سيڪنڊ هينڊ سجاد مهر
هوءَ دهلن جي دعوت تي شَرنائين جي شور ۾ پهتي هئي، پاڙي ۾ ڪو ٻار طهرجڻ لاءِ اهو بَم بکيڙو ٿيو هو ۽ هوءَ ٺهي ٺُڪي پنهنجين سکين سان سلهاڙجي آئي هئي. ٻين جي ڀيٽ ۾ هوءَ منهن مهانڊي ۾ موچاري ٿي لڳي، سادگيءَ واري سونهن بکي رهي هيس. سَهرن جي مچايل محفل ۾ هوءَ رڳو تاڙي وڄائي ويٺلن جي همت افزائي ڪري رهي هُئي. وارن جي ڪٽيل چڳ کاٻي اک کان هيٺ ڪري ڳاڙهي ڳل کي ڇُهي رهي هيس، آڱر جي اشاري سان بار بار چڳ کي ٻي دڳ لائيندي رهي، پر چڳ جيڪا اڳ ئي هن تي چري هُئي سا مرضيءَ سان ڳلن جي آڳر تي نچندي ٿي رهيس.
شامَ جو آئي هُئي، رات ڪري ڇڏي هُئائين. ڄڻ ته ڪچي گهر جي اڱڻ ۾ چانڊوڪي لهي آئي هئي جڏهن هن چادري لاهي وار هوا ۾ ڦهلائي ڇڏيا ها تڏهن ڄڻ ته اوسي پاسي رات جي راڻي کڙي پئي هئي، چڳ کانپوءِ ايرينگن به ڳل سان کيچل ڪئي هيس. هوءَ لمحي لمحي هيڏي هوڏي نهاري رَهي هُئي هُن جون اکيون شايد ڪجهه ڳولهي رهيون هيون، هوءَ الائي ڇو پنهنجو پاڻ ڏيکارڻ يا ڪنهن کي شڪار ڪرڻ جي شوق ۾ ڀرجي آئي هئي.
سهرن مٿان سهرا ڳائجي رهيا ها. ڇوڪريون تيز چپن کي لڳل سُرخيءَ ۽ ٽيلڪم پائوڊر سان پنهنجا ٻوٿاڙ سنواري چلڪڻا لٽا پائي ميلو مارڻ آيون هيون.
“ايندو ايندو ملڻ اڄ ڍولڻو، ڇو نه ميندي هٿن کي لايان.”
مان ته سُرهي سيج وڇايان، راڻي مومل کٽي آهي ڀاڳ سان، الا راڻي مومل کڻي آ… ٻاهريون دَر جو کُليو “مومل جو راڻو” داخل ٿيو ته ڪيتريون ئي ڪنواريون اکيون هن جي آمد تي وڇائجي ويون… پر وقار جون اکيون وڃي بُشريٰ جي وارن ۾ اٽڪيون… وارن جو هوا ۾ لڏي هن ڏانهن وَرڻُ ۽ هن جو ويڙهجي وڃڻ، لڳو ته جسم بُت بڻجي ويو آهي، سُرڻ جي سَتُ ساري نه سگهيو… ۽ ائين ئي اکين اکين مان هڪ حادثي جنم ورتو.
رات جا چار پهر ٻنهي جا ڏاڍا ڏکيا گذريا هن کان ڄڻ ته سهرا، ميندي، لاڏا، ٺينگ ٽپا، کاڌو پيتو وسري ويو.. صبح جي سج ڪني ڪڍي ته وقار نَلَ تي وڃي ٻه پاڻيءَ جا ابتا سبتا لپا منهن کي هڻي گرڙي ڪري منهن انگوشي سان اُگهي، وڃايل راتوڪي خواب کي ڳولهڻ لاءِ لائين پيل کٽن تان ڪجهه ڳولهڻ لڳو.. پري هڪ کٽ جي سيرانديءَ کان ستل بشرى پنهنجي تازي ڄاول ٻارَ کي کير ڏئي رهي هئي… وقار جي پيرن کان زمين کسڪڻ لڪي، ڪجهه لمحن ڪاڻ اکيون پٿرائجي ويس… حواسَ کسجڻ لڳس… راتوڪي خوبصورت ڇوڪري. صبح سان ماءُ جي روپ ۾ ڏسي، انتظار جي عمر ڏاڍي ننڍڙي لڳس.. تصوير جو اصلي رُخ ڏاڍو ڀيانڪ هو.. اميدن جو اجرو گلاس اندر ۾ ٽٽندي محسوس ڪيائين… مايوسيءَ جو رَستو وٺي پير پوئتي سورڻ وارو هو ته بشرى جي نظر هن تي پئي، ڇرڪيل هرڻيءَ جيال ڇال ڏئي ڪاري چولي جو اڳيون حصو ٺاهيندي، تانگهه تان اٿي هن جي اڳيان بيٺي ته هن چيس، “معاف ڪجو مان توهان کي تڪليف ڏني.”
