شاعري 2020 November
اعجاز منگي
زمينن کي ڇڏي جيڪي خلائن ۾ پڳيون آھن
ٻڌائي ڇڏ جھانن کي اسان جون قدرتون آھن
ھزارين روپ تنھنجا سڀ، سمائي جيڪي رکنديون ھن
خدايا! ھي اسان جي ذھن جون ئي وسعتون آھن
انھن لئه عشق جو محور، ھئي ليليٰ عرب جي ڪا
ڀٽائي جيڪي خلقيون ھن، اھي سڀ سورميون آھن
سڄي محفل ۾ مدھوشي، اکيون اوتن خمارن کي
اوھان جون نظرون ڇلڪڻ سان شرابن ۾ مليون آھن
سڄي ڪائنات ووڙبي، سدائين سفر ۾ رھبو
اسان جي ھٿ لڪيرن ۾ رڳو رولاڪيون آھن.
***
غزل
راشد لکمير
ضبط ظالم ڇو سدائين ڪو جبر پيو ٿو ڪري
منزلن جي ڄڻ بنا هر هڪ سفر پيو ٿو ڪري
ارڏ هن جو ٿو وڙھي اڪثر مون سان اهو چئي
راھ منهنجيءَ ڏي سدائين ڇو پٿر پيو ٿو ڪري؟
محسنيءَ جون منزلون مرڪي ملن ٿيون روز هت
وقت جي پر وارثي هڪ همسفر پيو ٿو ڪري
آسرن جي سڏ تي ويندي، جوش مان هو بي عقل
عزم جي جذبي کي پنهنجي بي اثر پيو ٿو ڪري
ڪي ئي ڳاراڻا ۽ ڳڻتيون دل منجهان پرتي ڪري
ڪو ته آھي جيڪو مون کي بي فڪر پيو ٿو ڪري
ڪابه عرضي جيڪڏهن دل سان نه مڃڻي ڪنهن کي آ
پنهنجي من کي پوءِ ڇو هو منتظر پيو ٿو ڪري
هم سفر ۽ همقدم جي هام هڻندي ڀر ۾ راشد
راھ ۾ ھي ڪير پنڌڙو بي خطر پيو ٿو ڪري.
***
سانگي شبير ڪنڀر
ساري ڏينهن جو ٽاڻو ٽاڻو
ياد تنهنجي ۾ گذريو آهي
رات ٿڌيءَ ۾ ھير گھلي آھ
تنهنجي ھر آسيس ملي آھ
منهنجي من ۾ ياد تنهنجي جي
ڪائي ڄڻ کڙڪي ته کلي آھ
تارا تارا کوڙ ته آھن
ھڪڙو ئي ته چنڊ لڪيل آھ.
***
حويلي
مخدوم آسيه قريشي
حويلي هڪ سَڪرات جو نالو آهي،
جتي موت زندگيءَ تي حاوي هوندو آهي
۽ زندگي سڪرات جي هنج ۾ سُتل.
حويلي صليب جو نالو آهي،
جيڪو هر بيڏوهي قيدياڻي
قيد بامشقت،
قيد تنهائيءَ ۾،
پنهنجي ڪلهن تي کڻي گهمندي آهي.
جنهن جي پَيرَن ۽ پٺيءَ مان مسلسل رَت وهندو آهي.
حويلي هڪ دوزخ جو نالو آهي،
جيڪو زميني خدائن
پاڻ پنهنجي هٿن سان ٺاهيو آهي.
جتان جا داروغا ڪڏهن به ٿڪبا ناهن سزا ڏيندي.
حويلي هڪ اهڙي ڪاري رات جو نالو آهي،
جنهن کي صبح جي چپَن ڪڏهن به ناهي چميو.
***
غزل
ڊاڪٽر عامر گڏاڻي
رونقون، رنگينيون ۽ روشني چئوڏس هئي
تون نه هئين مون ساڻ جانان، بيوسي چئوڏس هئي
رات جو پويون پهر هو، کيپ نيڻن تي چڙهيا
ٿي ويس مدهوش تو بن، مئڪشي چئوڏس هئي.
