سنڌ ۾ هزارين اسڪول بند ڪرڻ ۽ گهر ويٺي پگهار کڻندڙ استادن خلاف ڪارروائي جو فيصلو
سنڌ جي تعليم کاتي سڄي صوبي ۾ 4 هزار 901 غير فعال اسڪول بند ڪرڻ ۽ غير فعال اسڪولن ۾ مقرر گهر ويٺي پگهارون وصول ڪندڙ استادن خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي صوبي ۾ غير فعال اسڪولن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ سڄي سنڌ ۾ 4 هزار 901 نان فنڪشنل اسڪولن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جن مان 3 هزار 442 نان فنڪشنل اسڪولن جي حالت انتهائي خراب آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته انهن غير فعال اسڪولن ۾ مقرر سالن کان گهر ويٺي پگهارون وصول ڪندڙ استادن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ هڪ هزار 459 گهوسٽ اسڪولن جو به انڪشاف ٿيو آهي، جيڪي رڳو سرڪاري ڪاغذن ۾ ئي موجود آهن، زميني حقيقتن موجب هڪ به اسڪول موجود ناهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته گهوسٽ اسڪولن ۾ ڪراچي، بدين، دادو، گهوٽڪي، جيڪب آباد، قمبر، ميرپورخاص، ڄامشوري ۽ سانگهڙ ۾ اسڪول شامل هئا، جيڪي سرڪاري ڪاغذن ۾ موجود هئا، انهن اسڪولن ۾ شاگرد، استاد ۽ اسٽاف رجسٽرڊ نه آهن.