سنڌ ۾ وڌندڙ انتها پسندي جي لهر ايڊيٽوريل April 2021
اسان جو ملڪ پاڪستان جيئن ته مذهبي انتها پسنديءَ جو شڪار رهيو آهي. جتي ساڃاهه، عقل، سهپ کي ٻاهر اڇلائي هتي نراجيت (Anarchy) کي پنهنجو راڄ قائم ڪرڻ لاءِ کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي. عقيدي جي بنياد تي مذهبي جٿا جڏهن چاهين ساڃاهه وند ذهنن کي فتوائن جي نشاني تي رکي انهن تي موت مسلط ڪري سگهن ٿا. اهو سڀ گذريل صديءَ جي ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن ۾ افغان جنگ جي پسمنظر ۾ انهن مذهبي گروهن کي جيڪي هڪ بين الاقوامي ايجنڊا تي جنگ ۾ حصو وٺي رهيا هئا کلي ڇوٽ ڏني وئي. تڏهن کان 2021 جي شروعات تائين به اسان جي امن پسند ملڪ جي ڪمزور طبقن، اقليتن ۽ ساڃاهه وند ماڻهن کي خوف ۽ حراس ۾ رکيو ويو آهي. انهن تي الزام هڻي يا ته قتل ڪيو ويو آهي يا ملڪي قانون جي آڙ ۾ انهن کي زندگي ڀر قيد جون سزائون ٻڌايون ويون آهن مطلب ته متوازي ۽ ترقي پسند سوچ جي ماڻهن کي، جيڪي محب وطن ۽ مسلمان به آهن ۽ پنهنجي عقيدي ۽ ايمان تي پختا به آهن، پر فتويٰ باز هٿيار بند ٽولا جن کي سياسي ۽ رياستي سرپرستي حاصل آهي، بي خوفيءَ سان اهڙن انسانن جو شڪار ڪندا رهن ٿا. اهي ايترا طاقتور آهن جو جڏهن چاهين ماڻهن جا هجوم وٺي زندگيءَ جو ڪاروبار مفلوج ڪري ڇڏين ۽ رياست انهن جي آڏو بيوس نظر اچي ٿي. اهو سڀ ڪجهه امن پسند عوام ڏسندو رهي ٿو، جو بيوس ۽ غريب آهي ۽ پنهنجي مانيءَ ٽڪر لاءِ پريشان آهي ۽ ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. اهو انهن عملن سان سهمت هرگز نه آهي، پر ڪري به ڪجهه نٿو سگهي.
سال 2018 ۾ آيل نئين حڪومت مان ماڻهن کي وڏيون اميدون هيون ته اها حالتن کي تبديل ڪندي ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻيندي، پر اها اميد آس بڻجي وئي. تبديلي پسند حڪومت خود عقيدي کي هٿيار بڻائي پنهنجي نااهلي کي پئي لڪايو آهي. پاڪستان جو عوام وفاقي سرڪار کان اها گهر ٿو ڪري ته اها ملڪ جي ڪمزور طبقن جو ڏڍ بڻجي، انهن کي عزت ڀري بي خوفي واري زندگي گذارڻ جي ضمانت ڏي ته جيئن ملڪ سائنس، علم ۽ ادب جي نئين ڏسائن ۾ ڪم ڪري سگهي. سائنسي تحقيق ٿئي ادب ۾ بي خوفي سان تخليق ٿي سگهي. ڪاليج يونيورسٽيون پنهنجو علمي ڪم ڪري سگهن، هتي تعليمي ادارن جا اڳواڻ رڳو اهو طئي ڪري رهيا آهن ته شاگرد ڪهڙو لباس پائي تعليم حاصل ڪندا. ڪهڙي تعليم ڏني وڃي اهو درسگاهن ۾ ڪير طئي ڪندو؟ علم جو حصول ئي انهن جي ترجيح هجڻ گهرجي، پر سڀ ڊنل آهن ان جو سبب اهو آهي ته انتها پسندي گذريل صدي کان اڄ ڏينهن تائين سنگين صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ هن وقت صورتحال انتهائي ڳنڀير ٿي چڪي آهي. مذهبي انتها پسندي جو ڄار هڪ خاص ترتيب سان وڇايو پيو وڃي. ڪجهه سالن کان انهيءَ ۾ ساڃاهه وند، علم دوست، دانشمند ماڻهن کي ڦاسايو پيو وڃي، انهن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي.
