ڪهاڻيونڪهاڻيون

سيليبريشن پريا وڇاڻي | # جنوري 2022

ڪُهُو جيئن ننڊ مان اٿي، کيس پنهنجي طبيعت ناساز محسوس ٿي، هن چاهيو ته اسڪول نه وڃي ۽ ستي ئي پئي هجي، سو هوءَ سوَڙ ويڙهي وري سمهي پئي.

وينا ڪُهُوءَ کي سڏيندي ڪمري ۾ آئي، ”ڪُهُو پٽ ڪُهُو! اڄ اسڪول ڪونه وڃڻو آهي ڇا، جو اڃان تائين ستي پئي آهين؟“

”ممي! اڄ مون کي طبيعت سهي ڪونه ٿي لڳي.“

”ڇو ڇا ٿيو اٿئي؟“ وينا ڪُهُوءَ جي مٿي ۽ ڳلن تي هٿ لڳائي ڏٺو. ”بخار ته ڪونه ٿو لڳي.“

”نه بخار ڪونه آهي، پر لڱن ۽ پيٽ ۾ سور محسوس ٿي رهيو آهي.“

پيٽ جو سور ٻڌي وينا جي نرڙ تي گهنج ايئن اچي ويا جيئن سمنڊ ۾ لهر ايندي آهي ”پيٽ ۾ سور! ٻي ڪا ته تڪليف ڪانه ٿي ٿيئي؟“

”نه ممي! ٻيو ڪجھ ناهي.“

”باٿ روم مان ٿي آئي آهين؟“ وينا ايئن پڇيو جيئن هڪ پوليس وارو ڪنهن شريف ماڻهوءَ کان ايئن آڏي پڇا ڪندو آهي جيئن ڪو ڏوهاري هٿ اچي ويو هجيس.

”ها ممي!“

”اتي ڪجھ ٿيو ته نه؟“ وينا سوال پڇي ته رهي هئي، پر ساڻ اها به دعا پئي گهري ته ڪُهُوءَ جو جواب نه ۾ هجي.

”نه ممي! ڪجھ نه ٿيو، پر باٿ روم ۾ ڇا ٿئي ها؟“

ڪُهُوءَ جي جواب وينا کي آٿت ته ڏني، پر ان جي سوال وينا جي چپن تي تالو هڻي ڇڏيو، ايئن پئي لڳو ڄڻ هوءَ سمجهي به نٿي سمجهڻ چاهي.

”نه نه ڪجھ ڪونه ٿئي ها، ايئن ئي پئي پڇيو.“ چئي وينا پنهنجي مٿي تي پاڻ کي ڌيري ڌڪ هڻندي من ۾ چيو ”چري آهين تون به! اڃا ڪُهُو تمام ننڍڙي آهي، ايتري ۾ ايئن ڪونه ٿيندو، اڃان عمر ئي گهڻي اٿس، رڳو تيرهن سال، مون کي ئي پندرهين ۾ آيا هئا، هيءَ منهنجي ئي اڏ کڻندي، ايتري ۾ ڪجھ ڪونه ٿيندس.“ پاڻ ئي پاڻ کي آٿت ڏيندي وينا گهٻرائي به رهي هئي.

”هل اٿ ڪجھ ڪونهي، اسڪول وڃڻ جي تياري ڪر، گوري ڏيانءِ ٿي، اها وٺي ڪري وڃ.“ چوندي وينا ڪُهُوءَ جي سوَڙ لاٿي، هنڌ کي ايئن ڏسڻ لڳي ڄڻ ڪجھ ڳولهيندي هجي ۽ نه ملڻ تي کيس مايوسي بدران خوشي ٿي.

ڪُهُو اسڪول پهتي، رسيس تائين سڀ ٺيڪ رهيو، پر رسيس مهل ڪُهُو پنهنجي بينچ تان اٿي ئي ڪانه ۽ نه ئي ناشتو کاڌائين.

