سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي، ملڪ ۾ دهشتگردي کي ٻيهر پلجڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهي، ملڪ ۾ دهشتگردي کي ٻيهر پلجڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪي سلامتي جي صورتحال بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سميت ڳجھن ادارن جي سربراهن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف، وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا وفاقي وزير شريڪ ٿيا. ذريعن موجب اجلاس ۾ سوات جي صورتحال ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، اجلاس ۾ سيڪيورٽي ادارن پنهنجون تجويزون پڻ پيش ڪيون. ان کان علاوه هڪ ٻيو اجلاس پڻ ٿيو، جنهن جي صدارت وزيراعظم ڪئي، اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور شرڪت ڪئي.