سنڌ پنهنجي تاريخ ۾ صوفين جي سر زمين رهي آهي جنهن هميشه عقل ۽ دانش رکندڙن لاءِ احترام آڇيو آهي. سنڌي سماج هميشه کليل ذهن ۽ دل وارو رهيو آهي ۽ ان جي تاريخ رکي ٿو. جتي جا عالم، ڏاها، دانشمند ۽ مذهبي شخصيتون انهن جا ذهن ۽ ضمير جن وٽ ماڻهپي لاءِ عزت اولين ترجيح رهي آهي، پر ڪجهه سالن کان انتها پسندي جو اهڙو واءُ وريو آهي جو صوفين جي سر زمين سنڌ ۾ آهستي آهستي ڪاريگريءَ سان باشعور طبقي توڙي عام ماڻهن کي مذهبي انتها پسندي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. مختلف مسلڪن جي مدرسن جا ڄار وڇايا پيا وڃن ۽ اتان انتها پسندي کي هٿي ڏني پئي وڃي، نه ته برصغير پاڪ ۽ هند ۾ مدرسن جي مذهبي تعليم جي شاندار تاريخ رهي آهي جتي ديني ۽ دنياوي تعليم جو هڪ اهڙو نظام هو جنهن ۾ انسانيت سک سان ساهه کڻي رهي هئي ۽ معاشرو صحتمند رهيو. سنڌ جا ڪجهه مدرسا ته سئو سال کان مٿي پراڻا آهن، پر انهن جو ڪڏهن به ڪنهن به انتها پسندي ۾ ڪوبه ڪردار نه رهيو آهي. تاريخ جي هڪ اهم موڙ تي جڏهن ورهاڱي سبب مذهبي فساد ٿي رهيا هئا تڏهن به انهن مدرسن جو ڪردار انسان دوستي وارو رهيو. ستر ۽ اسي جي ڏهاڪي ۾ افغان جنگ جي پسمنظر ۾ انتها پسندي ۽ اڻ سهپ جو اثر اسان جي سماج تائين پهتو ۽ ان جي نتيجي ۾ عام ماڻهو قانون هٿ ۾ کڻڻ شروع ڪيو، پر ان وقت به سنڌ واسي اهو محسوس ڪري رهيا هئا ته سنڌ ۾ انتها پسندي ڪونهي، صوفي سنڌ انهيءَ اثر کي قبول نه ڪندي، پر هن وقت سڀ دلگير آهيون جو ڪجهه سالن کان اها مذهبي انتها پسندي سنڌ اندر گهر ڪندي وڃي. ايئن لڳي رهيو آهي ته جن صوفي روايتن تي سنڌي سماج فخر ڪندو هو اهي روايتون شڪست کائي رهيون آهن. ڪجهه سالن کان اسان جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جن ۾ پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ ٻين ساڃاهه وند ماڻهن تي منظم انداز ۾ حملا ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ جون اقليتون ته انهن جي نشاني تي آهن. اهي نه رڳو غير محفوظ آهن، پر انهن جا گهر ٻار ۽ انهن جون نياڻيون به غير محفوظ آهن جن جي نياڻين جي عقيدي کي تبديل ڪري ساڻن زبردستي نڪاح ڪيو ٿو وڃي. انتهائي ڏک جوڳي ڳالهه اها آهي جو سنڌ جي هڪ باضمير، با ڪردار، بهادر ۽ غير معمولي تخليقڪار، ڪهاڻيڪار جي هڪ پراڻي وڊيو رکي ان کي بنياد بڻائي سوشل ميڊيا تي موجود انتها پسند سندس ڪردار ڪشي ڪري رهيا آهن. سنڌ پنهنجي انهيءَ دانشور سان اهڙي وهنوار کي قبول نٿي ڪري ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڪنهن به اهڙي رويي کي قبول ڪندي. سڀ ساڃاهه وند انسان انهن جو تعلق ڀلي کڻي ڪنهن به صوبي يا مذهب سان هجي ساڻس گڏ بيٺل آهن ۽ سراپا احتجاج آهن. اسان کي سنڌ حڪومت جي رويي تي به ڏک آهي جو هيڏي وڏي واقعي تي سنڌ حڪومت خاموش رهي آهي ۽ انتها پسند نه صرف سنڌ حڪومت بلڪه رياست جي رٽ کي به للڪاري رهيا آهن. سنڌ جي ماڻهو پيپلز پارٽي کي هڪ ترقي پسند جماعت سمجهي هميشه ٻين پارٽين تي ترجيح ڏني آهي ۽ پنهنجو ڪيترو ئي نقصان برداشت ڪندي به هميشه ان پارٽي کي چونڊيو آهي ۽ ان کي هڪ نمائنده پارٽي تصور ڪيو آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت اهڙن ڏکين لمحن ۾ سنڌ جي عوام جي جذبن کي سمجهڻ بدران انهن طاقتن سان گڏ بيٺي جيڪي انتها پسندي کي هوا ڏيئي رهيون آهن ته يقينن سنڌ حڪومت پنهنجو اقتدار ٻيهر سنڌ ۾ حاصل نه ڪري سگهندي. انهيءَ کي انتها پسندي جي مقابلي لاءِ کلي سامهون اچڻو پوندو، نه ته سندس نقادن جي ان ڳالهه کي هٿي ملندي ته اها پارٽي ترقي پسنديءَ جي ليبل هيٺ هڪ رجعت پسند پارٽي آهي.
سنڌ جي عوام کي اهو پورو حق آهي ته هو پنهنجي نمائنده پارٽي کان پڇن ته انهن جي انتظام هيٺ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو زوال ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو، جيڪڏهن اهي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون پنهنجو تعليمي ڪم فرض سمجهي ڪن ها ته اڄ سنڌ انتها پسندي جي لهر سان ائين مقابل نه هجي ها. اسين اميد ٿا ڪريون ته تعليمي ادارن کي فعال ڪري تعليمي سرگرمين کي حقيقي معنيٰ ۾ جاري رکيو وڃي ته جيئن علم ۽ روشن خيالي جي روايت کي بحال ڪري سگهجي ۽ انسان دوستي، سهپ، رواداري، علم ۽ دانش واري سماج کي هٿي ملي. اهڙو امن پسند معاشرو سنڌ جو بنيادي حق آهي ۽ انهيءَ جدوجهد ۾ سنڌ حڪومت کي سنڌ جي عوام سان گڏ بيهڻو پوندو.