ادب

سڄڻ سفر هليا… لطيف جي پارکو ناٿي فقير لُنڊ جي موڪلاڻي ڊاڪٽر عامر گڏاڻي (دبئي)

هونئن ته سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪک مان انيڪ انمول گوهر ڄڻيا، جن ڌرتيءَ جي دهليز تي رهندي پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ وسيلي مٽيءَ جو مان مٿانهون ڪندي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ اختيار ڪئي، پر ڀٽائيءَ جي هن ڀونءِ ۾ ڪي اهڙا به اڻ ميا موتي اسريا جن وٽ علم ۽ فهم جا ته هزارين خزانا هئا، پر کين ڪابه شهرت جي بک نه هئي. هو بس پنهنجي علمي آڌار تي هميشه هڪ الڳ سڃاڻپ رکندي هزارين دلين جا حڪمران بڻيا. ڪي ڪي ماڻهو اهڙا ته عمل ۽ ڪردار ۾ اعليٰ حيثيت جا مالڪ هوندا آهن جو سندن نالو به عزت ۽ احترام جي سوين غلافن ۾  ويڙهي پوءِ چپن تي آڻبو آهي.

اهڙن ئي علم جي آڪاش تي چمڪندڙ ۽ دانائيءَ جي درياءَ جي مالڪن مان هڪ لاکيڻي لطيف جي بيتن جو حافظ، لطيف جي شاعريءَ جي گهري ڄاڻ رکندڙ ناٿو فقير لُنڊ به هن صديءَ جو هڪ اهڙو ڪردار ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي علائقي ۽ تر واسين ۾ ته هڪ الڳ نانءُ ڪمايو هو، پر سندس وڇوڙي ڄڻ ته سموري سنڌ کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو.

ناٿو فقير لُنڊ جنهن جو جنم 7 جنوري 1926ع تي شيخاڻي گهاڙي  ضلعي بدين ۾ فقير غلام حسين لُنڊ جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم سيراڻيءَ مان پرائيندڙ هي فقير اڳتي هلي پرائمري استاد بڻيو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ علم جون ڏياٽيون ٻارڻ لڳو. سندس وڏن جو تعلق پڻ فقيري لڏي سان هئڻ ڪري ناٿو فقير پڻ هن راھ جو راهي ٿيو. ناٿو فقير لُنڊ جنهن 1947 واري ورهاڱي جي وڍ کي هميشه پنهنجي زندگيءَ جو عظيم سانحو  قرار ڏيندي هجرت ڪندڙ پنهنجي هندو دوستن کي هميشه آلين اکين سان ياد ڪيو، پنهنجي جوڀن جون بهارون ساڻن گڏ گذاريندي پنهنجي دل جي اڳر تان ڪڏهن به ڌار نه ڪيو.

ناٿو فقير لُنڊ جنهن جي ڪکائين اوطاق هميشه اويل سويل آيل مهمانن جي آجيان ڪندي هئي، اڄ سندس وڇوڙي تي ضرور آبديده هوندي. لطيف شناسيءَ تي گهري ڄاڻ رکندڙ هي فقير پنهنجي علائقي ۽ تر جي پڻ گهري جاگرافيائي ڄاڻ رکندو هو. هو پنهنجي علائقي واسين جا ڏک سور ته ڄاڻندو هو، پر پنهنجي علائقي مان اڏري ويندڙ پکين جو ذڪر ڪندي ايئن پنهنجا لڙڪ لاڙي ويهندو هو، جيئن اهي پکي سندس دل جي پڃري مان ڀڙڪو کائي اڏامي ويا هجن. پنهنجي علائقي جي سڪار ۽ ڏڪار جي وارتائن کي هي فقير ڪنهن تاريخي باب جيان پيو ورجائيندو هو. هو جتي پنهنجي علائقي ولاسي جي خوشحاليءَ وارن ڏينهن کي ساري خوش ٿيندو هو، اتي وري ان ئي علائقي مان گذرندڙ ايل بي او ڊي جهڙي سم نالي سبب ٿيندڙ تباهڪارين کي ساري پنهنجيون پنبڙيون آليون ڪندو هو. ايل بي او ڊي واري رٿا جنهن سندس علائقي جي ڪافي حصي کي والاري ڇڏيو هو ۽ ڪيترائي سندس پاڙيسري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا هئا، پر هي فقير پنهنجا ڪک ڇڏڻ تي ڪڏهن به راضي نه ٿيو هو. هن هميشه ايل بي او ڊي جي مخالفت ڪندي ان رٿا کي پنهنجي مضبوط دليلن سان غلط رٿا ۽ ان علائقي لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو هو.