وقار وڏي دل ڪري هن سان معذرت واري انداز ۾ مخاطب ٿيو.
“نه…نه اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي” بس ايمانِ رُني پئي سوچيو ته بک لڳي هوندس، رات کان بي آرامي آهي، گوڙ ۾ ڪنهن کي ٿو آرام اچي. “بشرى جي جملي ۾ عجيب پنهنجائپ هئي…
“رات ڏاڍي خوبصورت هُئي ۽ صبح ايترو ڀيانڪ” وقار مَن ۾ سوچڻ لڳو.
“توهان ڪجهه مون کي چيو؟!” بشرى پچيس.
“نه نه ائين ئي پاڻ سان پئي ڳالهايم.”
“ توهان پاڻ سان به ڳالهائيندا آهيو!.”
“ها ڇو نه!! خودڪلامي ناهي ٿيندي؟” وقار آهستگيءَ ۾ اظهاريو.
“توهان شادي شده آهيو” بشرى؟!
“جي، ماشاءَالله مون کي ٽي ٻار آهن.” پر توهان کي منهنجو نالو ڪيئن ٿو اچي.
“ٽن ٻارن جي ماءُ ۽ ايتري خوبصورت.” وقار جو پهريون تعريفي وارُ بشرى جي بدن ۾ سُيُنِ جيان چُڀيو.
“مُڙس ڇا ڪندو اٿَوَ…”….؟!
اوهان جو نالو ڇا آهي؟…. وقار؟! ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويو هو.
رات دير سان ڀيڻ کان تنهنجو نالو پڇيو هُيم پر اهو ڪونه پُڇيو هيومانس ته اوهان “ميرڊ آهيو”… “پر مون کي به اوهان جي ڀيڻ ئي اوهان جو نالو ٻڌايو.”
“ميرڊ هجڻ ڏوهه آهي ڇا؟” وقار صاحب!
نَه نَه ڏوهه ته ناهي پرَ… مان وري ڪهڙو ڪنوارو آهيان.. ٽهڪ ٻيهار ٽڪرائجي موٽيا ها…
“شادي شده جوڙا ۽ عشقُ” ڪجهه عجيب ناهي بشرى؟!
“چريا عشق جي به ڪا عمر هوندي آ ڇا!؟” اها الڳ ڳالهه آ ته پاڻ ٻئي “سيڪنڊ هينڊ آهيون.” بشرى جي همت ڏسي وقار جو مَن ويتر وڌڻ لڳو هو.
پويان ديڳ اچي پهتي، سُرو سُرو. اچو ماني لاءِ ٿانوَ کڻي اچو. ديڳ پچي پهتي آ ۽ هي اڃان کٽن جي ڀاڪر ۾ آهن. طهرجندڙ ڇوڪر جي ماءُ ڄاڃين کي خبردار ڪندي اچي هنن وٽ پهتي. اڙي هَلُ وقار ماءُ کي موڪل ته ماني وٺي وڃي.
“ها چاچي چوانس ٿو.”
“بشرى تون به پنهنجار ٻارَ هڪ کٽ تي گڏي ويهارَ” دير نه ڪيو ادي، مهمانن مان جان ڇڏايان ته ڇوڪر جي ڪيان.”
وقارُ، نه چاهيندي به بشرى کان کن پل لاءِ موڪلايو.
“مُڙس جي هوندي مون سان محبت..” منهنجو وهم ته ناهي؟!..
مڙس الائي ڇا ڪندو اٿس… متان نه وڻندو هجيس… زالان وري ڪنهن کي ٿيون وڻن. محبوبائون ڀلي موچاريون نه به هجن پر ڀليون لڳنديون آهن.. وِسوِسا پالڻ لڳو.
منجهند تائين سڀ ڪاڄ پڄاڻي کي پهتا، هرڪو موڪلائڻ لڳو.
بُشرى به پنهنجي ٻارن کي وٺي هلڻ لڳي ته وقار اچي پاسي ۾ بيٺس..
“وڃو پيا”؟!
“ها وڃڻو ته پوندو.” سڄي حياتي ڪير ٿو ڪنهن کي ٽڪائي.
