سٺين عادتن کي اڻٽر ۽ برين عادتن کي ناممڪن ڪيئن بڻائجي؟ سنڌيڪار: فضا قريشي باب پندرهون ليکڪ: جيمس ڪليئر | # جنوري 2022
اها 1830 جي گرمين جي مند هئي. وڪٽر هيوگو کي هڪڙي اهم ڪم کي مقرر وقت اندر پورو ڪرڻو هو. ٻارنهن مهينا پهريان هن فرانسيسي اديب پنهنجي پبلشر سان نئين ڪتاب جو واعدو ڪيو هو، پر لکڻ جي بجاءِ هو ٻيا ڪم ڪندو رهيو، مهمانن سان ملندو رهيو ۽ ڪم کان نٽائيندو رهيو. هيوگو جي پبلشر جڏهن ڏٺو ته ڇهن مهينن تائين ڪابه پيش رفت نه ٿي آهي ته هن مايوسي ۽ پريشاني وچان سندس ڌيان ڇڪايو ته هاڻ آخري تاريخ ۾ ڇهن مهينن کان به گھٽ وقت رهجي ويو آهي. ڪيئن به ڪري ڪتاب کي فيبروري 1831 تائين پورو ڪرڻو هو. هيوگو هن جي ان سستي کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪڙي بهترين رٿا جوڙي. هيوگو پنهنجا سڀ ڪپڙا گڏ ڪيا ۽ پنهنجي اسسٽنٽ کي ڏيندي چيائين ته هنن سڀني کي هڪڙي وڏي صندوق ۾ قفل ڏيئي هتان کان پري رکي ڇڏ. هن وٽ پهرڻ لاءِ فقط هڪڙي وڏي شال بچي جنهن کي ويڙهي هو ويهي رهيو. ايئن ڪرڻ سان اهو ٿيو جو نه هن وٽ مناسب ڪپڙا هئا ۽ نه هو پهري ٻاهر وڃي سگھيو. هن 1830 جو سمورو سيارو ۽ خزان پنهنجي اسٽڊي ۾ گذاريا ۽ نتيجتن مشهور ڪتاب ” هنچ بيڪ آف ناٽرڊم“ يعني ڪٻڙو عاشق 14 جنوري 1831 تي پنهنجي مقرر مدي کان ٻه هفتا پهرين شايع ٿيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪاميابي سٺين عادتن کي آسان بنائڻ سان نه پر برين عادتن کي ڏکيو بنائڻ سان ملندي آهي. اهو روين کي بهتر بنائڻ جي ٽئين قانون جو ابتڙ آهي، يعني ان کي ڏکيو ۽ ناممڪن بڻايو. جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي رٿا بندي تي عمل ڪرڻ ۾ مشڪل ٿئي ٿي ته اوهان وڪٽر هيوگو کان سکي سگھو ٿا ۽ پنهنجي بري عادت کي انتهائي مشڪل بڻائي سگھو ٿا. ان کي ماهر نفسيات ” عزم جا سامان“ ڪوٺين ٿا. عزم جا سامان هڪڙي اهڙي چونڊ آهي جيڪا اوهان حال ۾ ڪريو ٿا، پر اها مستقبل ۾ اوهان جي ارادن ۽ عملن کي ڪنٽرول ڪري ٿي. اهو رستو آهي مستقبل ۾ روين کي ٻنجي ڏيڻ جو ۽ سٺين عادتن سان چهٽي رهڻ جو ۽ برين عادتن کان پري رهڻ جو. جڏهن وڪٽر هيگو پنهنجا ڪپڙا پري ڪري ڇڏيا ته جيئن هو صرف لکڻ تي ڌيان ڏيئي سگھي ته دراصل هن اهو عزم جو سامان جوڙيو. عزم جو سامان جوڙڻ جا ڪيترا ئي طريقا آهن. اوهان گھڻي کائڻ جي عادت ايئن گھٽائي سگھو ٿا ته اوهان يڪو گھڻي تعداد ۾ سيڌو نه ڀرايو، پر جنهن جنهن شي جي ضرورت پوي اها وٺو. اوهان رضاڪارانه طور تي پاڻ کي ان فهرست ۾ شامل ڪرائي سگھو ٿا، جن ماڻهن تي ڪيسينو ۾ وڃڻ تي پابندي آهي ۽ اوهان پنهنجي لاءِ آن لائين اهڙين سائيٽن تي بندش مڙهي سگھو ٿا جيڪي جوا جي تشهير ڪن ۽ اهڙي طرح اوهان مستقبل ۾ ان کان بچي سگھو ٿا. مون ڪجھه اهڙن رانديگرن جي باري ۾ به ٻڌو آهي جن مقابلي ۾ وزن ۾ پورو رهڻ لاءِ پنهنجو ٻٽون گھر ڇڏي ويندا هئا ۽ ان ڪري کين ڪوبه ٻاهريون کاڌو کائڻ جي تمنا ئي نه ٿيندي هئي.
