بلاگخاص

سهاڳڻ اها سڏائي….

الطاف شيخ جو سفر نامو: جيءَ اندر جهاتي

سهاڳڻ اها سڏائي….

الطاف شيخ

ليکڪ ننڍو هجي يا وڏو يعني نئون لکندڙ هجي يا پراڻو، هو هميشه اهو چاهي ٿو ته جيڪي ڪجهه هو لکي اهو جھٽ پٽ اخبار يا رسالي ۾ ڇپجي وڃي.

ڪاوش اخبار جنم وٺڻ سان ئي تيز رفتاري سان مشهور ٿيڻ لڳي. ان کان اڳ اسان ڪنهن ٻي اخبار کي ايڏو ترت وڪري ۽ معيار ۾ وڌندي نه ڏٺو هو. ان جو Credit ان جي مالڪ علي قاضي کي وڃي ٿو جنهن لاءِ منهنجا اديب دوست جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا، ڪراچي ۾ منهنجي جهاز اچڻ تي مونکي ٻڌائيندا هئا ته اهو ان ڪري جو علي ان فيلڊ جو ڄاڻو آهي… هن جرنلزم ۾ ماسٽرس ڪئي آهي. هو پنهنجو پاڻ کي نمايان ڪرڻ بدران پنهنجي اخبار ۾ اهو  ڪجهه ڇاپي ٿو جيڪو پڙهندڙ چاهين ٿا. مون ڏٺو ته سندس شادي ٿي ته ان جي خبر به پٺئين صفحي تي هڪ ڪالم ۾ چند سٽن ۾ ڏنائين. نه ته اڄ ڪلهه اسانجون سنڌي اخبارون روزانو رڳو مالڪن جا فوٽو ڏيڻ ۾ پوريون آهن يا ان سياسي پارٽي جون خبرون جنهن سان هو وابسته آهن. اخبار کي روزانو ڳوٺ ڳوٺ تائين پهچائڻ لاءِ عليءَ ڪافي محنت ڪئي آهي نه ته اسان جون ڪيتريون سنڌي اخبارون ڀر واري شهر ۾ به ڪڏهن ڪڏهن نٿيون پهچن. بهرحال اهو سوچي ته منهنجيون لکڻيون گهڻي کان گهڻا ماڻهو پڙهن مون پنهنجا ڪالم ڪاوش ڏي موڪليا جيڪي ايڊيٽر کي پهچڻ سان ڇپبا رهيا ٿي. اداري واري صفحي جو انچارج شروع کان عزيز سولنگي رهيو آهي ۽ اڃان تائين هلندو اچي.

ڪاوش جي گهڻو هلڻ ڪري لکڻ وارا به وڌڻ  لڳا. ظاهر آهي وچئين صفحي جي انچارج تي پريشر وڌڻ لڳو. هن کي نه رڳو واري ٺاهڻي پئي جيئن سڀني اديبن کي موقعو ملي پر اهو به ڏسڻو پيو ٿي ته وقت جي تقاضا ڇا آهي…. يعني ڪهڙي قسم جي ڪالم کي وڌيڪَ ترجيح ڏني وڃي. حالات حاظره واري کي، سياسي نوعيت واري ڪالم کي، اسان جهڙي جي سفرنامي کي يا ڪنهن مزاحيه يا ضروري معلومات واري ڪالم کي .

پر گهڻو ڪري ڪيترائي ليکڪ مون وانگر ٻئي پاسي جي مجبورين ۽ ڏکيائين جو نٿا سوچين. مون کي سياست يا راندين لاءِ دلچسپي ناهي ته مون لاءِ انهن بابت ڪالم (Write ups) ڄڻ غير ضروري ٿيا. مون لاءِ ڄڻ سڀ ڪجهه منهنجا ڪالم ٿيا ۽ منهنجي عزيز سان ان ڳالهه تي کٽ پٽ هلندي رهي ٿي ته منهنجو ڪالم ڪڏهن ٻئي ٽئين ڏينهن ڏين ٿو ته  ڪڏهن ٻه ٻه هفتا ٿيو وڃن. آخر هن شريف ماڻهوءَ مون لاءِ هفتي جو هڪ ڏينهن مقرر ڪيو ته ان تي منهنجو ڪالم ايندو. سائين ٻه يا ٽي هفتا ته ڪم صحيح هليو. ان بعد جيڪو ڏينهن آيو ان ڏينهن هندن جي ڏياري يا هولي ٿي پئي. ظاهر آهي ان ڏينهن تي ڏياري تي مضمون آيا ته منهنجو ڪالم رهجي ويو. ان بعد واري هفتي کانپوءِ ان ڏينهن تي عيد يا ڪو اهڙو ڏينهن آيو جو اخبار نه ڇپي ۽ منهنجو ڪالم وري رهجي ويو. عزيز کي چيم يار هيءَ ته مون سان جٺ ٿي! هو ڇا چوندا آهن ته نڀاڳي مڱڻهار کي گهورَ مهل ٽورو لڳي. سو اسان سان به اهڙو نڀاڳ اچي ٿيو آهي جو جنهن ڏينهن تي منهنجي ڪالم جو وارو اچي ٿو ان ڏينهن ڪجهه نه ڪجهه لڳو پيو آهي. ان کان پراڻو سسٽم ئي رک.

هڪ ڏينهن عليءَ کي KTN جي آفيس ۾ کلي وتائي فقير واري ڳالهه ڪئي مانس ته يار ٽنهي چئنلن ۽ اخبارن جو ڪنٽرول تنهنجي هٿ ۾ آهي يعني جيڪي وڻنئي اهو ڪري سگهين ٿو پر هڪ ڳالهه عزيز سولنگي جي هٿ ۾ آهي…. وڻيس ته اسان جو ڪالم ڏئي وڻيس ته نه ڏئي.

ياد رهي ته وتائي فقير کي هڪ ڏينهن جمعي نماز تي وٺي ويا. مولوي صاحب واعظ دوران جڏهن چيو ته ”بابا هر شيءِ الله جي هٿ وس آهي“ ته وتائي فقير اتي چيس ته مولوي صاحب اها ڳالهه تنهنجي سچي هوندي پر منهنجي خيال ۾ هڪ شيءِ امان جي هٿ ۾ آهي…. وڻيس ته ڀت رڌي وڻيس ته ماني پچائي.

بهرحال مونکي هر وقت عزيز سان شڪايت رهي ٿي ته هو منهنجا ڪالم ايترو جلد نٿو ڏئي جيترو آئون چاهيان ٿو. ان وقت منهنجي اها سوچَ ان ڪري هئي جو مون سمجھيو ٿي ته منهنجا ئي ڪالم دلچسپ آهن، منهنجي ئي ڪالمن جي پڙهندڙن کي ضرورت آهي. ڳالهه اها آهي ته هر ڪو ليکڪ سمجھي ٿو ته هن جي لکڻي بهترين آهي. هڪ روسي پهاڪو به آهي ته هر هڪ کي پنهنجي لکڻي ۽ ٻئي جي زال وڻندي آهي. ”پهاڪا ڏاهن جا ئي قولَ آهن“ اهو سنڌ يونيورسٽي جي ڊين قاسم ٻگھئي جو چوڻ آهي سو ضرور صحيح هوندو. جيسيتائين ڊيزل ۽ پيٽرول ۽ انجڻيون ايجاد نه ٿيون هيون سمنڊ تي جهاز سڙهن ۽ هوائن جي رخ تي هليا ٿي ۽ جهاز هلائڻ وارا ملاح، ناکئا (ناخدا يعني نائو+خدا) سڀ ڪجهه هئا جن سمنڊ تي رستو ڳولهي منزل تي پهچايو ٿي. پوءِ انجڻين جي ايجاد بعد جهازن تي انجنير آيا ۽ جهاز  هوا لڳڻ جو انتظار ڪرڻ بنا نه  فقط هلڻ لڳا پر جنهن طرف مالڪ چاهيو ٿي ان ڏي هلڻ لڳا. شروع جا سال آئون سمجھندو هوس ته اسين انجنيئر (يعني مئرين انجنيئر) ئي آهيون جن جي ڪري جهاز هلن پيا ۽ جهاز جا مالڪ پئسو ڪمائين پيا. پر پوءِ چيف انجنيئر ٿيڻ بعد خاص ڪري ڪناري جي نوڪري ۾ اچي احساس ٿيو ته جهاز جا ناخدا (نيويگيٽر) ۽ انجنيئر ته پنهنجي جاءِ تي اهم آهن پر انهن کان وڌيڪَ ته اهي ڪمرشل مئنيجر آهن جيڪي ڪناري تي  آفيس ۾ ويهي جهاز لاءِ ڪارگو هٿ ڪن ٿا ۽ ان مطابق اسان مختلف بندرگاهن ڏي وڃون ٿا نه ته اتي ڪراچيءَ ۾ ئي پيا ڌوڙ پايون ۽ جهاز کي زنگ لڳي وڃي. ڪجهه عرصي کان پوءِ اڳتي هلي خبر پيئي ته اسان سڀني کان اڃان به اهم ته انشورنس ائنڊ ڪليمس ڊپارٽمينٽ جا مئنيجر آهن جيڪي جهاز جي حادثي يا ڪارگو کي نقصان پهچڻ تي مختلف ڪورٽن ۾ عقلمندي ۽ گهري ڄاڻَ جي آڌارَ تي ڪيس وڙهي جهازن جي مالڪ کي ڪروڙها رپين جي نقصان کان بچائين ٿا ۽ ٻڏل جهاز جي عيوض مالڪ کي نئون جهاز ڏيارين ٿا.

اهڙي طرح هِتي به مونکي احساس ٿيو ته رڳو سفرناما اهم نه آهن. ان کان وڌيڪَ ماڻهن جي دلچسپي راندين بابت لکيل ڪالمن ۾ آهي ۽ حالات حاظره تي اڃان به وڌيڪَ! اهو سوچي چُپڙي ڪرڻي پيئي. پر ان هوندي به هڪ ڏينهن جوش ۾ اچي عليءَ کي چيم ته هيتريون سنڌيءَ جون اخبارون آهن. آئون ڪاوش ۾ لکڻ بدران ڪنهن ٻيءَ ۾ لکڻ  چاهيان ٿو جيڪا منهنجا هفتي ۾ ٻه ٽي ڪالم ڏئي. عليءَ چيو ڀلي پر پڙهندو ته ڪير به نه. ان وقت مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ مون ڏٺو ته واقعي. هڪ ٻه اهڙيون به اخبارون آهن جيڪي منهنجي پراڻن سفرنامن مان تقريباً روزانو هڪ ڏين ٿيون پر انهن اخبارن جي نه مونکي خبر آهي ته ڪهڙي بڪ اسٽال تي آهن ۽ نه انهن بابت ڪنهن پڙهندڙ جو ڪو فيڊ بئڪ ملي ٿو.

سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ پنهنجن ويهارو کن سڃاڻن کان پڇيم ته هو ڪاوش ڇو ٿا پڙهن؟ مڃان ٿو ته سنڌيءَ ۾ روزانو نڪرندڙ ٽيهارو کن اخبارن ۾ اڌ کان وڌيڪَ ڊمي آهن جن جي مالڪن جو اخبار ڪڍڻ مان مقصد فقط سرڪاري اشتهار ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪرڻ آهي. جِتي ڪاوش لک کان مٿي ماڻهو پڙهن ٿا اتي ٽي چار اهڙيون اخبارون آهن جيڪي سالن کان باقاعدي نڪرنديون اچن پر ويهارو کن هزارن کان مٿي ماڻهو نٿا پڙهن. ”ان جو ڇا سبب آهي؟“ مون پنهنجي واقفڪارن کان پڇيو. هنن جا ڏنل ڪجهه سبب هن ريت آهن: وقت تي نه ڇپجڻ يا بهتر ٽرانسپورٽيشن (Transportation) جي بندوبست نه هجڻ ڪري هفتي ۾ هڪ ٻه ڏينهن اخبار گهر ۾ نٿي پهچي ۽ موڊ خراب ٿيو وڃي…. ڇپائي صاف ۽ سٺي ناهي…. هٿن کي مس ٿي لڳي…. ايڊيٽوريل صفحي تي بهتر اديبن ۽ سياسي تجزيانگارن جا ڪالم نٿا اچن…. خبرون ته اها هر وقت TV تان به ٻڌون ٿا….. پڙهندڙ حالات حاضره بابت اعليٰ قسم جي مفڪرن، ليکڪن ۽ سياستدانن جيا ويچارَ ۽ تڪڙي قسم جا ايڊيٽوريل پڙهڻ چاهين ٿا. اڙدو جي ”دنيا“ اخبار نڪتي ته ان جو مالڪ جنگ، امت، ايڪسپريس جهڙين اخبارن جا ڪالم نويس ڇڪي آيو جنهن لاءِ هن وڏو خرچ ڪيو نتيجي ۾ اخبار تمام جلد عروج تي پهچي وئي هِتي اسان وٽ اخبار وارا سنڌي ڪالم نگار يا ليکڪ کي ٽڪو به نٿا ڏين جيتوڻيڪ اخبارن وارا  اشتهارن ذريعي خوب ڪمائين ٿا پر ڪنهن ليکڪ جي همت افزائي ڪندي ٻَرو چڙهين ٿو.

هونءَ ليکڪ جي حيثيت ۾ آئون اهوئي چاهيان ٿو ته ٻين اخبارن جو به معيار وڌي ۽ ٻين اخبارن کي به ماڻهو پسند ڪن، رڳو ڪاوش جي هڪ هٺي نه هجي. گهڻيون اخبارون هونديون ته پوءِ اسان ليکڪن جو به مانُ وڌندو. اخبارن جا ايڊيٽر اسان کي سندن اخبارن ۾ لکڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪندا نه ته ٻي صورت ۾ اسان سڀ عزيز سولنگي کي ئي منٿ ميڙ ڪندا رهنداسين…… ۽ هو ويچارو به ڇا ڪري….. ٻين سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ ته ايڊيٽوريم جا ٻه صفحا ٿا ٿين. ڪاوش ۾ ته اڃان تائين هڪ هلندو اچي….. چاهي ڪنهن ڏينهن اها ڀلي 16 صفحن جي نڪري.

هينئر ويجھڙائيءَ ۾ مڙيئي هڪ سنڌي اخبار وڏي زور شور سان نڪتي آهي ۽ اسان جي دعا آهي ته من اها ڪاوش جي ٽڪر جي ٿي پوي ته ڪجهه اَديبَ ان ۾ لکڻ لڳن يا اسين ئي کڻي ان ۾ لکنداسين ۽ اسان جي دوستن کي ڪاوش ۾ لکڻ جو وڌيڪَ موقعو ملي ويندو. ڪاوش جي مستقل ڪالمن نويسن مان پنهنجن ڪيترن دوستن ۽ سڃاڻن کي چيم ته بابا هاڻ ڪجهه هوڏانهن به هلو….. پر هو رڳو ويٺا سوچين….. شايد سمجھه ۾ نٿو اچين جو هڪ اخبار کي ڇڏي ٻيءَ ۾ لکڻ ائين آهي جيئن بنا سبب هڪ مڙس ڇڏي ٻيو ڪرڻ پر ٻئي جي سک نه ڏنو ته ڪهڙي غيرت واري عورت وري پهرين مڙس وٽ اچي وهندي ۽ جي موٽي ايندي به ته اهو وهڻ به ڏيندس؟ ٿي سگهي ٿو اهو مڙس تيسيتائين ٻي زالَ وٺي آيو هجي…… اخباري دنيا ۾ ته هڪ ڏينهن به انتظار نٿو ٿئي. هڪ ڪالم نگار لکڻ ڇڏي ٿو ته ٻيا کوڙَ ويٺا آهن. مون نثار کوکر، ذوالفقار، ٻگھيو نصير مرزا، زيب سنڌي، اسحاق مڱريو، لياقت عزيز ۽ ٻين ڪيترن کي فون ڪري ان نئين اخبار جون تعريفون ڪيون ته ان ۾ لکو پر هر هڪ مرزا غالب وانگر گول مول جواب ڏيندو رهيو. ياد رهي ته مرزا غالب ڪليم ٿي ڪيو ته هو  هر شراب جي ٽيسٽ کان واقف آهي. دوست يار هن کي پيگ مٿان پيگ مختلف شرابن جو پياريندا ويا ۽ هو ٻڌائيندو ويو ته هي فلاڻو شراب وسڪي، وودڪا، موٿائي، برانڊي، بيئر وغيره آهي؟ پيئندي پيئندي هن جا نشا به ڪافي چڙهي ويا. اتي هڪ ڇا ڪيو جو شراب بدران هن کي کڻي پاڻيءَ جو پيگ ڏنو. غالب ڳت ڏئي پيتو ته ٻين پڇيو ته اهو ڪهڙو شراب آهي هن جھومندي چيو ”بابا ڪا خبر نٿي پوي پر ايترو آهي ته اها ڪمپني هلي نه سگهندي.“

