#شاعري ۽ #غزل
سِنڌ
امداد حسيني
پاڻ بي اَجهي آڌر،
اي اجهو اي آڌر سِنڌ!
پاڻ ئي اُڃي پياسي،
اي ندي اي ساگر سِنڌ!
پاڻ ئي ڇِني ڇوري،
اي پِدر اي مادر سِنڌ!
پاڻ ئي غريب آهين،
اي غريب پرور سِنڌ!
غزل
تاج بلوچ
پاڻي پاڻي آرزو
مون نه ماڻي آرزو
ڪا نماڻي آرزو
هر ڪهاڻي آرزو
نا صحاڻي آرزو
ڇاڻي ڇاڻي آرزو
ٻيرا ٻيرا روح هو
ساڻي ساڻي آرزو
ڦول ڪوماڻل مليا
آرياڻي آرزو
ويئي واريءَ ۾ ٻڏي
هر مهاڻي آرزو
تاڃي پيٽو هو ڇڊو
ڪنهن نه واڻي آرزو
پيڙ جو هلڪو لقاءُ
گهاڻي گهاڻي آرزو
تاج پلڪن تي نچي
ڪا اياڻي آرزو
………….
هڪ ڏند ڪٿا
عاشق عارباڻي
الله تون توهين تون
الله تون توهين تون
سانوڻيءَ جي مند ۾
هيو سنڌو تار
ڀَٽاري ڌڻ کان
بيٺي هئي ڌار
هُيس چڙو ڳچيءَ ۾
وڳي پئي تار
ميهار جي ڪن تي
پئي ڪا پچار
پڇو پوءِ ميهار
منهن ورائي چَڙي کان
چڙا تو تنوار
ڪيئن پرائي پرينءَ جي
چڙي پوءِ پچار
هيئن ڪئي ميهار سان
اڇلائي آڙاهه ۾
باهه ڏنئون ڀوتار
سيخ تپائي ساهه مان
ڪڍيئون آرو پار
وجهي ڄيرو ڄَر ۾
ڏِنئون مُترڪن جي مار
رکي سِر سانڌاڻ تي
ڪڍيئون چٽ چؤڌار
ڌڙ کي سِسِيءَ کان
ڪيئون ڌارو ڌار
عاشق منهنجي سور جا
اُت وهي هليا نار
ڪيم سڏُ سَيد کي
تنهن لڌي منهنجي سار
مهربان مون تي
ٿيو صاحب رب ستار
تهان پوءِ تنوار
مون پرائي پرينءَ جي.
10 محرم الحرام 2016ع ڄامشورو
…………………
…………
نثري نظم
ڪوئلو
ڊاڪٽر خادم منگي
چور، ڍورن وانگي، سڄي ڀونءِ چَري رهيا آهن،
ٻئي طرف ابهم ٻارڙا مورن وانگر مري رهيا آهن،
هيل ڊيلن کان ٽلڻ وسري ويو آهي.
موت پنهنجا پِيلا ڏند ٽيڙي کلي رهيو آهي،
موهن ڀڳت جا آلاپ، مائي ڀاڳي جي ورلاپن سان ملي،
ڪارونجهر جو هانءُ ڦاڙي رهيا آهن،
ڀٽون هڪ ٻئي سان ڀاڪرين پئي پار ڪڍي رهيون آهن.
ٻار، ڇيڇڙن جهڙين ڇاتين مان آخر ڪيتري ٿڃ پيئندا.
ٿري ڳئون جا ٿڻ ۽ کوهن جا جر گهڻو اڳ ئي سُڪي ويا هئا
ٿر ۾ پاڻي، صرف ٿوهرن وڻ ئي وڃي بچيو آهي
گوڙي جي مندر ۾ چمڙا اونڌا لٽڪيا پيا آهن
ڀوڏيسر جو تلاءُ ٿاريليءَ جي ڏرا ڏئي ويل اکين جهڙو ٿو ڀاسي
اوڏڻ، ڪولهڻ ۽ ريٻارڻ جا جنڊ،
هيل ڏکن کي ئي ڏري رهيا آهن.