ڇا ٻڌايان مان سکي، ڪيئن وقت گذريو تو بنا
ساٿ ٽوڙي جيئن وئين، خودڪشي چئوڏس هئي.
بيد مشڪن جي پٺيان، هڪ اماوس رات ۾
تو جي ڀاڪر ۾ ڀريو ٿي چاندني چئوڏس هئي.
نرڙ تنهنجو هو مصلو، منهنجي سجدن لئه پرين
چپ تنهن تي پئي رکيم، ڄڻ بندگي چئوڏس هئي.
هي شهر جنهن جي هر ڳلي اڄ لڙڪ لڙڪ وئي بڻي.
ٽهڪ ها هر پل هتي ۽ زندگي چئوڏس هئي.
***
ڪڏھن ته رولاڪ ٿجي!
ڪامران اڪبر سومرو
ڪڏهن ويهي
چنار جي وڻن هيٺان،
ساون پنن تي لکجي…
ساوا پن جيڪي
ڄاڻ هيڊا ٿي ڪِري پوندا…
ڪڏهن تن تنها ٿي
رولاڪن وانگي
سفر ڪجي!
گهاٽن وڻن سان ڍڪيل
پيچرن تي هلجي…
خاموشيءَ جي سنگت ۾
آڱرين سان مٽيءَ مٿان
ڪو گيت لکجي…
چانڊوڪي جيڪا
وڻ جي لامن پويان
ليئا پائي ٿي،
ڪڏهن ته هن کي
اکين ۾ سمائي
ڪوئي غزل لکجي…
هوا جي هڳاءَ سان
دل کي وندرائجي…
رولاڪ ٿجي…
***
غزل
فياض چنڊ ڪليري
آرسيءَ کان پڇڻ پتو گهرجي،
تو سواءِ جان! ڪجهه نٿو گهرجي.
ڇو ٿي قسطن ۾ چاهه تون آڇين؟
پاڻ کي پيار ٿو ٻڌو گهرجي.
مُند جيان موهه جا، مٽائي ٿي
روز تنهن کي نئون وڳو گهرجي.
ڪين گهرجن ٿا قيمتي تحفا
ساٿ ۽ پيار جو سڳو گهرجي
بي گهريءَ کان پناهه ڏي موليٰ!
سِر ڍڪڻ لئه ڪچو اجهو گهرجي
روح برفائجي رهيو آهي
ڪو بند باهه جيان تتو گهرجي
“چنڊ” شل شاعري نباهه ڪري
پيار ريءَ ٻيو نه ڪو خفو گهرجي.
***
غزل
عريشا بخاري
خانا خانا ٿي وئي آهيان
ڄڻ زمانا ٿي وئي آهيان
ڪوئي مفهوم ڏئي وڃ مونکي
آئون بي معنا ٿي وئي آهيان
پاڻ کان پاڻ رسي پرچڻ جا
ڪي بهانا ٿي وئي آهيان
هرڪو اميد ٿو رکي مون ۾
ڄڻ خزانا ٿي وئي آهيان
پاڻ سان پاڻ دشمني جوٽي
تنهنجي جانا ٿي وئي آهيان
تنهنجي وڇڙڻ کانپوءِ او ظالم
ڪک ڪانا ٿي وئي آهيان.
***
ڪپل وستوءَ جو آسمان ۽ سڌارٿ
نظم
علي اظهار
I
ڪپل وستوءَ جو آسمان
هڪ گهر جي اڱڻ کي
مسلسل گهوري رهيو آهي
شهزادي يشوڌرا جا
چمڪندڙ ڳٽا ۽ روشن اکيون
راهول کي ننڊ ۾ مرڪندو ڏسي
اڃان به وڌيڪ چمڪڻ لڳن ٿيون.