سو اسان وارا همراهه به ان قسمَ جي ٻڏتر ۾ مبتلا آهن ته نئين اخبار ڪمپني جي ويهي رهي ته پوءِ سندن ڇا ٿيندو. بقول هڪ ملئي شعر جي: ”يارَ سان  ملڻ لاءِ جوش ۾ اچي هوءَ مڙسَ کي ته ڇڏي آئي آ پر هاڻ درياهه جي وچ سير ۾ پهچي سوچي پئي ته هن پار هلان يا هن پار!“. اسانجو دوست ۽ اسان کي شعر ڏَسَڻ وارو ريڊيو پاڪستان جو نصير مرزا چوي ٿو ته اتي ان جاءِ تي استاد بخاري جي شعر ”هو وقت ٿو سڏي پيو، هي يار ٿو اچي پيو……“ جي ٻي سٽ لک…… جيڪا آهي: ”ترسان، وڃان، ڪيان ڇا؟ بيٺو ٻڏان تران مان“.

هڪ ڳالهه آهي. اسان جو ڪالم کڻي تڪڙو تڪڙو نٿو اچي پر ان چونڊ ۾ عزيز  کي ڪريڊٽ ڏيڻ ضروري آهي جو هو پهرين انهن ڪالم نگارن کي چانس ڏئي ٿو جيڪي حالات حاضره تي لکن ٿا يا جيڪي روزمرهه جي اهم مسئلن تي لکن ٿا. اهو ان ڪري جو هرڪو پڙهندڙ پهرين ان بابت معلومات حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان قسم جا ڪالم هڪ ڏينهن به روڪيا وڃن ته اهي پنهنجو اثر وڃائي وهندا. مشهور سفرناما لکندڙ عبدالحي پليجي به فون تي مون سان ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ”هاڻ آئون سفرنامن بدران سياست تي ڪالم ٿو لکان تون به ائين ڪر.“ ”ادا توهان ته سياست ۽ حالات حاضره تي لکي سگهيو ٿا جو توهان ان بابت معلومات رکو ٿا.“ مون پليجو صاحب کي چيو، ”آئون هڪ ته ملڪ کان ٻاهر ٿو رهان پر جي وطن ۾ آهيان ته به نه اٿم سياست سان دلچسپي نه اخبار سان. اخبار به اها وٺندو آهيان جنهن ۾ منهنجو ڪالم ڇپبو آهي ۽ پوءِ ان ۾ رڳو پنهنجو ڪالم پڙهندو آهيان ته ڇپائيءَ ۾ چڪون ته نه ٿيون آهن.“

”پر تڏهن به توهان ڪوشش ڪريو.“ عبدالحيءَ چيو.

مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس ”مونکي سياست تي لکڻ لاءِ چوڻ ائين آهي جيئن  ڊاڪٽر قادر مگسي يا دودو مهيريءَ کي سفرنامو لکڻ لاءِ چئجي.“

ڪاوش ۾ لکڻ مهل جيتوڻيڪ منهنجي علي قاضي سان اها ڳالهه ٿي  هئي ته هن جي اخبار ۾ منهنجا هفتي ۾ ٻه کن ڪالم اچن پر هاڻ ڏسان پيو ته صفحي انچارج يعني عزيز سولنگي جو به ڏوهه ناهي. هو ڪوشش ڪري سڀني کي وارو ڏئي ٿو ۽ اسان ليکڪن جون لک عزتون ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت هن کي پڙهندڙن جو به خيال آهي. هن جي هر وقت ان ڳالهه تي نظر رهي ٿي ته پڙهندڙن لاءِ ڪهڙو ڪالم ڪڏهن ڏجي.  هڪ ڏينهن عزيز کي چيم ته هفتي کان  مٿي ٿي ويو آهي منهنجو ڪالم نه آيو آهي ٻين جو ته ان وچ ۾ ٻه ٻه دفعا اچي ويو آهي.

”نه ائين نه هوندو. هڪ ٻن جو شايد آيو هوندو پر ان سان گڏ توهان جو ڪالم به نشاني تي آهي. ٽيو ڏينهن ئي اچي وڃي ها پر هاڻ سڀاڻي ايندو.“ عزيز کي اهو به وڏو آرٽ آهي جو  هو مٺي زبان سان اسان اديبن کي يڪدم سرچايو ڇڏي  نه ته اديبن ۽ شاعرن کي منهن ڏيڻ يا ريجھائڻ ڪو سولو ڪم ناهي بقول سوجھرو رسالي جي ايڊيٽر تاج بلوچ جي ”اديبن کي راضي رکڻ ڏيڏر تورڻا آهن يعني تمام ڏکيو ڪم آهي.“

خبر ناهي تاج بلو کي اهو مشاهدو ڪٿي ٿيو. مون به بيلجم جي مشهور ائنٽورپ جي ڀاڄي مارڪيٽ ۾ هڪ دفعو ڏيڏرن کي تُرندي ڏٺو هو. ڪڪڙين ۽ بدڪن کي تورڻ سولو ڪم آهي…. سندن کنڀراٽين کي ورائڻ سان هو ساهمي جي پُڙ ۾ سانت ٿيو وڃن پر ڏيڏر… توبهه توبهه… کين بيهوشيءَ جي ئي سئي هڻي توري سگهجي ٿو.

مهيني کن لاءِ ملائيشيا ويس پٺيان پنهنجي هڪ دوست تي ڪم رکي ويس ته هو روز ڪاوش اخبار ۾ ڇپجندڙ دستگير ڀٽي، سهيل ميمڻ، سحر گل، ڊاڪٽر مير عالم مري ۽ سڪندر علي هُليو جهڙن سياسي ڪالم نگارن کي ڇڏي باقي ٻين اسان جهڙن ڪالم لکندڙن: سڪندر عباسي، فاطمه ڀرڳڙي، غلام نبي ڪيريو، امير مينڌرو جي ڪالمن تي نظر رکي جيڪي هيٺين اڌ صفحي تي جاءِ ماڻيون ٿا جو اسان شايد B ڪئٽگري جي لکياري  ڪٽنب مان آهيون. جيڪڏهن عزيز اسان سيڪنڊ ڪلاس وارن مان ڪنهن کي واري کان اڳ ڇپي ته مونکي لکجانءِ ته موٽي اچي جھيڙو ڪيانس.

ملائيشيا کان موٽڻ تي همراهه مونکي چيو ته ”عزيز کي ٻن همراهن سان favour ڪندي پڪڙيو اٿم.“

”چڱو ڪئي. هاڻ جلدي ٻڌاءِ ته اهي ٻه ڪير آهن ته آئون هينئر عزيز سولنگي کي فون ڪريان. پڪ سيد عرفان شاهه هوندو يا خالد ڪنڀار يا وري الهورايو بوزدار…..“ مون اٻهرائي  مان پڇيو.