هڪ ٻيو مثال آهي منهنجي دوست ۽ ساٿي نير اييل جو، جيڪو عادتن جو ماهر آهي. هن آوٽليٽ ٽائمر خريد ڪيو جيڪو اوهان پنهنجي انٽرنيٽ جي روٽر ۽ پاور آوٽليٽ سان لڳائي ڇڏيندا آهيو. رات 10 وڳي اهو راوٽر پاور ڪٽ ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن انٽرنيٽ بند ٿيندو هو ته هر ڪنهن کي خبر هئي ته هاڻ بستري ۾ وڃڻ جو وقت آهي.
اهڙا عزم جا سامان ڪرڻ مفيد ٿين ٿا ڇاڪاڻ جو اهي ان کان پهرئين جو اوهان پنهنجي خواهشن جو کاڄ بڻجو، اهي اوهان کي سٺين نيتن جو فائدو حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. مثال طور آئون جڏهن به پنهنجون ڪيلريون (کاڌو) گھٽ ڪرڻ جو سوچيندو آهيان ته آئون سدائين بيري کي چوندو آهيان ته منهنجي آرڊر کي پيش ڪرڻ کان اڳ ئي ان کي اڌ ڪري اچي. جيڪڏهن آئون انتظار ڪريان ته کاڌو اچي ۽ پوءِ آئون پاڻ کي اهو چوان ته مون کي ان جو اڌ کائڻو آهي ته ايئن ڪم ڪونه هلندو.
ڪنجي آهي ته ان ڪم ڪرڻ جي طريقي کي تبديل ڪريو. ڇاڪاڻ جو هڪڙي سٺي عادت کي برقرار رکڻ وڌيڪ محنت طلب آهي بنسبت ان کي شروع ڪرڻ جي. جيڪڏهن اوهان جسماني طرح سمارٽ ٿيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ يوگا سيشن جي رٿابندي ڪريو ۽ اڳواٽ ئي ان جي رقم ادا ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اوهان ڪو ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهيو ٿا ته هڪڙي اهڙي ڪاروباري شخص جنهن کي اوهان عزت جي نگاهه سان ڏسندا هجو، اي ميل ڪريو ۽ ڳالھه ٻولھه لاءِ هڪڙي ملاقات يا ڪال رکو. جڏهن عمل ڪرڻ جو وقت اچي ته ان مان جان ڇڏائڻ جو فقط هڪڙو رستو هجي ۽ اهو اِهو ته ان کي منسوخ ڪرڻو پوي جنهن ۾ توانائي سان گڏوگڏ پئسا به شامل هوندا. عزم جا سامان دراصل اهڙين شين کي وڌائن ٿا جيڪي مستقبل ۾ صحيح ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهين ۽ حال ۾ برين عادتن کي ڏکيو بڻائين. بهرحال اسين ان کان به بهتر ڪري سگھون ٿا. اسين سٺين عادتن کي اڻٽر ۽ برين عادتن کي ناممڪن بڻائي سگھون ٿا.