سڌارٿ پنهنجي خيالن ۾ گم
هڪ نظر
يشوڌرا جي جوانيءَ
۽ راهول جي ٻچپڻي تي وجهي ٿو
۽ بي نياز ٿي وري
ڪپل وستوءَ جي آسمان ۾ گهوري
نرواڻ جا رستا ڳولي ٿو
سروم دکم دکم.
سڌارٿ ۽
ڪپل وستوءَ جو آسمان
نرواڻ تي ڳالهائين ٿا
چوڌاري دل ئي دک وکريل آهي
نرواڻ جي معنيٰ آهي
“مڪتي”
دک جي آخري حد
جنهن کانپوءِ سندس ذائقو
مٺو ٿي وڃي ٿو
“مڪتي” جتي
دک دک نه رهندو آهي
گيان بڻجي ويندو آهي
اهو ئي دک نرواڻ آهي يا شايد
نرواڻ يا مڪتيءَ جو آخري واضح رستو
سروم دکم دکم.
“شهزادا…!
توکي ڪهڙي خبر ته دک ڇا آهي؟
دک روز منهنجي سيني تي
ڪولين وانگر هلندو آهي
عظيم ۽ وشال هجڻ جو دک
سڀ کان وڏو دک هوندو آهي
جيڪو جيڏو وشال ۽ عظيم هوندو آهي
سندس دک به اوترو ئي
وشال هوندو آهي
ڇو ته عظيم ۽ وشال
اڪيلو هوندو آهي
۽ تون اڪيلو هجڻ واري دک کي ڳولي
وري به هتي ئي واپس ايندين
تنهنجي جاءِ تي مان هجان ها ته
يشوڌرا جي اکين جي جوت
۽ راهول جي مرڪ ۾
نرواڻ ڳولي وٺان ها
دک ته وشال ۽ عظيم هجڻ جي سزا آهي…”
سڌارٿ ڪپل وستوءَ جي آسمان جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ٿو
۽ وري آسمان ۾
نرواڻ جي معنيٰ ڳولڻ لڳي ٿو
“سروم دکم دکم”
۽ وري پوءِ پنهنجي
من جي آسمان ۾ گم ٿي وڃي ٿو
يشوڌرا جي اکين جو آسمان
هاڻي کيس نظر ئي ڪونه ٿو اچي
وڃڻ وقت
گهر جي اڱڻ کي لتاڙيندي
هو راهول جي مرڪ
به اورانگهي وڃي ٿو.
اهي سڀ رستا به
جتي هو ننڍو ٿي وڏو ٿيو هو
جتي هن نرواڻ لفظ کي سوچيو هو
اهي سڀ وڻ به
جن کيس تيز اس ۾
ٿڌي ڇانوَ آڇي هئي
اهي مزدور به
جيڪي پنهنجي ائٽ، ڏاٽي ۽ ڪهاڙيءَ ۾
نرواڻ ڳوليندا هئا ۽ مطمئن به هئا.
سندس خيال هو ته
هو سڀ جو سڀ ننڍڙا آهن
ننڍڙي دنيا ۾ رهندا آهن
کين خوش ۽ حيران
ڪرڻ لاءِ مينهن
وسائيندو هو.
وڏا وڏا ساهه کڻي
تيز ٿڌيون هوائون
هلائيندو هو
هن وشال ٿيڻ پئي چاهيو
ڪپل وستوءَ جي آسمان کان به وڌيڪ وشال
ڇو ته ڪپل وستوءَ جو آسمان به
پنهنجي ننڍڙي دک ۾ ويڙهيل هو
هو ته يشوڌرا جي
اکين جي جوت تي عاشق هو
راهول جي مرڪن
سان کيڏندو هو
ڳوٺ جي سڀني وڻن سان
پلٿ ماري
سڄو سڄو ڏينهن ڪچهريون ڪندو هو
سڀني ٻارن کي
لوڪ پر لوڪ جون آکاڻيون ٻڌائيندو هو
سندس خيال ۾ هو ننڍڙو هو
ان عظيم دک کان اڻ واقف
جيڪو هن پنهنجي اندر جي
آسمان ۾ ڳولي لڌو هو
يشوڌرا جي سهڻين اکين ۽ راهول جي
مرڪ
سڌارٿ کي آخري ڀيرو ڏٺو هو
هڪ گهري بي چين مرڪ سان گڏ
ڪپل وستوءَ جي آسمان
کيس آخري دفعو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي
پر هو بي نيازيءَ وچان
پنهنجي چپن ۾ ڀڻڪيو
“سروم دکم دکم
سروم دکم دکم”
ڪپل وستوءَ جي آسمان
کيس الوداعي انداز ۾
مسڪرائيندي چيو
“چڱو شهزادا…!