”نه انهن مان ڪو ڪونهي. اهي آهن نصير مرزا ۽ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر.“ هن وراڻيو ۽ منهنجي ڪاوڙ  تي ڄڻ ڪنهن ٿڌي پاڻيءَ جي باردري هاري ڇڏي. ٿڌو ساهه کڻي چيو مانس: ”ماري ڇڏيئي! انهن ٻن نالن کان ٿورو اڳيان پويان ٿي ته ڏس ته ڪيئن ٿو عزيز سولنگيءَ سان جنگ جوٽيان.“

هو کلڻ لڳو شايد هن کي ان لطيفي/چرچي جي خبر هئي جنهن ۾ هڪ همراهه جي پڇڻ تي ته تون ڪٿي جو آهين ٻئي وراڻيس: ”دهلي جو آهيان.“

”دهليءَ جو! دهليءَ جا ماڻهو ته وڏا ٺڳ ۽ بشني آهن. دهلي جا ماڻهو ته ههڙا آهن هوڙها آهن….“

تنهن تي ٻي همراهه تپندي چيس: ”ميان دهليءَ جا ته کڻي اهڙا ماڻهو آهن تون ٻڌاءِ ته ڪٿي جو آهين ته تو کي تنهنجو اصل نسل ٻڌايانءِ“

پهرين همراهه فاتحانه اندازَ ۾ مرڪندي چيس:

”آئون ته مڪي ۽ مديني جو رهاڪو آهيان“

اهو ٻڌي ٻيو همراهه چپ ٿي ويو. هاڻ انهن شهرن جا  نالا وٺي ڪهڙا ويهي گار گند ڪريس. ڪاوڙ پئيندي چيائينس: ”مڪي ۽ مديني کان ڪجهه ميل هيڏانهن هوڏانهن ٿي ته ٻڌائين ته تنهنجي اصليت ڇا آهي.“

سو اسان لاءِ به نصير مرزا ۽ ڊاڪٽر عزيز ڳرا نالا آهن جن جا ڪالم آئون پاڻ به وڏي شوقَ سان پڙهان ٿو ۽ دل چوندي آهي ته منهنجو ڀلي ٿورو دير سان اچي پر انهن همراهن جا ڪالم ضرور ڇپجن… منجھن سنڌ جي ثقافت، پراڻن ڏينهن جون يادون ۽ حليم بروهي ۽ مشتاق يوسفي واري طنز ۽ مزاح هوندو آهي. منهنجي نظر ۾ اهي سدا بهار ڪالم هوندا آهن.

هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪاوش سنڌيءَ جي ٽاپ اخبار آهي جنهن جي مقابلي ۾ ٻيو ٽيون چوٿون نمبر سڀ اخبارون گهڻو گهڻو پٺتي آهن پر اهو آهي ته اسان کي اها ڳالهه به مڃڻ کپي ته اسان جهڙن هزارين ماڻهن کي اديب بنائڻ ۾ عبرت، هلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز جهڙيون اخبارون اڳيان اڳيان آهن جيڪي سالن کان نڪرنديون اچن. منجھن ڪالمن ۽ مضمونن لاءِ وڏي space آهي ۽ هو وڏي دل سان هر لکندڙ جي ڪچين پڪين لکڻين کي جاءِ ڏين ٿا ۽ نئين ليکڪ جا مضمون ڇپي جيڪا هن کي خوشي ڏين ٿا ان لاءِ هو دعائن جا مستحق آهن. آئون به ان آسري تي ڪيترن سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تلقين ڪندو رهان ٿو ته بابا پاڻ ۾ مطالعي جي عادت وجھو ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکندا رهو. منهنجي چوڻ ڪيترا لکندا به آهن ۽ هو انهن اخبارن ڏي موڪلڻ سان ڇپجيو وڃن ۽ ڇپجڻ تي هنن جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڪي ڪي ته اهو سوچي گھٻرائيندا به  آهن ته الائي عبرت، هلال پاڪستان، عوامي آواز وارا ڇپيندا به يا نه……. ته آئون سليم سومري، حميد ابڙي يا زرار پيرزادي کي فون تي پارت ڪري ڇڏيندو آهيان ته هو نون لکندڙن جا ليکَ اڃان به جلد ڇپي ڇڏيندا آهن. پر گذريل مهيني هِتي ملائيشيا ۾ رهندڙ مٽياري ضلعي جي ڊاڪٽر منهنجي همٿ افزائي ڪرڻ تي ٽي چار صفحن تي مشتمل هڪ ڪچو پڪو ڪالم  لکي ته آيو جنهن کي درست ڪرڻ جي مون ۾ ته همت نه هئي نيٺ چيومانس ته حيدرآباد موڪلي ڏي حيات بلوچ يا حيات بخاري ان کي ٺاهي جوڙي ڇپي ڇڏيندا پر هن جو اهوئي ضد ته جيئن لکيو اٿم  ائين ڇپجڻ کپي ۽ اچي به ڪاوش اخبارَ ۾. نيٺ کيس وتائي وفقير وارو لطيفو ٻڌائي سمجھايو مانس ته بابا ڪ واش جي هڪ صفحي جي ايڊيٽوريل پيجَ تي جنهن جي اڌ تي ته  پڙهندڙن جا خط به ڇپجن ٿا، مون ۽ پليجي جي ڪالم کي ئي ڪو مس ٿا جاءِ ڏين جنهن لاءِ فون ڪريو ڪريو ٿڪجيو پئون تڏهن به نٿا ٻڌن سو تنهنجي لاءِ ڇا مڃيندا؟ کيس کلي چيم ته پهرين ته تون ٻين اخبارن تائين پهچ.

وتائي فقير جو قصو مشهور آهي ته هو هڪ ڏينهن پتڻ ٽپڻ لاءِ درياهه جي ڪناري تي ٻيڙيءَ جي انتظار ۾ بيٺو هو. ڪافي دير بعد به جڏهن ڪا ٻيڙي نه آئي ته ساڻس گڏ بيٺل ٻن مسافرن کي وتائي چيو ته اچو ته آئون توهان کي درياهه اڪاريان. هائوڪار ڪرڻ تي هن هڪ کي هڪ هٿ سان ورتو ۽ ٻئي کي ٻئي سان ۽ درياهه ٽپڻ لڳو. وتائي فقير ٻنهي کي چيو ته سڄي واٽ ”يا وتايو، يا وتايو“ جي تسبيح پڙهندا هلو.

وچ سير ۾ جڏهن پهتا ته ٻنهي کي خيال آيو ته ٻڌون ته وتايو پاڻ ڇا پيو پڙهي.

هنن ٻڌو ته هو ياالله ياالله جو ذڪر پيو ڪري. سو هنن به سوچيو ته ڇو نه اسان به ان عظيم هستي کي ياد ڪريون جنهن اسان سڀني کي خلقيو آهي. سو هنن جيئن ئي رب پاڪ کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو ته وتائي ٻنهي کي ڪنن کان جھلي درياهه ۾ غوطو ڏيندي چين ته اڃان پهتا وتائي تائين ئي نه آهيو ته هينئر الله کي ياد ڪرڻ لڳا آهيو.

سو مونکي به اهڙن نون ليکڪن کي وتائي جو اهو چرچو ٻڌائي سمجھائڻو پوندو آهي ته بابا ڪاوش ۾ ڪالم اچڻ لاءِ اسان جھونا ليکڪ ئي اڃان پيا جھد پٽيون سو هو توهان جو اٿندي ئي ڪالم ڇپيندا؟ ڇپڻ لائق هوندو ته به مرضي جو مالڪ نه علي آهي نه ايوب. سهاڳڻ اها سڏائي جنهن کي اسانجو عزيز سولنگي چاهي.