ناٿو فقير لُنڊ جنهن کي ڀٽائي سرڪار جو هڪ هڪ بيت نه رڳو ياد هوندو هو، پر ان بيت پٺيان ڪهڙا منظر ڀٽائيءَ چٽيا آهن ۽ ڪهڙيون حقيقتون سمايل آهن اهي پڻ روانيءَ سان ٻڌائيندو هو.

درگاھ يوسف فقير ستي جتي جي گادي نشين جي حيثيت سان هو هر مهيني چنڊ جي ٻارهين تاريخ تي فقيرن جو ميلو مچائي درگاھ جي ٻارهين ملهائيندو هو. جنهن ۾ فقير ڀٽائي کي سڄي رات پنهنجي انداز سان ڳائيندا آهن. هو يوسف فقير ستي جتيءَ لئه چوندو هو ته ڀٽائي سرڪار جڏهن يوسف فقير سان سندس حياتيءَ ۾ مليو هو ته ان وقت هي بيت ڀٽائي سرڪار يوسف فقير لئه چيو هو:

“ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي

جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي

تنين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري..”

ناٿو فقير لُنڊ جنهن جي زندگيءَ تي ڪڏهن ڪنهن وڏي اديب يا تاريخدان ڪجھ خاص ناهي لکيو، نه ئي سندس زندگيءَ تي ڪا تحقيق ٿي سگهي ته هو سادو سودو فقير ڪيڏي قدآور شخصيت جو مالڪ هو. هڪ صديءَ جي تاريخي ڄاڻ رکندڙ هي فقير پاڻ به هڪ بهترين شاعر هو. هو پنهنجي شخصيت جي سچائي پنهنجي ئي هڪ شعر ۾ هن طرح سان بيان ٿو ڪري ته:

سچ چوان ته راڄ ٿو رسي

ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ

چئو ناٿا ڪيڏانهن وڃان

ٻنهي پاسي سور.

ناٿو فقير لُنڊ جنهن جي سڃاڻپ لطيف جو حافظ هئي، هن نه صرف پنهنجي آسپاس رهندڙ ماڻهن سان محبت ڪئي، پر لطيف جي پوري ڪلام کي پنهنجي ذهن جي ڪينواس تي چٽيندڙ هي فقير  ڀٽائي جيان ئي سموري سنڌ لئه ڌڻيءَ در دعاڳو رهندو هو. جيئن هو پنهنجي مالڪ کي هنن سٽن ۾ ٻاڏائيندي سموري سنڌ جي پارت ڪندي نظر ٿو اچي:

“الاهي اوهان کي ويچارن جي پارت

بنھ بي نوا، بي سهارن جي پارت

رهي سنڌ سر سبز، سائي ستابي

سندس وڻ ٽڻ، وس ولهارن جي پارت”

فقير ناٿو لُنڊ جنهن پنهنجي جوانيءَ ۾ بولي سوناري جي ڌيءَ “ٻچو” سان بي پناھ محبت ڪئي هئي، هو هميشه ٻچوءَ کي ساري پنهنجي وڇڙيل محبت ۽ اڌوري داستان ورجائيندو رهندو هو. ٻچو جيڪا بولي سوناري سان گڏ ورهاڱي وقت ناٿي فقير کي وڇوڙي جو وڍ ڏيئي ڏور هلي وئي، پر هي فقير هميشه سندس يادن کي ساري جيئندو رهيو. ناٿو فقير جنهن جي ياداشت آخري ڏينهن ۾ بلڪل به نه هئڻ جي برابر هئي، پر ٻچو سندس ذهن تي هميشه اڪريل رهندي هئي، هو کيس ياد ڪندي چوندو هو ته ٻچوءَ جي حسن تي سڄو شهر موهت هوندو هو، پر هوءَ صرف ناٿي فقير جي سادگيءَ تي مرندي هئي. سنڌ ثقافت کاتي توڙي جو ناٿي فقير کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو، پر سندس شخصيت جو قد ايوارڊن کان گهڻو مٿي هو. ناٿو فقير لنڊ جنهن جي حياتيءَ تي به جيڪر ثقافت کاتو ڪا تحقيق ڪرڻ شروع ڪري ها ته شايد هڪ صديءَ جو داستان لکجي سگهجي پيو. لاڙ جو جاگرافيائي ڄاڻو ۽ هڪ انسائيڪلو پيڊيا جي حيثيت رکندڙ سنڌ جو هي اڻ ملھ ڪردار 28 جولاءِ 2020 تي 94 سالن جي ڄمار ماڻيندي پنهنجي سموري ڏات پنهنجي اندر ۾ سانڍي هزارين اکيون آليون ڪري وڃي پنهنجي خالق حقيقيءَ سان گڏيو.

Aamir_gadani@yahoo.com