روشنيءَ کانئس پڇيو ”ڇا ٿيو ڪُهُو، اڄ ناشتو ڪونه کڻي آئي آهين ڇا؟“

”کڻي آئي آهيان.“

”ته پوءِ کائين ڇو نٿي؟ هل اڄ ٻاهر باغ ۾ ويهي ٿا کائون.“

پر ڪُهُو بينچ تان ڪانه اٿي.

”ڇا ٿيو؟ هل نه.“

ڪُهُوءَ جا نيڻ ڀرجي آيا، ڄڻ هوءَ سڄي دنيا جو عذاب ڀوڳي رهي هئي. ”روشني!“ ڪُهُوءَ جي چپن مان آواز ايئن نڪتو جيئن هو نڪرڻ نه چاهيندو هجي، پر کيس ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو هجي. ”لڳي ٿو منهنجو سُوسُو وهي ويو آهي.“

”ڇا! ڇا ڳالھ ٿي ڪرين ۽ توکي خبر ڪانه پئي؟“

”نه، مون نه ڪيو آهي، پر الائي ڪيئن سڄا ڪپڙا آلا ٿي ويا آهن.“ چئي ڪُهُو سڏڪا ڀرڻ لڳي.

”روءُ نه، اٿ ڏسان.“ ڪُهُو اٿي بيٺي ”هي ڀڳوان! تنهنجا ڪپڙا ته رت سان ڀنل آهن.“

”ڇا ته رت سان!؟“ ڪُهُوءَ جو هوش ساڪت ٿي ويو.

”ها، لڳي ٿو توکي ڪٿي ڌڪ لڳو اٿئي.“

”هاڻي مان ڇا ڪيان، خبر ناهي ته ڪٿي ڌڪ لڳو آهي، هاڻي ڪنهن کي ڪيئن ٻڌايان ته مون کي ڪٿي ڌڪ لڳو آهي يا ڪٿان ٿو رت وهي“

”تون هتي ويھ، مان ٽيچر کي ٿي سڏ ڪري اچان.“

روشني ٽيچر کي وٺي آئي. ڪُهُوءَ جي نيڻن ۾ سمنڊ اٿلي آيو هو، هُن جا ڳوڙها رڪجي ئي نه رهيا هئا، ٽيچر کي ڏسي هوءَ اڃان گهٻرائجي وئي.

ٽيچر هن کي چپ ڪرائيندي چيو ”توکي تنهنجي مميءَ ڪجھ ڪونه ٻڌايو آهي؟“

”نه ٽيچر!“

”ڪهڙيون مائرون آهن، جن کي ڌيءَ جي وڏي ٿيڻ جو احساس ئي ڪونهي“ ٽيچر ڀڻڪيو ”توکي پيريڊس اچي ويا آهن، مان آٽو گهرايان ٿي، ان تي گهر وڃ، باقي تنھنجي ماءُ توکي سمجهائيندي.“ چئي ٽيچر ڪُهُوءَ کي آٽو ۾ ويهاري گهر روانو ڪيو.

سڄي واٽ ڪُهُو ڊڄندي پاڻ کان پاڻ ئي سوال ڪندي رهي ”هي پيريڊس ڇا هوندا آهن، مميءَ مون کي ڇونه ٻڌايو آهي، پر ٽيچر به ته ٻڌائي سگهي پئي نه، پوءِ ڇو نه ٻڌايائين؟“ ڪُهُو سوچيندي ۽ ڪنڌ موڙي ٿوري ٽنگ کڻي پنهنجي پٺيءَ ڏانهن نهاريندي رهي. آٽو وارو شيشي ۾ هن کي ايئن ڪندو ڏسندو رهيو، جيئن گهر آيو، ڪُهُو لٿي، آٽو واري پٺين سيٽ ڏي نهاريو، جنهن تي داڳ ٿي ويو هو.

”او ڇوڪري!“ آٽو واري ڪُهُوءَ کي رڙ ڪري سڏيو ”هي گند ڪير صاف ڪندو؟“

آٽو واري جي ائين چوندي ئي ڪُهُو مڙي ۽ پنهنجي رومال سان ئي آٽو جي سيٽ اگھيائين.