عادت کي خودڪار ڪيئن بڻائجي جو ان باري ۾ وري سوچڻ جي ضرورت نه پوي:
جان هينري پيٽرسن، 1844 ۾ ڊيٽن، اوهيو ۾ ڄائو. هن جو ننڍپڻ فيملي فارم تي ڪم ڪندي گذريو ۽ پڻس جي آري جي مشين تي سندس شفٽ لڳل هوندي هئي. ڊارٽماوٿ ۾ ڪاليج کانپوءِ، پيٽرسن اوهيو واپس موٽي آيو ۽ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ هڪڙو ننڍڙو سپلائي اسٽور کوليائين.
اهو هڪڙو سٺو موقعو هو. اسٽور کي مقامي سطح تي ننڍڙي مقابلي کي منهن ڏيڻو پيو ۽ جلد ئي وٽس گراهڪن جي رش ٿيڻ شروع ٿي ويئي، پر اڃان پئسي ٺاهڻ لاءِ محنت درڪار هئي. ان وقت پيٽرسن دريافت ڪيو ته سندس نوڪر چوري ڪري رهيا هئا. 1800 جي وچ ڌاري، اها چوري عام مسئلو بڻجي چڪي هئي. رسيدون هڪڙي کليل خاني ۾ رکيون وينديون هيون جن کي باآساني تبديل ڪري يا ڦاڙي ڦٽو ڪري سگھبو هو. ڪي به وڊيو ڪيمرائون لڳل نه هيون ۽ نه ئي ڪو سافٽ ويئر هو جنهن سان ڏيڻ وٺڻ جي مامرن جي جاچ ڪري سگھجي. صورتحال اها هئي ته جيستائين اوهان پنهنجي نوڪرن تي هر منٽ منٽ ۾ نظر نه رکو يا وري حساب ڪتاب جو ڪم پاڻ ڪريو تيستائين چوري روڪڻ ممڪن نه هئي.
پيٽرسن پنهنجي ان مصيبت تي غور ڪيو ۽ هن هڪڙي نئين ايجاد بابت مشهوري ڏٺي جنهن جو نالو هو ”رٽي جو ناقابل برباد ڪيشيئر.“ اهو ڪيش ڪائونٽر ڊيٽون جي ئي هڪ رهاڪو جيمس رٽي جو ڊزائين ڪيل هو. اهو پهريون ڪيش رجسٽر هو. مشين خودبخود ڪيش کي لاڪ ٿي ڪيو ۽ هر ٽرانزيڪشن کانپوءِ رسيد اندر ٿي رکي. پيٽرسن اهي ٻه خريد ڪيا ۽ هڪڙي جي قيمت هئي پنجاهه ڊالر. انهن مشينن جي ايندي ئي چوري کي ڄڻ، پر لڳي ويا ۽ رات پيٽ ۾ چوري ختم ٿي ويئي. ايندڙ ڇهن مهينن ۾، پيٽرسن جي ڪاروبار نه فقط وڃايل پئسا موٽايا، پر کيس پنج هزار ڊالرن جو منافعو به ٿيو، جيڪو اڄ جي هڪ لک ڊالرن جي برابر آهي.