واري جي تهن ۾ لڪيل ٻج الائي ڪڏهن اکيون مهٽي اٿندا؟
ڪارڙي ڪمارڙي کي ان ۽ جَل کپي
پر اندر ڪارا ڪوئلي کي ڏسي گِگَ ڳاڙي رهيا آهن.
………………………..
نظم
اشرف پلي
ڏکاري ٻار جي کِل جھڙو
تصور ڳوٺ تنهنجي جو
ٻٻر جي ڏار تي رهجي
ويل ڪا ڪوڪ ڪويل جي
اڌورو چنڊ آسڻ تي
ٿڌي جھنڪار پايل جي
عصر، ڄڻ ننڊ ۾ ٻالڪ
صُبح، ڄڻ گيان گوتم جو
مڙهِن ٿيون ڇوڪريون کِل سان
انديشو روز آگم جو
ٻٻر جا ڦل جيئن پِيلا
نڪن ۾ نڪ ڦليون اهڙيون
اڇا گل ڄڻ ته گجرن جا
هي جھومڪ واليون اهڙيون
سراپا چيٽ ڄڻ آهي
بدن محبوب جوانين جو
تصور ڳوٺ تنهنجي جو
اهو ڀي هڪ حصو آهي
اونداهي، جسم جو ٽڪرا
حراسيل دانهن کان پوءِ
قٻي جي گنبذن ۾ ڄڻ
ڪبوتر ڦڙڦڙايو هو
جسم هو ڪپھ جي پوڻي
مٿان آتش جو سايو هو
تهان پو وَصل جا جاڳا
مزارن جو اڱڻ ٿي پيا
خدائي تنهنجي چادر ٿي
ستارا يار ڄڻ ٿي پيا
ملڻ جي مند کي جانان
نه ماپيو مند جي ماپن
الائي ڪيترا پل هئا
وهاڻا تنهنجي ٻانهن ۾
تِهان پوءِ جي ڳالهين ۾
جدائي موت جيئن آهي
انهي لئه ڳالھ کان پنهنجي
لنوائي دل چيو آهي
ڏکاري ٻار جي کل جھڙو
تصور ڳوٺ تنهنجي جو.
…………………..
غزل
جبار تاثير سومرو
اکين ۾ اوسيئڙو آ پيارن جي خاطر.
نهارون رَندن منجهه يارن جي خاطر.
سچا دوست سيني ۾ سانڍي رکيا ٿم،
جيئان ٿو انهن جي سهارن جي خاطر.
منهنجي شاعريءَ جون سِٽون ۽ اَکر ٿا،
نَچن ۽ ڪُڏن قربدارن جي خاطر.
اڃان مَس قلم مان سُڪي ڪونه آهي،
لکان اڄ به ٿو پيو سَنگهارن جي خاطر.
وسيِ ٿر پوي پوءِ ڪاڇو ته واهه واهه،
گهران ٿو دعائون پنهوارن جي خاطر.
ڏسو! ڪيئن هڪ ماءُ پنندي رهي ٿي،
ٻئي هٿ جهلي پنهنجي ٻارن جي خاطر.
اکيون منتظر ٿيون رهن پيون هميشه،
نئين گاج گورک نظارن جي خاطر.
مان “تاثير” جند جان گهوري ڇڏيان ٿو،
سهڻي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي خاطر.
………………
سنگسار
پارس حميد
هڪ هڪ پٿر
تنهنجي وجود جو
پيڇو ٿو ڪري
ماءُ جو التجائون،
ڀينرن جا لڙڪ،
سکين جون دعائون،
۽ پيءُ جي پڳ
تنهنجي وجود بچائڻ لاءِ
ناڪافي آهن.