تون پنهنجي دک جي ڪائنات
تسخير ڪري اچ
وري ملون ٿا
سڌارٿ آخري دفعو
ڪپل وستوءَ جي شهر ۽ آسمان کي ڏٺو
۽ وڃڻ وقت چپن ۾ ورجائڻ لڳو
“سروم دکم دکم
سروم دکم دکم”
II
مسلسل پنڌ ڪندي
سڌارٿ جي پيرن کيس چيو
آسمان ته آسمان آهي
ڪپل وستوءَ جو هجي يا
دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ جو
زمين به ته ساڳي آهي
ساڳيو رنگ اٿس ۽ ساڳيون خصلتون
جيڪڏهن نرواڻ دک ۾ آهي ته
اهو دک ته محل جي
ڪيترين ئي ڪنڊن ۾ ساهه کڻي رهيو هو
ڪپل وستوءَ جو هر ماڻهو
پنهنجي پنهنجي
دک جي آسمان ۾ ويڙهيل هو
سڌارٿ وراڻيو
محل جو دک ۽ ماڻهن جو دک
بنهه ننڍڙو آهي
ڪپل وستوءَ جي آسمان جي دک جيترو
لا حاصل جي دک لاءِ
حاصل جون حدون ۽ دک
اورانگهڻا پوندا آهن.
سج پنهنجي روشني وڃائي چڪو ته
شام سڌارٿ جي اندر ۾
ڪنهن خنجر وانگر لهي وئي
وڻن جي قطارن پويان نظر ايندڙ
گهرن جي منگهن ۽ ڇتين
سندس من ۾
ڪپل وستوءَ ۾ موجود سندس گهر جي
يادگيريءَ جو ڏيئو ٻاري ڇڏيو
جتي يشوڌرا جون اداسي اکيون
اڄ به دروازي ۾ نهاري رهيون هيون
۽ راهول سندس
هٿ جي ڇهاءَ کي سوچيندي
پنهنجي ننڊ کان بي نياز رانديڪن کي
ڀاڪر ۾ ڀري
ننڊ جي واديءَ ۾ وڃڻ جي
تياري ڪري رهيو هو.
هُن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو
۽ هڪ دفعو وري چپن ۾ دهرائڻ لڳو
سروم دکم دکم
سروم دکم دکم
سندس آنڊن ۾
اوچتو بک جو هڪ وڏو آرس ڀڳو
هُن کي پنهنجو پيٽ خالي خالي محسوس ٿيو
ساڻس گڏ ٻيا ڀشڪو به
جن جو تعداد ڏينهون ڏينهن
وڌندو پئي ويو
شايد اِن ئي احساس هيٺ
پنهنجا جسم ۽ ڪٽورا کڻي
بيک مڱڻ لاءِ وڃي چڪا هئا
اڃ ۽ بک جي شديد گهري احساس
کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو
سرمئي شام جو چهرو
پنهنجي جادوئي احساس سان
جلوه گر ٿي چڪو هو
اجنبي ڳوٺ ۾ هر گهر اڳيان
هڪ ڏيئو ٻري رهيو هو
جنهن جي روشني به
ڪپل وستوءَ ۾ ٻرندڙ ڏيئن جهڙي ئي هئي
هو اڳيان وڌندو رهيو
۽ هڪ گهر اڳيان بيهي
هُن بيک مڱي
دروازو اڌ کليو
۽ عاج جي چوڙين سان ڀريل
هڪ خوبصورت ٻانهن
سندس ڪٽوري ۾
ڪجهه چڻا وڌا
کيس يشوڌرا ياد اچي وئي
جنهن جي خوبصورت ٻانهن سان کيڏندي
هُن کي سڄي ڪائنات
صفا ننڍڙي لڳندي هئي
بيک ۾ مليل انهن چڻن کي چٻاڙيندي
هُن سوچيو
ڪپل وستوءَ ۾ محسوس ٿيندڙ
بک جو ذائقو به ته اهڙو ئي هوندو هو
هُن هڪ دفعو وري
پنهنجي ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي
پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو
نه نه!