پيٽرسن ان مشين مان ڏاڍو متاثر ٿيو جنهن هن جي ڪاروبار کي تبديل ڪري ڇڏيو هو. هن رٽي جي دريافت جا حق ۽ واسطا خريد ڪيا ۽ قومي ڪيش رجسٽر ڪمپني کولي. ڏهن سالن کانپوءِ ان ڪمپني ۾ ڏهن هزارن کان مٿي اسٽاف هو ۽ ان ڪمپني جو شمار پنهنجي وقت جي ڪامياب ترين بزنسن ۾ ٿيڻ لڳو. مطلب ته بري عادت کي ٽوڙڻ جو موثر طريقو اهو آهي ته ان کي ناقابل عمل بڻائي ڇڏجي. ايتريون رڪاوٽون پيدا ڪريو جو ان عمل ڪرڻ جو هر جواز ختم ٿي وڃي. ڪيش رجسٽر مشين جو ڪمال اهو هو ته ان اخلاقي قدرن کي ايئن وڌايو جو چوري کي هن عملن ناممڪن بڻائي ڇڏيو. بجاءِ ان جي جو ماڻهو تبديل ڪجن، گھربل روين ۽ قدرن کي خودڪار بڻائي ڇڏيو. ڪجھه عمل، جهڙوڪ ڪيش رجسٽر لڳائڻ، فائدو ئي فائدو ڏنو. اها هڪ وقت جي سيڙپ ۽ توانائي آهي، پر وقت سان گڏ ان جو اثر ۽ نتيجو وڏو آهي. آئون ان خيال کان تمام گھڻو متاثر آهيان ته هڪڙي اڪيلي چونڊ اوهان کي بار بار فائدو ڏيئي سگھي ٿي ۽ مون پنهنجي پڙهندڙن جو ان بابت سروي ڪيو. هيٺئين جدول ۾ آئون ڪجھه اهم جواب درج ڪريان ٿو:
جدول: هڪ وقت جي عمل جنهن سٺين عادتن کي پختو ڪيو
آئون شرطيه چوان ٿو ته جيڪڏهن سراسري ماڻهو هن لسٽ تي موجود اها هڪ وقت جي سيڙپ اڌ به ڪن ته ايندڙ سال تائين سندن زندگي ڪافي بهتر بڻجي چڪي هوندي. اهي هڪ وقت جا عمل سڌا سنوان روين جي تبديلي جي ٽئين قانون کي لاڳو ڪن ٿا. اهي اوهان جي ننڍ کي بهتر بڻائين ٿا، اوهان جي پئداوار وڌائين ٿا، پئسا بچائين ٿا ۽ هڪڙي بهتر زندگي ميسر ڪن ٿا.
جڏهن اوهان پنهنجي زندگي کي ممڪن حد تائين خودڪار بڻايو ٿا، توهان اوترو ئي پنهنجي توانائي پنهنجي ڪمن تي صرف ڪري سگھو ٿا، جيڪي اڃان تائين مشينون نٿيون ڪري سگھن. هر عادت جيڪا اسان ٽيڪنالاجي جي حوالي ڪريون ٿا اها اسان جو وقت ۽ توانائي بچائي ٿي ته جيئن اسان ترقي جي اڳئين ڏاڪي تي وڃي سگھون. جيئن حسابن جي ماهر ۽ فلاسفر الفريڊ نارٿ وهائٽ هيڊ لکيو هو ته ”تهذيبون تڏهن اڳيان وڌنديون آهن جڏهن اسان ڪمن جو هڪ تعداد بنا سوچڻ جي سرانجام ڏيون.“ بيشڪ ٽيڪنالاجي جي طاقت اسان جي خلاف پڻ ڪم ڪري سگھي ٿي. تمام گھڻو ٽي وي ڏسڻ يا اسڪرين تي وقت گذارڻ هڪڙي عادت بڻجو پوي. ڇاڪاڻ جو مسلسل ڏسڻ جي مقابلي ۾ ان ۾ وڌيڪ محنت ان کي نه ڏسڻ ۾ ٿي لڳي. بجاءِ ان جي جو ٻئي قسط لڳائجي، بٽڻ دٻائجي، نيٽفليڪس يا يوٽيوب خود بخود ان کي هلائين ٿا. اوهان کي فقط اکيون ڦاڙي ان کي ڏسڻو آهي.
ٽيڪنالاجي شين کي تمام گھڻو آسان بڻائي ڇڏيو آهي. ٿوري بک لڳي، گھر جي ڏيڍي تي کاڌو حاضر ٿي ويندو. ذرڙو بور ٿياسين، هيڏو سارو سوشل ميڊيا جو جهان پيو آهي. جڏهن اوهان جي خواهشن موجب عمل لاءِ ذري گھٽ ٻڙي برابر توانائي درڪار هجي ته اوهان وقت جي وهڪري ۾ وهندا ويندا آهيو. ان خود ڪاري جو خراب پاسو اهو آهي ته اسين پنهنجو پاڻ کي آسان کان آسان ڪمن جي طرف راغب ڪندا ٿا وڃون ۽ ڏکين ڪمن لاءِ وقت نٿا ڪڍون جيڪي وڌيڪ فائديمند آهن.