عاشقيءَ جو سمنڊ جهاڳيندڙ ڇوڪري
هاڻي تنهنجي
سنگسار ٿيڻ جي موسم
ڏاڍي ويجهي اچي وئي آهي
…………….
چوسٽو
ڊاڪٽر سڪينه سمون
ڪو خواب هو، ڪو خيال هو
ڪوئي حُسن هو، ڪو جمال هو
ڪوئي درد هو، ڪائي روشني
اهو زندگيءَ جو ڪمال هو.
…………
غزل
مولا بخش محبتي
موجن ۾ مهراڻ هجي ۽ تون ۽ مان
سيج هجي سرهاڻ هجي ۽ تون ۽ مان
جوڙي پنهنجي وفا جو مثال هجي
جئڻ هڪٻئي ڪاڻ هجي ۽ تون ۽ مان
جيجل سنڌ کي واءُ نه لڳي ڪوسو
هٻ هٻ هتي هاڻ هجي ۽ تون ۽ مان
پنهنجي مٿان ڇانو ڪن ڪي بادل
واتن ۾ واکاڻ هجي ۽ تون ۽ مان
مکڙين وانگي کلندا رهون پاڻ
رب پنهنجو ساڻ هجي ۽ تون ۽ مان
سڀ سانگيئڙا شل گد گد جيئن
ڌرتي تي ساواڻ هجي ۽ تون ۽ مان
محبتي ٿين چوطرف مرڪون
چنڊ هجي چانڊاڻ هجي ۽ تون ۽ مان.
……………
نظم
ڏيڍ ٽَڪي جو ننڍڙو مَٽڪو
رابيل عزيز
ڏيڍ ٽَڪي جو ننڍڙو مَٽڪو
سنهڙي چيلهه کي ڀاڪر پائي
سونهن سَهاري سفر ڪري ٿو
نوريءَ جي جا چُور جواني
بي پرواهه ڀرپور جواني
مَٽ اندر ٿي خوشبو اوتي
ننگر شهر جي موتئي جهڙي
يا خوشبو هئي سونهن- ڪنول جي
نيٺ جو نوري تڙ تي پهتي
چيلهه ڇڏايا مَٽ جا ڀاڪر
ڪينجهر جي پٿريلي پٽ تي
هيون ٺڪاءَ سان ٺڪريون وکريون
نظرن جا واچوڙا آيا
هُل هُلي ويو ڪينجهر ۾
هئا ڄام سمي جا هوڙا آيا
نوريءَ جي نيڻن جي مُنڊَ ۾
سونهن- سمنڊ ۾
لهندڙ سج جي لامَ جهلي
هو ڄام ٻڏي ويو
نما شام ٻڏي ويو
توڙي جو ڪئين بدن- بتيلا
ڄام جي سيني جي ساگر تي
سڙهه سنباهي آيا هئا پر
نوريءَ جو هي سونهن- سفينو
پيار- ڪنارو ماڻي ويٺو
سمي سهارو ماڻي ويٺو.
………………………
ڪنهن کي ڳولي پئي
زاهده ابڙو
پاڻُ رولي پئي ….
ڪنهن کي ڳولي پئي!؟
روح جي رُڃ ۾،
هوءَ آ هيڪلي ….
ڪنهن کي ڳولي پئي
جوڙي بُت ڪيترا
تن کي پوڄي پئي،
ڪوهه جهاڳي پئي
پنڌ پورهئي پئي
پاڻ پنهنجو پسڻ
هوءَ چاهي پئي
ناز نخرا کڻڻ
پنهنجا چاهي پئي
پاڻ تي پاڻ عاشق
ٿيڻ چاهي پئي
هُن کي هُنَ کان
هميشه لڪايو ويو
سُڏڪا پنهنجا ٻڌي
اڄ آ ڇرڪي پئي….
پيرا پنهنجا کڻي
پاڻ ڳولي پئي
پاڻ رولي پئي
ڪنهن کي ڳولي پئي.