحد پيپلز پارٽي حڪومت ڪري رهي آهي. سندن تعليم بابت پاليسي جو حال اهو آهي جو مجبور ٿي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي سنڌ جي 19 ضلعن ۾ 2640 بند پيل اسڪول کولڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو. هي اهي انگ اکر آهن، جيڪي ڪورٽ سڳوري جي سامهون آيا آهن. انهن اسڪولن جي عمارتن جي، اتي پڙهائيندڙ استادن جي ۽ انهيءَ ۾ پڙهندڙ ٻارن جي ذهني، معاشي، حالت اسان جي سامهون آهي. اليڪشن مهم جي دوران پيپلز پارٽي چئي رهي آهي ته اسان کي هڪ ڀيرو موقعو ڏيو، اسين ملڪ جي حالت تبديل ڪري ڇڏينداسين شايد سندن حافظو ڪمزور آهي يا ملڪ جي عوام کي بنهه سادو سمجهن ٿا. اسين پڇون ٿا ته پوري ملڪ ۾ 2008 کان 2013 تائين مرڪزي حڪومت ڪنهن جي هئي؟ ۽ ان وقت ملڪ سان، ملڪ جي ترقيءَ سان، ملڪ جي تعليم سان ڪهڙيون ڀلايون ٿيون، مهرباني ڪري انهيءَ کي به واضح ڪريو. خاص طور تي صوبي سنڌ بابت جنهن ۾ اوهان جي مسلسل 15 سالن کان حڪومت هلندي رهي آهي ۽ ايندڙ 5 سال به اوهان کي صوبي اندر حڪومت ملڻ جو قوي امڪان آهي. ترقي جو واحد رستو تعليم آهي، ان رستي کي اوهان 15 سالن ۾ ڪيترو بهتر بڻايو آهي؟ جنهن تي هلي سنڌ جو ٻار تعليم يافته ٿي صوبي ۽ ملڪ جي خدمت ڪري سگهي. مٿيان انگ اکر ٻڌائين ٿا ته جڏهن 70 لک ٻار تعليم جي زيور کان محروم ٿي مجرماڻين سرگرمين ۾ ملوث ٿيندا ته ان جو اثر سماج تي ڪيترو پوندو. انهن مان ڪيترا بدمعاش ٿيندا، ڪيترا منشيات فروش ٿيندا، ڪيترا پينو فقير ٿيندا، ڪيترا چور ٿيندا، ڪيترا ڌاڙيل ٿيندا ۽ ان کان علاوه نه ڄاڻ ته ٻين ڪيترن ڏوهن جو شڪار ٿي معاشري کي شڪار ڪندا. اهي سڀ نه صرف پنهنجي لاءِ خطرو هوندا، پر سماج جي انهن فردن جي لاءِ انتهائي وڌيڪ خطرناڪ هوندا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نموني سان تعليم حاصل ڪري پنهنجي معاشي ۽ سماجي حالتن کي بهتر بڻايو ويٺا آهن ۽ پوءِ اوهان جو قانون ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا به پوري قوت سان ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به انهن کي قابو ڪري نه سگهندا ۽ پوءِ ان وقت سماج ۾ جيڪا انارڪي هوندي ان جو ننڍو مثال اسين هن وقت ڏسي رهيا آهيون ته نه روڊ محفوظ آهن، نه گهر محفوظ آهن، ماڻهن کي روڊ رستن تان کڻي يرغمال بڻائي انهن کان پئسا وصول ڪيا وڃن ٿا، ۽ پوءِ وري پوليس به انهن ڏوهارين سان گڏ بيٺل نظر اچي ٿي. وقت هينئر به نه ويو آهي، ايندڙ حڪومت جيڪا گهڻي ڀاڱي گذريل 15 سالن جو تسلسل هوندي انهيءَ کي تعليم بابت پنهنجي پاليسي کي واضح ڪري لاڳو ڪرڻو پوندو ۽ جيتري بجيٽ تعليم جي لاءِ رکي وڃي ٿي، گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ کي ٻيڻو ڪري صوبي جي تعليم کي بهتر بنائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو. اهو به انهيءَ نيت ۽ يقين سان ته جيڪا بجيٽ رکي وڃي اها تعليم جي ڀلائي لاءِ خرچ ٿئي، نه ڪي سياستدانن ۽ ڪرپٽ بيوروڪريٽن جي کيسي جي خرچي ٿئي. بند ٿيل اسڪول هڪدم کوليا وڃن، اتي مستند ۽ تربيت يافته استادن کي جديد دور جي تعليم سان آراسته ڪري تربيت جا ورڪشاپ ڪرائي پوءِ انهن اسڪولن ۾ موڪليو وڃي ته جيئن سنڌ جي ٻار جي بهتر تعليم جو بندوبست ٿي سگهي، نه صرف تعليم پر انهن کي هنري تربيت به ڏني وڃي ته جيڪي ٻار مستقبل ۾ ڪو هنر اختيار ڪري پنهنجو پيٽ پالڻ چاهين ٿا ته انهن وٽ اها هنري سکيا موجود هجي. اهو ئي ٻار آهي جنهن کي سنڌ جو مستقبل سنوارڻو آهي. سنڌ جي ترقي جي هر شعبي ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻو آهي، ايمانداري هجي، امن امان هجي، تعليمي قابليت هجي، ميرٽ هجي ۽ ٻيا ڪيترائي شعبا آهن، جن کي بهتر استعمال ڪري دنيا ترقي يافته بڻجي چڪي آهي. انهن سڀني ڪمن جي اسانجي نوجوان کي تعليم ڏني وڃي ۽ تربيت پڻ ڪئي وڃي، اهو ئي واحد رستو آهي، جنهن تي هلي ٻار تعليم يافته بڻجي قابل ۽ ذميوار فرد بڻجي پنهنجي لاءِ، پنهنجي ملڪ جي لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو. صرف نعرن سان تبديلي نه ايندي. تبديلي پاليسي جوڙڻ ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ سان ممڪن آهي.