“اسان وٽ هلو سڄي حياتيءَ جي حفاظت اسان جي ذمي.” وقار وڏي فخر مان چيو…
“اوهان جي مهرباني، ڏسو، جي ٻاهر ڪو رڪشا ملي سگهي ته.”
ها ها مان ڏسان ٿو… جهٽ کانپوءِ هوءَ ٻارن سُوڌي رڪشا ۾ هئي، وقار هن جي هَٿَ تي ويندي ويندي هڪ پرچي رَکي.. هُن گهر پهچي پرچي کولي ڏٺي. وقارَ جو نمبر هو، هُن پرچي رَئي جي ڪُنڊ سان ٻڌي ڇڏي… شامَ جو انتظار ڪرڻ لڳي هئي.
سج لڙي چڪو هو، وقار کي فون اچڻ جي اُڻ تڻ هئي، وري وري اسڪرين ۾ نهاري رهيو هو. ڪڏهن ڪا رنگ آيس ٿي ته هن کي لڳو بشرى هوندي، پر ٻيو نمبر ڏسي اندر ۾ جَڪ کائي رهيو هيو. جڏهن ڪنهن اهم فون جو انتظار هجي ته پوءِ باقي سموري فون ڊائريڪٽري زهر لڳندي آهي، دير سان دَرُ کڙڪيو، هُو بي دليو در تي آيو، پاڙي جي ڪُراڙي هن جي هٿ تي هڪ پنو رکي رَفو چڪر ٿي وئي.
دَرُ ٻيڪڙي اندر آيو پنو پاسيرو ٿي کوليائين بُشرى جو بي ترتيبو خط هو جيڪو ڪيترائي احساس کڻي آيو. خط پڙهڻ لڳو، “ايتري بي حِسي ڪڏهن به مون محسوس نه ڪئي هُئي. پاڻ کي ايترو بي حال ڏسي مجبور ٿي پيس. خبر ناهي ته هي ڇا آهي” چاهت آ يا ڪا غلط فهمي. توهان جي حقيقت ڇاهي؟ ڪيتري اوهان ۾ سچائي آ، ان جو فيصلو نٿو ڪري سگهجي، دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ تنهنجي ڪَميءَ کي محسوس ته ڪيو آ. ائين خبر ناهي ڇو پيو محسوس ٿئي، توهان جي سوچڻ جو طريقيڪار توهان لاءِ صحيح هوندو، پر اسان لاءِ ايترو ئي مشڪل. تنهنجي چئن گهڙين جي چاهه تي ڪيئن اعتبار ڪجي، ڪيئن ڪُوئي توکي پنهنجي زندگي ڏئي ڇڏي؟ تنهنجي باري ۾ ٻڌل ڳالهيون، اکين سان ڏٺل ڪم، ڪيئن اعتبار ڪجي؟ تون شايد هر سهڻي شيءَ جو ديوانو ٿو لڳين، ائين ڇو ٿو ڪرين، پيار جهڙي انمول شيءِ کي ايترو سستو نه بڻاءِ، پيار جي احساس جو ڀرم رکڻ ۾ دير ناهي لڳندي، پر بدناميءَ جو ۽ بي اعتباريءَ جو خوف ائين ڪرڻ کان الائي ڇو روڪي رهيو آ… تنهنجي تڙپ کي توڙي جو پنهنجي دل ۾ محسوس ڪيو آ، پر خبر ناهي… سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪيان؟ ڪال به ڪري نه سگهيم جو فون ئي ڪونه هئي، پنهنجو خيال رکجو… حياتي رهي ته ملنداسون.”
وقار پَني کي اٿلايو، پوئين پاسي کان شعر هو، ”زندگي تو سواءِ ٿي پئي آ ٻُسي…“ ۽ پوءِ وصل جو سِجُ اڀرڻ جو اميدون هجر جي رات ۾ اٽڪندي محسوس ڪيائين. سوڀ جا سمورا اڏاميل پکي هارَ سان هيٺ لهندي محسوس ڪيا هيائين. مرڪ جا ريشمي روح ۾ رکي هئائين سا به ڄڻ وجود وڍڻ لڳي هيسِ.. سوچڻ لڳو هو ته هر خواب جي دري کولي ساڀيان کي نهاري نٿو سگهجي. پاڻ سان مخاطب ٿيندي وقار چپن ۾ ڀڻڪيو هو شايد ته ميرڊ هجڻ ڪو ڏوهه ناهي بُشرى، پر تو اهو به ته چيو هو ته پاڻ ٻئي آهيون ته ”سيڪنڊ هينڊ.“!!
ها، هاڻي سمجهيو اٿم ته ”سيڪنڊ هينڊ“ هجڻ وڏو عيب آهي…!

