پاڪستاننئوننيو‍‍ز

سيارن جي ڳولها ڪندڙ خلائي جهاز نئون سيارو ڳولهي لڌو

ناسا طرفان خلا ۾ موڪليل خلائي سياري ٽرانزٽڪ ايڪسو پلانيٽ سروي سيٽلائيٽ (TESS) هڪ نئون سيارو دريافت ڪيو آهي. واضح رهي ته (TESS) کي هن سال خلا ۾ موڪليو ويو هو، جنهن کي نظام شمسي کان پري وارن سيارن جي ڳولها لاءِ استعمال ڪيو ويو هو. هن سياري نظام شمسي کان 60 نوري سال جي فاصلي تي موجود هڪ سيارو ڳولهي لڌو آهي. ان سياري کي پائي مينسي سي جو نالو ڏنو ويو آهي. جيڪو پنهنجي ستاري پائي مينسيا جي چوڌاري گهمي رهيو آهي. آمريڪا جي اداري ميساچوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ماهر چيلسي هوانگ جو چوڻ آهي ته اهو سيارو پنهنجي ستاري جي چوڌاري چڪر 6.27 ڏينهن ۾ پورو ڪندو آهي. ان سياري جو اهو ستارو ايترو ته روشن آهي جو اهو Southern hemisphere ۾ به ڏسي سگهجي ٿو. هن کان پهرين سائنسدانن پاران مشتري کان به ڏهه دفعا وڏي سياري کي دريافت ڪيو هو. پائي مينسي سي اسان جي زمين کان صرف ٻيڻي سائيز جو آهي. (TESS) کي اهڙي طرح بڻايو ويو آهي ته اهو ملڪي وي ۾ موجود هزارين ستارن کي ڏسندو آهي ۽ انهن سامهون گذرندڙ سيارن جي شناخت ڪندو آهي. پائي مينسي سي جي سطح تي هائيڊروجن ۽ هيليم گيسون موجود آهن.