مون اڪثر ڏٺو آهي ته مون کي جيڪو فارغ وقت ملندو آهي ته آئون سوشل ميڊيا استعمال ڪندو آهيان. چند سيڪنڊن لاءِ به آئون بور ٿيس ته يڪدم فون کڻندس. انهن ننڍن ننڍن ذهني خلفشارن کي باآساني اهو چئي سگھجي ٿو ته اسان وقفو پيا ڪريون يا ساهي پيا پٽيون، پر وقت سان گڏ اهي سنجيده مسئلا بڻجي سگھن ٿا. هڪڙي مسلسل ڇڪتاڻ ته ”اڃا هڪڙو منٽ وڌيڪ“ مون کي هڪڙي ربط ۾ ٿيندڙ شيءِ کان روڪي سگھي ٿو. (آئون فقط هڪڙو ڪونه آهيان. سراسري طور هڪڙو ماڻهو هڪڙي ڏينهن ۾ ٻه ڪلاڪ سوشل ميديا تي گذاري ٿو. اوهان هاڻي حساب لڳايو ته اوهان انهن واڌو سال جي ڇهه سو ڪلاڪن سان ڇا ڪري سگھو ٿا؟)
سڀ کان وڏي حيرت ۽ خوشي جي ڳالھه اها آهي ته آئون تمام تيزي سان شين کي اپنايان ٿو. سوشل ميڊيا کان پاڻ کي روڪڻ جي پهرئين هفتي ۾ مون اهو سمجهيو ته مون کي دراصل ان کي ايترو ڏسڻ جي ضرورت ئي نه هئي جيترو آئون ڏسندو هئس. اهو ايترو ته آسان هو جو اهو خود بخود ٿي ويو. جڏهن منهنجي خراب عادت ناممڪن بڻجي پئي ته مون دريافت ڪيو ته مون ۾ دراصل وڌيڪ معنيٰ خيز ڪم ڪرڻ لاءِ چاهه هو. جڏهن مون اها ذهني ٽافي پنهنجي ماحول مان ڪڍي ڦٽي ڪئي ته مون لاءِ صحتمند کاڌو کائڻ سولو ٿي پيو.
اوهان جي فائدي جي ڳالھه اها آهي ته خود ڪاري اوهان جي سٺين عادتن کي اڻٽر ۽ برين عادتن کي ناممڪن بڻايو ڇڏي. مستقبل ۾ پنهنجي روين کي قابو ڪرڻ جو اهو ئي بهتر طريقو آهي بجاءِ ان جي جو پنهنجي قوت ارادي تي ڀاڙجي. عزم جا سامان جوڙي، حڪمت عملي تحت اهم يگانا فيصلا وٺي ۽ ٽيڪنالاجي کي بروئي ڪار آڻي اوهان اڻٽر واري ماحول کي جوڙي سگھو ٿا، يعني اهڙو ماحول جتي سٺين عادتن جي فقط اميد نه پر اهي شرطيه هجن.
باب جو خلاصو:
* روين جي تبديلي جي ٽئين قانون جو ابتڙ آهي ” ان کي ناممڪن بڻايو“.
* عزم جا سامان هڪڙي اهڙي چونڊ آهي جيڪا اوهان حال ۾ ڪريو ٿا، پر ان جو کٽيو مستقبل ۾ کائو ٿا.
* پنهنجي عادت کي مستقبل ۾ هميشه لاءِ پختي ڪرڻ جو بالآخر طريقو آهي ان کي خودڪار بڻائڻ.
* ڪي يگانا فيصلا جهڙوڪ هڪ دفعو آرامده گدو وٺڻ يا بچت جو پلان خريد ڪرڻ آهن ته هڪ دفعي جا فيصلا پر اهي عمل اوهان جي مستقبل جي عادتن کي جوڙين ٿا ۽ وقت سان گڏ ان جو اجورو ملي ٿو.
* پنهنجي عادتن کي خودڪار بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال انتهائي موثر آهي.

