سنڌ حڪومت پاران وفاق کان ارسا چيئرمين کي هٽائي سنڌ مان نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو مطالبو
زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ارسا چيئرمين آبي معاهدي تحت سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، کيس فوري طور هٽائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. هن چيو ته ارسا قانون موجب ڪو به ميمبر 65 سالن کان وڌيڪ عمر وارو شخص مقرر نٿو ٿي سگهي، ارسا چيئرمين جي عمر 74 سالن کان مٿي آهي، اهڙو عمل ارسا رولز جي خلاف آهي، غير قانوني ويٺل چيئرمين کي هٽايو وڃي. پنهنجي بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته سکر بئراج ۾ صرف 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي بچيو آهي، پاڻي نه ملڻ ڪري ساريالو، ڪپهه، ڪمند ۽ ٻيا فصل متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ته ارسا چيئرمين کي نه هٽايو ويو ۽ سنڌ کي حصي جو پاڻي نه مليو ته پوءِ عمران حڪومت خلاف دمادم مست قلندر ٿيندو. صوبائي صلاحڪار جو چوڻ آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري ڪراچي، بدين، ٺٽو ۽ سجاول ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، ارسا چيئرمين هٽائي سڀني صوبن لاءِ قابل قبول ۽ انصاف ڪندڙ سنڌ مان نئون چيئرمين مقرر ڪيو وڃي. منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته تونسا پنجند ڪئنال مان هن وقت به بندوق جي زور تي پنجاب حڪومت ارسا چيئرمين سان ملي پاڻي جي چوري ڪري رهي آهي، پنجاب جون اعليٰ شخصيتون پنهنجون زرعي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيون آهن. سنڌ جو پاڻي بند ڪري عمران حڪومت ملڪ ۾ زرعي پيداواري بحران پيدا ڪرڻ چاهي ٿي.