”ڪهڙيون ڇوڪريون آهن، مائٽ عقل به ڪونه ٿا سيکارين، صبح صبح آٽو کي اَپويتر ڪري ڇڏيائين، هاڻي سڄو ڏينهن ڌنڌو ٿيندو به الائي نه.“ چوندي آٽو وارو هليو ويو.

ڪُهُوءَ کي اڌ ڏينهن ۾ ئي اسڪول کان واپس ايندي ڏسي وينا جي دل رڳ رڳ ۾ تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي ”تون وقت کان اڳ واپس ڇو آئي آهين؟“

وينا جي ايترو چوندي ئي ڪُهُو ڊڪندي اچي ماءُ کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي، وينا سڌو ڪُهُوءَ جي پٺيان ليئو پائي ڏٺو ۽ جيڪو منظر هن جي اکين نه ڏسڻ پئي چاهيو اهو ئي منظر ڏسي هن جا نيڻ لوڻاٺا ٿي ويا. هن ڪُهُوءَ کي زور سان ڀاڪر پاتو ۽ سڌو ڪمري ۾ وٺي وئي، پيڊ ڏئي ھن کي استعمال ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي سنان تي موڪلي پاڻ اتي ئي ويهي رهي. هن جي نيڻن ۾ اڻ ڄاڻ ڀَوَ جا لوڏا ايئن اچي وڃي رهيا هئا جيئن سمنڊ ۾ ڇوليون اينديون هجن، من ۾ اُسرندڙ سوال جن جو جواب خبر هوندي به هوءَ اڻڄاڻ بڻجي سڄو ڏوھ ڀڳوان جي مٿان لڳائي رهي هئي. ”ايتري جلدي ڇو وڏي ٿي وئي، اڃان عمر گهڻي اٿس جو ويچاريءَ جي آزادي کسي ڇڏيئي؟ هاڻي هر مهيني جو سور ڇا ايتري ننڍڙي ٻچڙي سهي سگهندي؟ ايترو ته سوچين ها پيريڊس سان گڏ موڊ سئينگس، پيٽ ۾ سور ۽ هاڻي ته جلد سرير جا اڀار پڻ چٽا ٿي بيهندا، دنيا جي گندي نظرن کان هن کي ڪيئن بچائي سگهنديس؟ اڃان ته هن کي ڍنگ سان اٿڻ ويهڻ جو عقل به ڪونهي، ڇو ايتري تڪڙ ڪيئي ڪُهُوءَ کي پيريڊس ڏيڻ ۾؟ هوءَ ٻارڙي ڪيئن سنڀاليندي پاڻ کي؟“ سوچي وينا ٻنهي هٿن سان پنهنجو منهن لڪائي روئڻ لڳي، ڄڻ پيريڊس نه ڪو سيلاب آيو هجي، جيڪو پاڻ سان گڏ ڪُهُوءَ جو ننڍپڻ ۽ ان جي آزاديءَ کي وهائيندو ويندو هجي.

ڪُهُو ٻاهر آئي ”ڪُهُو پٽ! منهنجي ڳالھ ڌيان سان ٻڌ ۽ سمجھ. تون اڄ کان وڏي ٿي وئي آهين ۽ هي پيريڊس ان جي نشاني آهن. پيريڊس ستن ڏينهن جا هوندا آهن، ڪنهن کي ٽي ڏينهن تڪليف ٿيندي آهي، ڪنهن کي پنج ڏينهن ۽ ڪنهن کي وري ست ئي ڏينهن هلندي آهي، پر وارڻو سڀني کي ست ئي ڏينهن پوندو آهي. هي هر مهيني ايندا آهن.“

”هر مهيني!“ ڪُهُو حيران ٿي وئي ”۽ هر مهيني ايئن سور پوندو؟“

”ضروري ناهي پٽ! هر مهيني ايئن ئي سور پوي“ وينا ڪُهُوءَ کي ڀاڪر پائيندي چيو، پر هن کي به خبر هئي ته هوءَ ڌيءَ کي ڪوڙي آٿت ڏئي رهي آهي.

