سنڌ هاءِ ڪورٽ ورلڊ بينڪ جي ڏنل زرعي فنڊن جو رڪارڊ گهري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي جج صاحبان جناب صلاح الدين پنهور ۽ جناب فهيم احمد صديقي پاران زراعت کاتي جي عملدارن کي نوٽيس موڪليو ويو آهي ته ورلڊ بينڪ پاران ڏنل فنڊ ۽ انهن مان ٿيل خرچن جو احوال عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي. پٽيشن ۾ درخواست گذارن پاران الزام لڳايو ويو آهي ته فنڊن ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي ۽ ننڍن آبادگارن کي ان مان فائدو نه ڏنو ويو، ورلڊ بينڪ طرفان اربين رپيا ڏنا ويا آهن جيڪي کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ چوپائي مال جي لاءِ ڪم آڻڻا هئا. هڪ پروجيڪٽ ۾ 6 کان 8 ارب رپيا ڏنا ويا آهن ته اهي ننڍا آبادگار جيڪي مرچ، بصر، کجي ۽ چانورن جون پوکون ڪن ٿا انهن جي مالي مدد ڪئي وڃي. درخواست گذارن جو چوڻ آهي ته ٻن سالن کان هلندڙ پروجيڪٽ ۾ سياسي بنيادن تي 10 ڊائريڪٽرن کي هٽايو ويو آهي. ياد رهي ته 112000 ننڍن آبادگارن کي هن پروجيڪٽ مان فائدو پهچڻو هو، جنهن سان گڏ 66000 ايڪڙن جي ايراضي کي به هن پروجيڪٽ مان فائدو ملڻو هو. پروجيڪٽ جو مقصد هو ته پوک دوران نقصان کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ پيداوار کي وڌايو وڃي

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments