سنڌ يونيورسٽي ڪرپشن ڪيس: چالان پيش نه ڪرڻ تي عدالت جي آخري وارننگ
ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڪرپشن ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي پڪو چالان پيش نه ڪرڻ تي آخري وارننگ ڏيندي شنوائي 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سميت عبوري ضمانت حاصل ڪندڙ لڳ ڀڳ 50 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، خاص عدالت جي جج جاچ آفيسر کان پچيو ته ڪيس جو پڪو چالان اڃان پيش ڇو نه ٿيو آهي، تنهن تي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته ٽيڪينڪل رپورٽ نه ملڻ سبب چالان پيش نه ڪيو ويو، ان لاءِ ٻيهر مهلت ڏني وڃي، معزز جج عبدالغفور ڪلهوڙو جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان رڳو مهلت وٺڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿا ٿيو، عدالت جاچ آفيسر کي حڪم ڏنو ته آخري مهلت ڏيئي رهيا آهيون، جيڪڏهن رپورٽ جمع نه ٿي ته عدالت سمورن جوابدارن جي ضمانت بابت پاڻمرادو فيصلو ٻڌائي ڇڏيندي. واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن ڄامشورو پوليس سنڌ يونيورسٽي ۾ مبينا 73 ڪروڙ 75 لک رپين جي ڪرپشن جو ڪيس اڳوڻي وائيس چانسلر سميت 68 جوابدارن خلاف داخل ڪيو جنهن مان 50 کان وڌيڪ جوابدارن عبوري ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي.