هُن بُک ۽ هِن بُک ۾ فرق آهي
هُن دک ۽ هِن دک ۾ فرق آهي
هوءَ بُک به ننڍڙي هئي
۽ اهو دک به ننڍڙو هو
هيءَ بک به عظيم آهي
۽ هيءُ دک به عظيم آهي
سروم دکم دکم
سروم دکم دکم
هو مسلسل هلندو رهيو
هُن کيڏندڙ ٻار ڏٺا
جوان ٿيندڙ عورتون ڏٺيون
خوبصورت عورتن ۽ انهن جي
حُسن کي فنا ٿيندي ڏٺو
هُن موت ۽ زندگي ڏٺي
هُن ڏٺو ته وڻن جي ڇانو جو احساس
هر جاءِ تي ساڳيو آهي
هو پنهنجي اندر جي
گهري خاموشي به ٻڌندو رهيو
۽ ٻاهران ايندڙ
آواز به محسوس ڪندو رهيو
فنا ۽ بقا جا سڀ رنگ
خوشي ۽ دک جا سڀ احساس
حيرتن جون سڀئي ڪائناتون
بلڪل اهڙيون ئي هيون
جيڪي هن ڪپل وستوءَ ۾ ڏٺيون هيون
جيڪڏهن سڀ ڪجهه ساڳيو آهي
۽ ساڳيو رهندو به
ته پوءِ هو هتي ڇو آهي…؟
کيس ڪپل وستوءَ جي آسمان جي چيل
ڳالهه ياد آئي
“عظيم ۽ وشال اڪيلو هوندو آهي
۽ دک
عظيم ۽ وشال هجڻ جي سزا آهي”
يشوڌرا ۽ راهل جو خيال ايندي ئي
سندس هانوَ کي جهوٻو اچي ويو
کيس راھول جي مرڪ ياد اچي وئي
۽ الائي ڪيتري وقت کانپوءِ
هڪ لمحي لاءِ
سندس چپن تي مرڪ چمڪي
سوچيائين
راھول هاڻي وڏو ٿي ويو هوندو
۽ يشوڌرا به
اڌ عمر جون حدون ٽپي وئي هوندي
هوءَ اڃان منهنجي انتظار ۾ هوندي
سندس نظرون اڄ به
ميخ وانگر دروازي ۾ کتل هونديون
پر ڪهڙي خبر
هوءَ هاڻي هجي به
الائي…!