”پر ممي! ايئن ڇو ٿو ٿئي؟“

”پٽ! اها نشاني آهي ڇوڪرين جي وڏي ٿيڻ جي، نائو ماءِ ڪُهُو اِز بگ گرل“ چوندي وينا ماحول هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”پر پٽ! هن جا ڪجھ نيئم ۽ قانون به آهن جن جو پالن ڪرڻو پوندئي. انهن ڏينهن ۾ بنا سنان گهر کان ٻاهر ڪونه نڪرڻو آهي ۽ صبح اٿڻ سان ئي سڀ کان پهريان سنان ڪرڻو آهي، ٽن ڏينهن تائين رڌڻي ۾ نه ايندينءَ، کير، ڏهي، چٽڻي ۽ کٽيون شيون هنن ڏينهن ۾ صفا بند. ڌيان رکجانءِ گهر ۾ مردن کي اها خبر نه پئي ته توکي پيريڊس اچي ويا آهن.“

”ڇو ممي! ڪنهن کي خبر پئي ته ڇا ٿيندو؟“

”بس توکي چيم نه ته خبر نه پوڻ گهرجي، اها سٺي ڳالھ نه آهي“

”جي لائيو مهورت سٺي ڳالهه ڪونهي ته پوءِ اچن ئي ڇو ٿا؟ ايترو سور به ٿو ٿئي، ڀڳوان اسان ڇوڪرين کي ئي ڇو ڏنا آهن جي سٺا ناهن ته؟“

”اڙي ها! ستن ڏينهن تائين مندر به نه وڃجانءِ ۽ نه ئي ڀڳوان کي هٿ لڳائجانءِ.“

”ڇو ڀڳوان کي ڇو نه هٿ لڳايان؟“

”ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ عورتون اڇوت ٿي وينديون آهن.“

”جيڪڏهن اهي ايترا ئي خراب آهن ته پيريڊس ايندا ئي ڇو آهن ممي!؟“

”پيريڊس عورت جي هڪ سڃاڻپ پڻ آهن، پيريڊس ئي ته اسان کي ماءُ ٿيڻ جي سگھ ڏيندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي پيريڊس نه اچن تڏھن اها ٽينشن واري ڳالھ هوندي آهي.“

”جيڪڏهن پيريڊس ايترا ئي ضروري ۽ سٺا هوندا آهن ته پوءِ ايتريون پابنديون ڇو؟“

”پٽ! وڏا جيڪا ريت ٺاهي ويا آهن، اسان به نڀايون ٿا ۽ نئين پيڙهيءَ کي پڻ سيکاريون ٿا.“

”پر ممي! اهي ريتون ٺاهڻ وارا اسان جا وڏا به ته انسان ئي هئا نه، پوءِ ڇا انهن کان غلطي نٿي ٿي سگهي؟“

”پٽ! وڏن ڪجھ سوچي سمجهي ئي ته ريتون ٺاهيون هونديون نه“

”پر ممي! جيڪڏهن اسان انهن جي زماني جو سوچون ته ان زماني ۾ ايتريون سهولتون ڪونه هونديون هيون، مشينون ايجاد ڪونه ٿيل هيون جنهن سبب ڪيترائي ڪم هٿن سان ڪرڻا پوندا هئا، جن ۾ مصالحه پيسڻ، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ گهر جا ٻيا ڪيترائي ڪم هئا جيڪي هٿ سان ڪرڻا پوندا هئا، ايتري قدر جو پاڻي ڀرڻ لاءِ به پري تائين وڃڻو پوندو هو ۽ هن تڪليف ۾ اهي سڀ ڪم ڪرڻ سولا نه هئا، شايد ان ڪري ئي اهي سڀ ريتون ٺاهيون ويون هجن ۽ توهان جي چوڻ موجب پيريڊس ڇوڪرين لاءِ سٺا هوندا آهن ته پوءِ پابنديون لڳائڻ بدران سيليبريشن ڪرڻ گهرجي.“

پنهنجي ننڍڙي ڪُهُوءَ جون ايتريون وڏيون ڳالهيون ٻڌي وينا حيران ٿي سوچڻ لڳي واقعي ڪُهُو وڏي ٿي وئي آهي.