هڪ ٻار جو کينهوئڙو
سندس پيرن ۾ اچي پوي ٿو
اهو ٻار ڊوڙندو اچي
سامهون بيٺل وڌيل وارن واري
ڀڪشو جوڳيءَ کي ڏسي ذري گهٽ ڇرڪي پوي ٿو
سندس ڳوٺ ۾ جيتوڻيڪ
ٻيا به جوڳي ۽ ڀڪشو ايندا هئا
پر هي ڀڪشو
انهن سڀني کان الڳ ۽ پراسرار هو
ڇوڪري جي چهري ۾ نهاريندي
هُن راھول کي ياد ڪيو
هُن جي چهري جا وصف
۽ اکين جو رنگ به
صفا سڌارٿ جهڙو هو
اها ڳالهه به کيس يشوڌرا ئي ٻڌائي هئي
کيس ڪپل وستوءَ مان نڪتي
الائي ڪيترا سال ٿي ويا هئا
هُن سوچيو
راھول هاڻي وڏو ٿي ويو هوندو
الائي هو کيس سڃاڻي به سگهي الائي نه…؟
الائي هو وري انهن سان
ملي به سگهي الائي نه…!؟
سندس ڀاونائون
سندس تپسيا کي ڀنگ ڪرڻ لڳيون
۽ هو سندن قبضي ۾ اچڻ لڳو
هو جڏهن پنهنجي ڌيان مان نڪتو ته
ٻار کينهوئڙو کڻي وڃي چڪو هو
هو خوف وچان وڏي آواز ۾
تيز تيز دهرائڻ لڳو
“سروم دکم دکم
سروم دکم دکم
سروم دکم دکم”
بلڪل پهرئين دفعي وانگر
جڏهن هُن اڃان
نرواڻ جي لفظ کي سوچيو هو.
هڪ دفعو وري هُن
ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيندي سوچيو
هي سڀ ڪجهه ساڳيو ئي ته آهي
پهرئين ڏينهن کان آخري ڏينهن تائين
پهرئين جيوَ کان آخري جيوَ تائين
سڀ ڪجهه ساڳيو آهي
سڀ روشنيون هڪجهڙيون آهن
سڀني اونداهين جو رنگ به ساڳيو آهي
سڀ آسمان
ساڳئي نموني مينهن وسائن ٿا
سڀني عورتن جا جسم ۽ خواب
ساڳئي گردان ۾ ڦرن ٿا
سڀ ٻار هر جاءِ تي
ساڳي معصوم مرڪ مرڪن ٿا
ڪائنات پهرئين ڏينهن کان
رنگن ۽ آوازن جي ٺهيل آهي
رنگ ۽ آواز الوهي آهن- بس رڳو انهن کي ئي بقا آهي
باقي سڀ ڪجهه فنا آهي
سڀ ڪجهه ته ساڳيو آهي
جي ايئن آهي ته
نرواڻ ته ڪٿي به ملي سگهي ٿو
ڪپل وستوءَ جي واڍن، ڪورين ۽
مزدورن به ته نرواڻ ورتو هو
ڪپل وستوءَ جو نالو سوچيندي
هُن کي وري راهل ياد آيو
هُن سوچيو:
هو راھول کي هڪ دفعو وري ڏسڻ چاهي ٿو
۽ فيصلو ڪري ٿو ته
هو ڪپل وستو واپس ويندو
هو جيتوڻيڪ اڪيلائپ جي دک کي
تسخير ته ڪونه ڪري سگهيو هو
پر ڄاڻي ضرور ورتو هو
هن هڪ دفعو وري
ڪپل وستوءَ جي آسمان هيٺان بيهڻ پئي چاهيو
جنهن کيس اتي ئي
نرواڻ جو ڏس ڏنو هو
سندس عظيم ۽ وشال ٿيڻ واري
خواهش
هاڻي مرڻ پئي چاهيو
ان وقت سرمئي شام
پنهنجي آخري هڏڪي ڏئي
پنهنجا پراڻ
رات جي حوالي ڪري رهي هئي
سڌارٿ هڪ دفعو وري پنهنجو پاڻ کي
هڪ هنڌ گڏ ڪري
اکيون ٻوٽي
چپن ۾ تيز تيز دهرائڻ لڳو
سروم دکم دکم
سروم دکم دکم
سروم دکم دکم
پر سندس اندر جي آسمان تي هاڻي
ڪپل وستوءَ جو آسمان
ڪپل وستوءَ جا مڪت ٿيل واڍا، ڪوري ۽ مزدور
يشوڌرا
۽ راھول ئي نظر اچي رهيا هئا
III
ڪپل وستوءَ جي ماڻهن
شهر ۾ ايندڙ ڀڪشوئن جي ٽولي کي ڏٺو
جن ۾ سڀني کان وڌيڪ
پرڪشش ۽ پراسرار ڀڪشو
اهو هو
جيڪو پهرين صف ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو
اڪيلو ئي هلي رهيو هو.
جنهن جي اکين ۾
صدين جي ٿڪ سان گڏ
هڪ عجيب نرمي ۽ ندامت هئي
وقت ۽ موسمن جي تغير
جيتوڻيڪ سندس جسم کي
ضعيف ڪري ڇڏيو هو
پر سندس شخصيت ۾
هڪ عجيب بي نيازي
۽ وقار اچي چڪو هو
وسرام لاءِ جاءِ چونڊڻ لاءِ
ڪجهه ڀڪشو شهر ۾ ٽڙي پکڙجي ويا
۽ ڪجهه وري بکيا مڱڻ لاءِ
هليا ويا
هڪ ڏهن سالن جو ڇوڪرو
تعظيم وچان سندس اڳيان جهڪيو
جنهن کي سندس ماءُ ٻڌايو هو
ته سندس پيءُ
نرواڻ ڳولهڻ ويو آهي
۽ ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور واپس ايندو
ان ڪري به اهو ڇوڪرو
شايد هر جوڳيءَ ۽ ڀڪشوءَ کي
تعظيم ڏيندو هو
سڌارٿ سوچيو
ڪپل وستو اڃان ساڳيو آهي
ٻاجهه ڀريو ۽ نياز مند
۽ اِتان جو آسمان
اڄ به ساڳيو ڳنڀير ۽ اونهو آهي
جيئن اڳ ۾ هو
بدليو ته ڪجهه به ڪونه آهي
بدليل ته ڪٿي به ڪجهه ڪونه هو
سڀ ڪجهه ساڳيو ئي ته آهي
گهڻي قدر وڻ
هُن کانپوءِ جا پوکيل هئا
جن هُن کي ڪونه ٿي سڃاتو
پر ڪجهه پراڻن وڻن کيس
جهڪي پرنام ڪيو.
۽ کيس بُک محسوس ٿي رهي هئي
هو هلندي هڪ گهر اڳيان بيهي رهيو
۽ بيک مڱڻ چاهيائين
اڃان بيک مڱڻ لاءِ
دروازي طرف هٿ وڌائڻ جو سوچيائين
ته سامهون وارو دروازو
سڄو کلي ويو
جنهن جي پويان يشوڌرا بيٺل هئي
سندس تير جهڙي چيلهه
هاڻي ڪمان ۾ بدلجي رهي هئي
سندس چهري تي
گهنجن جو هڪ ڄار جڙي رهيو هو
جن ۾ سڌارٿ
سروم دکم دکم پڙهي ورتو هو
سندس وارن ۾ هاڻي
چاندي ڦٽي رهي هئي
سندس اکين جي جوت
اڃان به وڌيڪ اجري ٿي وئي هئي
جنهن ۾ سڌارٿ جي نرواڻ
هڪ وڏو ٿڌو ساهه کنيو
بيک ڏيڻ بجاءِ
يشوڌرا مرڪندي کيس چيو
“شهزادا! پنهنجي گهر مان بيک نه مڱبي آهي”
اهو منظر ڪپل وستو جو
آسمان به ڏسي رهيو هو ۽ پنهنجي
هزارين اکين سوڌو مسڪرائي رهيو هو
ايتري ۾ اهو ڇوڪرو
جنهن کيس شهر ۾ تعظيم ڏني هئي
اتي اچي پهتو
۽ پنهنجي ماءُ کي
ان ڀڪشوءَ سان بيٺل ڏسي پڇڻ لڳو
“هي ڪير آهي امان…؟
يشوڌرا هڪ ٿڌو ساهه کڻي
هڪ سنجيده ۽ شاندار مرڪ مرڪندي
پٽ کي جواب ڏنو
“سروم دکم دکم”.